شاهه گودڙيي جو مقبرو

شاهه گودڙيي جو مقبرو

شاھہ گودڙيو1

شاھہ گودڙيو1: هي فقير ذات جو کوسو هو. سندس اصل نالو عبدالله هو، پر عجز و انڪساريءَ سبب پاڻ کي گودڙيو سڏائيندو هو. ميان عبدالله ڪلهوڙي کان روايت آهي تہ هيءُ فقير ذات جو ڪلهوڙو هو، جيڪو اصل ۾ لاڙ جي شھر ولهار جو رهاڪو هو، خيرپور ميرس وارو ادهم سلطان سندس سڳو ڀاءُ هو. شاھہ گودڙيو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص اميرن مان هو. ميان صاحب کيس ميهڙ تعلقي جي فريدآباد جي جابلو لڪ جي نگهداريءَ لاءِ مقر ڪيو. جتي پاڻ پنهنجا فرض خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنائين. ضرورت وقت ميان نصير محمد کي فوجي جوان ڀرتي ڪري موڪليندو هو. سندس مزار هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جنهن جي مٿان مقبرو بہ تعمير ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو