شبانه سنڌي

شبانه سنڌي: سنڌ جي برک ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪار شبانه سنڌيءَ جو جنم، 20 مارچ 1976ع تي ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ سيد عطا حسين شاھہ جي گهر ۾ ٿيو. تعليم جي حاصلات بعد تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي. هن ادبي دنيا ۾ 1990ع ۾ پير پاتو. هن پهريان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون فرضي نالي سان لکيون، بعد ۾ شبانه سنڌيءَ جي نالي سان ادب ۾ پير پاتائين. سندس پهرين ڪهاڻي ‘ڏک جنين جو ڏيج’ عورتن جي رسالي ‘بختاور’ ۾ ڇپي. هوءَ ڪيتري عرصي کان مسلسل ڪهاڻيون لکي رهي آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌي سماج جي انهن گهريلو ۽ معاشرتي مسئلن جا ترجمان آهن، جيڪي نئين دور مزاج ۽ ڌارين تهذيبن جي زير اثر آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘اداس سانجهي’ (ڪهاڻيون: 2001ع)، (2) ‘سپنو، ساڀيان ساڻ’ (ناوليٽ: 2005ع)، (3) ‘چنڊ، سمنڊ ۽ مان’ (شاعري: 2006ع) ۽ ‘ٻہ ناوليٽ’ (2011ع) قابل ذڪر آهن. کيس مڃتا طور سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد طرفان ‘ڪينجهر ڪهاڻي اوارڊ’ (1997ع) ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان 2011ع ۾ ‘ٻہ ناوليٽ’ ڪتاب تي ‘بھترين ناول’ جو اوارڊ ۽ 25 هزار روڪ رقم انعام طور مليا. شبانه سنڌيءَ جي شادي سيد منور علي شاھہ سان ٿيل آهي.


لفظ شبانه سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.03.20  عيسوي

سنڌ جي برک ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪار شبانه سنڌيءَ جو جنم، 20 مارچ 1976ع تي ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ سيد عطا حسين شاهه جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير ابوالمڪارم شهود سبزواري
ڀَنڀو
ابراهيم جويو
ڌڻيءَ پرتو سميجو
پنجل مير بحر
خواجہ محمد صالح کڙائي
شيخ حافظ عبدالغني ڊاڪٽر
انيس فاطمہ سومرو ڊاڪٽر
طالب حسين ڀورو بروهي
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون