شاھہ ڳڙھہ

شاھہ ڳڙھہ (شھر): سترهين صديءَ ۾ نصرپور پرڳڻي ۾ هيءُ قلعي وارو شھر هو، جنهن جو ذڪر بيگلار نامي ۾ ملي ٿو. هتي ابوالقاسم جو هيڊڪوارٽر هو، جنهن تي 1591ع ڌاري خان خانان جي چڙهائيءَ دؤران گهيرو ڪيو هو. سنڌ ۾ ان کي آبل جو ڪوٽ سڏيندا آهن. هيءَ نصرپور کان ست ميل پرتي، اوڀر پاسي آهي. ان جي ڀرسان لوهاري نالي هڪ ننڍڙو قلعو بہ هوندو هو، جنهن جو ذڪر بيگلار نامي ترخان نامي ۾ بہ ملي ٿو.


لفظ شاھہ ڳڙھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو