
شتروگهن سنها
شتروگهن سنها (اداڪار): هندستاني فلم انڊسٽريءَ جي برک اداڪار ۽ سياستدان شتروگهن سنها جو جنم 15 جولاءِ 1946ع تي پٽنا، ضلعي بھار ۾ ٿيو. سندس پورو نالو شتروگهن پرساد سنها آهي، پر شوٽ گن ۽ شترو جي نالي سان عام مقبول آهي. هن اعليٰ تعليم سائنس ڪاليج پٽنا مان حاصل ڪئي ۽ عملي زندگيءَ جي حوالي سان فلمي دنيا جو رخ ڪيو. سندس پهرين رليز ٿيل فلم ساجن (1969ع) هئي. ان کان اڳ ۾ هن ديو آنند جي فلم ’ پريم پوڄاري‘ ۾ پاڪستاني ملٽري آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو، پر اها فلم ڪجهہ سببن جي ڪري وقت تي رليز نہ ٿي سگهي. ‘ساجن’ فلم مان پذيرائي ملڻ بعد هن اداڪاريءَ کي مستقل پيشي طور اختيار ڪيو، جنهن بعد هڪٻئي پٺيان سندس بيشمار فلمون رليز ٿيون. فلمي دنيا ۾ کيس اعليٰ حيثيت حاصل رهي آهي، مڪالمن جي ادائيگيءَ ۾ سندس منفرد انداز کي فلمي شائقينن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن ڪيترين ئي فلمن ۾ نہ صرف مکيہ هيرو جا ڪردار ادا ڪيا بلڪہ معاون ۽ منفي ڪردارن کي بہ بخوبي نڀايو.
فلمي دنيا کان پاسيرو ٿيڻ بعد هن وقت هندستاني سياست ۽ فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور نموني سرگرم آهي. شتروگهن سنها 2004ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ بھار رياست جي تڪ پٽنا مان ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿي تيرهين لوڪ سڀا جو ڪيبينيٽ وزير منتخب ٿيو. ان کان علاوہ مختلف وقتن تي هيلٿ ائنڊ فئملي ويلفيئر ۽ ڊپارٽمينٽ آف شپنگ جي وزارت جو قلمدان پڻ سنڀاليائين. سياست ۾ ڪافي سرگرم آهي ۽ 2006ع کان ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي تنظيم بي. جي. پي ڪلچر ائنڊ آرٽس ڊپارٽمينٽ جو سربراھہ آهي. هن سنڌياڻي پونم چنديراماڻيءَ (هاڻي پونم سنها) سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءُ اداڪارہ سوناڪشي سنها ۽ ٻن پٽن لَو (Luv) سنها ۽ ڪش سنها جو اولاد ٿيو. پونم جو خاندان سکر جو رهاڪو هو، جتي سندس ڏاڏو سنڌ پوليس ۾ ڊي ايس پي هو. شتروگهن سنها پنھنجي گهر واري پونم سان گڏ گذريل 22 سالن کان مختلف وقتن تي سنڌ ايندو رهيو آهي.
هن، بحيثيت معاون ۽ بھترين اداڪار طور ڪيترا اوارڊ حاصل ڪيا آهن، جن ۾: ‘تنھائي’ فلم ۾ بھترين معاون اداڪار طور ‘بنگال فلم جرنلسٽس ايسوسيئيشن اوارڊ’ (1973ع)، اسٽار ڊسٽ اوارڊ طرفان ‘پرائيڊ آف دي فلم انڊسٽري’ ۽ ‘لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ’ (2003ع)، ‘نيشنل ڪشور ڪمار سمان’ (2007ع)، زي سني اوارڊ طرفان ‘لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ’ ۽ انڊين ٽيليويزن اڪيڊمي طرفان The ITA Scroll of honor (2011ع) ۽ آئيفا طرفان انڊين سئنيما ۾ بھترين خدمتون سر انجام ڏيڻ تي Out-standing contribution to Indian Cinema Award (2014ع) شامل آهن. ان کان سواءِ فلم ‘پارس’، ‘دوست’، ‘ڪالا پٿر’ ۽ ‘دوستانا’ ۾ بھترين معاون اداڪار طور فلم فيئر اوارڊ لاءِ مختلف وقتن تي نامزد پڻ ٿيو.
1946.07.15 عيسوي
شتروگهن سنها جو جنم 15 جولاءِ 1946ع تي پٽنا، ضلعي بهار ۾ ٿيو.