شب برات: قمري سال جي اٺين مهيني ‘شعبان’ جي چوڏهين رات کي ‘شب برات’ چيو وڃي ٿو. قرآن ۾ ان کي مبارڪ رات چيو ويو آهي ۽ ڄاڻايل آهي تہ هن رات هر معاملي جو حڪيماڻو ۽ محڪم فيصلو ﷲ جي حڪم سان صادر ڪيو ويندو آهي. ان ڀلاري رات ماڻهن، قومن ۽ ملڪن جا فيصلا ڪري ﷲ تعاليٰ فرشتن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. نبي پاڪ صہ شب برات جي رات عبادت ڪرڻ ۽ ڏينهن جو روزو رکڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. حديث شريف ۾ آهي تہ انهيءَ رات ۾ ﷲ تعاليٰ سڀ کان هيٺئين آسمان تي لھي ايندو آهي ۽ انسانن جا گناھہ معاف ڪرڻ لاءِ پڪاريندو آهي. ان رات کي ليلة البراة بہ چون ٿا. يعني مغفرت جي رات.