شبنم اداڪاره

شبنم اداڪاره

شبنم اداڪارہ

شبنم (اداڪارہ): فلم انڊسٽريءَ ۾ پاڻ مڃائيندڙ نامور پاڪستاني اداڪارہ شبنم جو جنم، 17 آگسٽ 1942ع تي ڍاڪا، ان وقت اوڀر پاڪستان ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ مشھور اسڪاؤٽ ماسٽر ۽ فٽبال ريفري نئني بساڪ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو جهرنا بساڪ آهي. هن فلمي دنيا ۾ پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1961ع ۾ بنگالي فلمن: ‘ڪاکو نو آشني’، ‘هارا نو دن’ ۽ ‘راجڌاني بوڪي’ سان ڪيو. اردو زبان ۾ شبنم جي پهرين رليز ٿيندڙ فلم ‘چندا’ هئي، جيڪا 1962ع ۾ ڍاڪا (اوڀر پاڪستان/ موجودہ بنگلاديش) ۾ ٺھي. 1960ع واري ڏهاڪي جي اڌ کان ڪراچي، سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿي. 1963ع ۾ رليز ٿيندڙ اردو فلم ‘تلاش’ کيس شھرت جي بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو.
هن پنھنجي چاليھہ سالا فني سفر ۾ لڳ ڀڳ 160 فلمن ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪيو، جن مان 152 اردو، 4 بنگالي ۽ 4 پنجابي فلمون هيون. سندس رليز ٿيندڙ مشھور فلمن ۾: 1963ع ۾ ‘تلاش’، ‘ناچ گهر’ ۽ ‘پريت نہ جاني ريت’، 1964ع ۾ ‘ڪاروان’ ۽ ‘پيسي’، 1965ع ۾ ‘آخري اسٽيشن’، ‘ڪيسي ڪهون’، ‘ڪاجل’، ‘ساگر’، 1966ع ۽ 1967ع ۾ ‘بيگانہ’ ۽ ‘درشن’، 1968ع ۾ ‘جھان تم وهان هم’، ‘مين زندہ هون’، ‘سمندر’، ‘شريڪ حيات’، ‘تم ميري هو’، 1969ع ۾ ‘عندليب’، ‘لاڊلا’، ‘نصيب اپنا اپنا’، ‘نازنين’، ‘ناز’، ‘قسم اس وقت ڪي’ ۽ ‘آسرا’ رليز ٿيون.
1977ع ۾ باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندڙ فلم ‘آئينہ’ کان سواءِ ‘ميري حضور’، ‘نيا سورج’، ‘سنگم’، ‘شمع محبت’ ۽ ‘اُف يي بيويان’ فلمون رليز ٿيون.
شبنم جو شمار پاڪستان فلم انڊسٽري (لالي ووڊ) جي تمام ورسٽائل ۽ بھترين اداڪارہ طور ڪيو وڃي ٿو. مڪالمن جي ادائيگيءَ ۾ سندس مخصوص انداز ۽ لب لهجي کي فلمي شائقينن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن اردو، سنڌي، پنجابي، بنگالي اداڪارن ۽ اداڪارائن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هر قسم جي ڪردار کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان نڀايو. سندس مڙني فلمن کي سنڌ سميت سڄي ملڪ توڙي ٻين خطن ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. کيس ڪيترائي ڀيرا فلمي دنيا جي اهم اوارڊ، ‘نگار اوارڊ’ لاءِ نامزد ڪيو ويو، جيڪو هن 13 ڀيرا حاصل ڪيو. ان کان علاوہ کيس 3 ڀيرا پاڪستان نيشنل اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. هن 1964ع ۾ روبن گهوش نالي مشھور موسيقار سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس رونين گهوش نالي هڪ پٽ آهي.
1971ع ۾ بنگلاديش آزاد ٿيڻ بعد بہ شبنم ڪيترو وقت پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪيو، بعد ۾ پاڪستاني فلمن کي هميشہ لاءِ الوداع چئي بنگلاديش هلي وئي. هن وقت پنھنجي ڪٽنب سان گڏ ڍاڪا، بنگلاديش ۾ رهائش پذير آهي. تازو 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ لٽريچر فيسٽيول ۾ آئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.08.17  عيسوي

فلم انڊسٽريءَ ۾ پاڻ مڃائيندڙ نامور پاڪستاني اداڪاره شبنم جو جنم، 17 آگسٽ 1942ع تي ڍاڪا، ان وقت اوڀر پاڪستان ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ مشهور اسڪاؤٽ ماسٽر ۽ فٽبال ريفري نئني بساڪ جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمع سنڌي
سيد قائم علي شاھہ موسوي
ڀٽي اورنگزيب
ضياء شاھہ
عبدالقدير خان ڊاڪٽر
رتي ٻائي
احمد خان سهاڳ
بخش علي خاصخيلي
ڪوپرنيڪس
سھائي ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون