شجاعت علي بکري

شجاعت علي بکري: سيد شجاعت علي بکري سنڌ جو رهاڪو هو ۽ پوءِ وڃي مغل بادشاهن جو خاص امير مقرر ٿيو. مولانا دين محمد وفائي، پنھنجي ڪتاب ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ لکي ٿو تہ: “سيد شجاعت علي بن سيد لطف علي بکري مغل بادشاھہ شاھجھان جي اميرن مان هڪ نامور امير ٿي گذريو آهي. ڪجهه عرصو دوآبه جو فوجدار رهيو ۽ ڪجهه عرصو قلعه ڪانگڙا جي نگهبانيءَ تي مامور رهيو هو. شاھجھان پنھنجي جلوس جي 27 هين سال هن کي پيرسنيءَ جي ڪري ملازمت تان رٽائر ڪري ڇڏيو ۽ کيس اتر پرديش ۾ فريدآباد جي پرڳڻيءَ ۾ چار لک ملھہ جي جاگير ۽ پندرهن سؤ سوارن جو منصب عطا ڪيو هو. شاھجھان بادشاھہ جي وفات کانپوءِ اورنگزيب بہ مٿس عنايت جي نظر ڪئي. اورنگزيب تخت نشينيءَ جي ٻئي سال کيس ‘شجاعت خان’ جو خطاب ڏنو. آخري عمر ۾ سيد شجاعت علي گوشه تنهائيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳو.


لفظ شجاعت علي بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو