شاھہ گودڙيو 2

شاھہ گودڙيو (ڳوٺ)2: سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان مشھور آهي. اهڙن ئي تاريخي ڳوٺن ۾ شاھہ گودڙيو بہ اچي وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ سيد عبدالله شاھہ گودڙئي جي درگاھہ آهي جنهن جي ڪري ڳوٺ جو نالو بہ شاھہ گودڙيو آهي. هن درگاھہ تي پري پري کان هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. هتي ميلو بہ لڳندو آهي، جيڪو ميهڙ تعلقي ۾ مشھور رهي آهي، جيڪو بدامني سبب 1972ع کان بند آهي. هتي انگريزن جي دور جو ريسٽ هائوس پڻ آهي، جنهن ۾ هر سهولت موجود آهي. ريسٽ هائوس، ميهڙ ضلعي ڪائونسل دادوءَ جي نگرانيءَ ۾ آهي. ڳوٺ جي اوڀر ۾ مشھور شھر فريدآباد آهي، جيڪو 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اولھہ ۾ پير گل شاھہ ۽ ڳوٺ موجهڙ آهن، شاھہ گودڙيو کان اولھہ طرف بلوچستان جي سرحد صرف 24 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، اتر ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي سرحد آهي، جيڪا هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. ڏکڻ ۾ مشھور درگاھہ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي آهي، ڳوٺ جي آدم شماري 2000 جي لڳ ڀڳ آهي. هتي ڪچا پڪا 200 گهر آهن، ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي، جيڪو 1988ع ڌاري قائم ٿيو. ڳوٺ ۾ ضلعي ڪائونسل دادو طرفان هڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم 1981ع کان شروع ٿيل هئي، جيڪا بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو