
شبنم گل
شبنم گل:نامور شاعرہ شبنم گل 5 جولاءِ 1963ع تي دادوءَ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گهر جنم ورتو. سندس اصل نالو رضيہ سلطانہ آهي. هڪ روايتي بلوچ خاندان جي نياڻي هئڻ ڪري کيس تعليم حاصل ڪرڻ کان مختلف شعبن تائين پھچڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش آيون، پر والد جي حوصلي افزائيءَ کيس اڳتي وڌڻ جو اتساھ ڏنو. شبنم گل ابتدائي تعليم سيوهڻ ۽ جوهيءَ ۾ حاصل ڪئي ، ان کان پوء دادو، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي تعليمي ادارن مان وڌيڪ تعليم ورتائين. شبنم گل 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. هن پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ايم. اي سان گڏ ايل. ايل. بي پڻ ڪئي آهي. 1990ع کان پوء تعليم کاتي ۾ انگريزيءَ جي استاد طور، حيدرآباد جي مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي رھي. شبنم گل شاگرديءَ واري زماني کان لکي رهي آهي. گرئجوئيشن ڪرڻ دؤران، هن ڪراچيءَ جي اردو اخبار ‘امن’ لاءِ عورتن جا 100 کان مٿي انٽرويو ڪيا ۽ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڪالم لکيا. ڪالم نگاري ۾ سندس اھم حصو آھي. ھوءَ اخباري ڪالمن وسيلي سياسي، سماجي ۽ نفسياتي مسئلن تي مستقل لکندي رهي آهي. هن ڪيترن نون ۽ جديد موضوعن کي پنھنجي تحريرن جو موضوع بڻايو آهي. سندس ڪالم ، سنڌي، اردو، انگريزي اخبارن: ڪاوش، جنگ، ڊان، امن، عوامي آواز ۽ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. ھن اخبارن لاء ڪالم ،مضمون،فيچر، انٽرويوز تحرير ڪيا. شبنم گل عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان وابستہ رھي. عبرت ميگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ صلاحڪار ھئڻ سان گڏ ھوء 1990/91ع ڌاري عبرت گروپ آف پبليڪيشن پاران، عورتن لاء نڪرندڙ رسالي بختاور جي ايڊيٽر رھي۔ ھوءَ 97 /91996ع دوران جاڳو اخبار جي ادبي صفحي جي ٻن سالن تائين ايڊيٽر پڻ رھي. 1986ع دوران ئي ھوءَ ريڊيو تي هڪ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ متعارف ٿي. ان کانسواء ڪيترن ئي ادبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي.هن "سگهڙين سٿ"، "سڳنڌ"، "صبح مھراڻ", "رهاڻ" ۽ تارن ڀري رات جهڙن مشھور پروگرامن ۾ ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏنا. هن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي پاران منعقد ٿيندڙ بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندي ، اسٽيج ڪمپيئرنگ جي شروعات ڪئي. . ان کانسواء ھن انگريزي ڊپارٽمينٽ جي پروگرامن سان گڏ ، مختلف ادبي پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪئي. ھن اڄ تائين سوين ادبي اسٽيج پروگرامن جي ميزباني ڪئي آھي. 1986ع ۾ ھن ٽيلي وزن جي سنڌي ڊرامي،" من اندر ميخون" ۾ اداڪاري ڪئي. ھن ڊرامي کي پروڊيوسر فيض ٻگهيو پيش ڪيو ھو ، جڏھن تہ ليکڪ آغا رفيق ھو. پر ھن ڊرامن بدران ڪمپيئرنگ جي شعبي سان وابستہ رھڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بادل جمالي جي پروگرام "سنڌ رنگ" ذريعي ٽيلي وزن ڪمپيئرنگ جي شروعات ڪئي. 1989ع کان 1995ع تائين ھن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي سنڌي ۽ اردو پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪئي. سندس ڪمپيئرنگ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن ٽي. ويءَ تي "سنڌ رنگ "‘سگهڙين سٿ ’ ، ‘سرتيون’ ۽اردو ۾ ‘سر لطيف’ جھڙا ڪامياب پروگرام ڪيا. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ کان علاوہ ڊراما بہ لکيائين، سندس پھريون ريڊيو لاءِ لکيل ڊرامو، ‘اجهاميل ڏيئو’ نشر ٿيو. ان کان پوءِ هن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڊراما لکيا. سندس اردوءَ ۾ لکيل ڊرامن "خواب ريزہ ریزہ"۽ "تپش" کی سال جا بھترين ڊراما قرار ڏنا ويا. اھي ڊراما سيد نور اظھر جعفري پروڊيوس ڪيا. اردو ڊرامي "ابر گريزان"کي ايوارڊ لاء چونڊيو ويو. اھو ايوارڊ ان ڊرامي جي بھترين پروڊڪشن تي پروڊيوسر الياس رضا کي مليو. شبنم گل ٽيليويزن لاءِ بہ ڊراما لکيا آهن، جيڪي پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ هم ٽي وي تي نشر ٿي چڪا آهن.سندس لکيل ڊرامو ھم ٽي وي تان نشر ٿيو .پنجاھ قسطن تي مشتمل سوپ ،" هم لڙڪيان" پنھنجي دور ۾ مقبولیت ماڻي. ان ڊرامي جي پروڊيوسر مشھور اداڪارہ ليلي واسطي ھئي. ريڊيو ۽ ٽيلي وزن جي ڊرامن تي مشتمل سندس ڪتاب ، "لھرن جو گيت " رومي پبلشرز پاران 2021ع ۾ شايع ٿيو. شبنم افسانوي ۽ غير افسانوي ادب ۾ مھارت رکي ٿي. کيس نثري صنفن جي گهاڙيٽن جي سٺي ڄاڻ آھي. ھن ڪيترائي افسانا لکيا آھن. شبنم گل 1989ع کان سنڌي ڪھاڻيءَ جي کيتر ۾ متعارف ٿي. هن جون ڪھاڻيون مشھور سنڌي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. ڪھاڻين ۾ هن انساني نفسيات ۽ سماجي مسئلن کي پنجنجي تحريرن جو موضوع بنايو آھي. سنڌ سان لاڳاپيل موضوعن کي ھن ترجيحي بنياد تي اوليت ڏني آھي. سندس ڪھاڻين جا ٽي ڪتاب شايع ٿيا آھن جن ۾ ،"اڻڄاتل شھر جو نقشو" ،نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران 1994ع ۾ ڇپيو. سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ،"خالي ھنج جو ڏک" جي عنوان تحت ، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور پاران 1917ع ڇپجي منظر عام تي آيو, جنهن کي پڻ سنڌي لئنگئيج پاران سال جو بھترين ڪتاب قرار ڏنو. سندس ڪھاڻين جو ٽيون ڪتاب، "اڌوري ڪٿا" نفسيات تي لکيل ڪھاڻين جو مجموعو آھي ،جيڪو 2024ع ۾ ريکائون پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. شبنم گل جي آتم ڪٿا ،" منهنجو سورج مکي" 2008۾ شايع ٿي ،جنهن کي پڙھندڙن پاران گهڻي موٽ حاصل ٿي. 1991ع ڌاري شبنم گل شاعريءَ جو آغاز پڻ ڪيو. هن غزل، وائي، بيت، نظم ۽ هائيڪا لکيا آهن. مھان ڪوي شيخ اياز سندس شاعريءَ کي ساراهيندي لکيو آهي تہ “شبنم جي شاعريءَ ۾ مرداڻي سماج خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جو حوصلو موجود آهي." اهڙيءَ ريت شبنم جي طويل نظم "خود ڪلامي" کي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو"آخري لفظ" 1993ع ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريء جو ٻيو مجموعو ، "درد جي لئي" 2020ع ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتاب جا مھاڳ احمد سليم ۽ امداد حسيني لکيا آھن. شبنم گل, نفسيات جي موضوع تي ڪيترائي ڪالم / مضمون لکيا آھن. سندس نفسيات تي لکيل اھم ڪتاب ،" خودشناسی جو جوھر " سنڌيڪا اڪيڊمي پاران2019ع ۾ شايع ٿيو،جنھن کي ترقي پسند مصنفين پاران ،سال جو بھترين ڪتاب قرار ڏنو. سنڌي ڪالمن جو ھڪ ٻيو ڪتاب ، "لفظن جا ديپ" 2019ع ڌاري، نئون نياپو ڪراچي شايع ڪيو. نفسيات جي موضوع تي سندس اردوءَ ۾ ڪتاب ، "تحت الشعورڪي طاقت"1921ڌاري ،فڪشن ھائوس لاھور پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.ان ئي سال فڪشن ھائوس پاران, سندس اردو ڪالمن جو ڪتاب،"پياسي لھرين"پڻ منظر عام تي آيو. شبنم گل سفري مضمون پڻ لکيا آھن ، جيڪي ڪاوش، اردو ايڪسپريس ۽ ڊان اخبار ۾ پڻ شايع ٿيا. سندس اردوءَ ۾ سفرنامو ، "خواب نگر"جي عنوان ھيٺ 2021ع ڌاري ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيو. شبنم ماحوليات جي موضوع تي ناول، "مکي کان موڪلاڻي" 2015ع ۾ لکيو، جنهن کي سنڌي لئنگئيج پاران سال جو بھترين ناول قرار ڏنو. شبنم گل، لطيفيات ۽ صوفي ازم تي سائنسي ۽ نفسياتي طور تي تحقيق ڪئي آھي. شاھ لطيف ۽ وليم ورڊزورٿ جي شاعريء جو تقابلي جائزو پھريون ڀيرو ڊان اخبار ۾ 2004ع ۾ شايع ٿيو. جنھن کان پوء ھن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ شاھ لطيف ۽ حضرت سچل سرمست تي انيڪ مضمون لکيا. سندس لطيف شناسيءَ تي ڪتاب ،" شاہ لطیف اور جمالیات"،2024ع فڪشن ھائوس ، لاھور شايع ڪيو. ان ئي سال لطيف شناسيءَ تي سندس اھم ڪتاب، "شاھ لطيف ۽ پرڏيھي شاعرن جو فڪري اڀياس" پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي ڇپيو.ان ڪتاب ۾ وليم ورڊز ورٿ، وليم بليڪ، وليم شيڪسپيئر، جان ملٽن، ڪيٽس ، والٽ وٽامن ۽ جان ڊن کان علاوہ دنيا جا ٻيا شاعر پڻ شامل آهن. ادبي دنيا ۾ مستقل متحرڪ رھندي، ھن سنڌي ادب جي منفرد ۽ جديد موضوع ڏنا آھن. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سندون ملي چڪيون آھن. پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ سيڪريٽري رهي آهي. شبنم گل، پرنسپال طور گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مان 5 جولائي 2023ع تي رٽائر ڪيو.سندس شادي 1995ع ۾ سنڌ جي مشھور ادبي گهراڻي جي نامياري محقق اشتياق انصاريءَ سان ٿي، جيڪو سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. شبنم کي ٻہ ٻار آهن. سندس ٻار عرين انصاري ۽ عرصم انصاري پڻ علم و ادب سان چاھ رکن ٿا. شبنم گل جي شخصيت ، فن ۽ فڪر ايندڙ نسلن لاء قابل تقليد مثال آھي.
1963.07.05 عيسوي
مشهور ليکڪا، شاعره، ڪالم نويس ۽ ڪمپيئر، شبنم گل، 5 جولاءِ 1963ع تي دادوءَ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گھر جنم ورتو.