شب معراج

شبِ معراج: معراج جي لغوي معنيٰ ‘ڏاڪڻ’ ۽ اصطلاحي معنيٰ ‘بلندي ۽ روحاني ڪمال’ آهي. معراج جي ڀلاري رات سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وآله وسلم بحڪم خدا عرش عظيم تي تعاليٰ سان ملاقات لاءِ ويا، انهيءَ ڪري ان کي ‘شبِ معراج’ چيو ويندو آهي. قرآن مجيد جي ‘سورة بني اسرائيل’ جو آغاز هنن لفظن سان ٿئي ٿو، “سبحن الذي اسريٰ بعبدا ليلا من المسجد الحرام... الخ”. هن آيت جو تعلق سرور ڪائنات رسول خدا حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وسلم جن جي آسماني سفر سان آهي. هن آيت جي تفسير ۽ تعبير ڪندي ديني عالم ۽ محقق، پاڻ سڳورن جي ان آسماني سفر کي جسماني ۽ بيداريءَ واري حالت ۾ سان ملاقات قرار ڏين ٿا، ۽ سڀئي عالم انهيءَ ڳالھہ تي بہ متفق آهن تہ معراج وارو واقعو حضرت ابوطالب ۽ بيبي خديجة الڪبريٰ جي رحلت کان پهرين مطلب 5 ق.ھہ/ 618ع جو آهي، پر ‘سيرة النبي’ ۾ سيد سليمان ندوي ڄاڻائي ٿو ته، “معراج جو واقعو هجرت واري سال کان تقريباً سال يا ڏيڍ سال پهرين (1 ق. ھہ/ 621ع) جو آهي.”
قرآن مجيد ۾ معراج جو ذڪر ‘سورة بني اسرائيل’ جي آيت نمبر 1، ‘سورة النجم’ جي آيت نمبر 1 کان 18 تائين ۽ ‘سورة تڪوير’ جي آيت نمبر 19 کان 24 تائين ۾ ڪيو ويو آهي. معراج جي واقعي بابت ديني عالمن ۽ محققن، هنن آيتن جي تفسير ڪندي پنهنجا پنهنجا عالماڻا دليل ڏنا آهن.
شب معراج سمورا مسلمان وڏي عقيدتمنديءَ سان ملهائيندا آهن. معراج 27 رجب المرجب جو ڏهاڙو هوندو آهي ۽ سڀ مسلمان 27 رجب المرجب جي رات يعني ‘شبِ معراج’ تي سڄي رات عبادت ۾ بسر ڪندا آهن.(حوالو: ‘اردو دائره المعارف اسلاميہ’، جلد 21)


لفظ شب معراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو