
شاهه ڪبير جي مزار
شاھہ ڪبير جي مزار: شاھہ ڪبير جي مزار وارو ماڳ سما دور سان تعلق رکي ٿو ۽ ضلعي بدين جي جوڻ شھر ۾ آهي. هيءَ مزار جنهن بزرگ جي آهي، اُهو شاھہ ڪبير ولد شاھہ جلال، ڄام نندي جي دور ۾ گذاري ويو هو. هڪ روايت آهي تہ مشھور سپھہ سالار دولھہ دريا خان جو والد هو. جڏهن سندس وفات ٿي تہ سندس پٽ قبوليو (دولھہ دريا خان) ننڍڙو هو. يتيميءَ سبب خيرپور گنبي جي طرف آيو ۽ راٺوڙن ۾ گابار ٿي بيٺو ۽ اڳتي هلي دولھہ دريا خان جي نالي سان مشھور ٿيو. قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ جي صنفن جي راءِ آهي تہ تاريخ ۾ اهڙي ڪا بہ ثابتي نٿي ملي تہ اها مزار دولھہ دريا خان جي والد جي آهي.