شبنم/ ماڪ

شبنم/ ماڪ

شبنم ماڪ

شبنم/ ماڪ: ٿڌي موسم جي گهِم يا آلاڻ کي شبنم/ماڪ چيو وڃي ٿو، جيڪا صبح سوير سج نڪرڻ کان اڳ زمين جي سطح تي موجود مختلف شين خاص ڪري معدني ۽ ڌاتوئي شين، گاهن، گلن، ٻوٽن ۽ وڻن جي پنن تي پاڻيءَ جي ننڍن قطرن جي صورت نظر اچي ٿي. سنڌيءَ ۾ هن کي ماٽ، ويهه ۽ اوس به چيو وڃي ٿو، جڏهن ته انگريزي زبان ۾ Dew ۽ عبراني ٻوليءَ ۾ Tal جي نالي سان سڏجي ٿي. يوناني ڏندڪٿائن ۾ Ersa کي شبنم/ماڪ جي ديوي چيو وڃي ٿو.
ماڪ ٺهڻ جو سبب زميني شعاعن جي حرارت آهي، جنهن سان هوا جو درجه حرارت گهٽجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٺوس شين سان لڳندڙ هوا ۾ موجود نمي، پاڻيءَ جي قطرن ۾ تبديل ٿئي ٿي. اڪثر گرمي پد جي تمام گهٽجي وڃڻ سبب شبنم/ماڪ، ملائم برف جي صورت پڻ اختيار ڪندي آهي، جنهن کي عام طور ’پارو‘ چيو وڃي ٿو. هن جو سڄو دارومدار زميني سطح جي گرمي پد تي ٿئي ٿو، تنهنڪري اونهاري جي آخر ۾ ماڪ اهڙين شين يا سطحن تي آسانيءَ سان ٿئي ٿي، جيڪي زمين جي گهرائيءَ مان گرمي جذب نٿا ڪن. جهڙوڪ: ڇٻر، پُل، ريل جون پٽڙيون، گاڏين جون ڇتيون، وڻن جا پن ۽ گل وغيره.
آبي بخارن جو ماڪ جي ڦڙن ۾ تبديل ٿيڻ جو سڄو دارومدار گرمي پد جي گهٽجڻ تي ٿئي ٿو. اهڙو گرمي پد، جنهن ۾ شبنم (ماڪ) ٺهڻ شروع ٿئي ٿي، تنهن کي Dew Point چئبو آهي ۽ ان جي ماپي لاءِ استعمال ٿيندڙ مخصوص آلو (اوزار) Drosometer آهي. سياري جي مند ۽ برساتي موسم ۾ ڪڪرن سبب گرمي پد جي گهٽجڻ ڪري وڌيڪ شبنم/ ماڪ پوي ٿي. ٿڌن علائقن ۾ شام جي وقت به مسلسل ماڪ پوي ٿي، جنهن سبب اهڙن علائقن ۾ ڪوهيڙو پڻ ڇانيل رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو