شجره سادات پوراني (ڪتاب): تاريخ جو هي اهم ماخذ ڪتاب سيد مرتضى ميرڪ بن سيد محمود جو تصنيف ڪيل آهي. هن تاريخي ماخذ واري مخطوطي ۾ پوراني سيدن جو حسب نسب تفصيل سان ڏنو ويو آهي. نسخي ۾ سيد مرتضى ميرڪ پنھنجي خاندان جي شجري سميت ان وقت جي مشھور ۽ تاريخي واقعن تي پڻ مختصر پر جامع روشني وڌي آهي. نسخي ۾ پوراني ساداتن کان اڳ جي گذريل توڙي ان وقت جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ خوش نويسن، سياسي بصيرت رکندڙ شخصيتن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. تذڪري ۾ مؤلف پاران ڪيترن ئي هنڌن تي فارسيءَ جا ڪيترائي شعر ڏنا ويا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سيد ميرڪ نثر سان گڏ شاعريءَ جو پڻ ڄاڻو ۽ شائق هو. تذڪري ۾ بکر جي پوراني ساداتن جو احوال تفصيل سان ڏنو ويو آهي، جڏهن تہ بکر جي ساداتن جي ڀيٽ ۾ ٺٽي جي پوراني ساداتن جو تذڪرو مختصر نموني ڪيو ويو آهي. هن نسخي ۾ مير معصوم بکريءَ جي پٽن جا نالا ۽ انهن جا ڪارناما بہ ڏنا ويا آهن. ان کان علاوہ روهڙي ۽ سکر جي شيرازي ساداتن جو ذڪر ۽ انهن جا خانداني شجرا، مختلف مشاهيرن جو احوال ۽ ان دور دوران واسطيدار مغل گورنرن، فوجدارن ۽ عملدارن جو ذڪر ڪندي پڻ انهن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي، جنهن سان ان وقت جا واقعا قلمبند ٿيل ملن ٿا. نسخي ۾ موجود ڪي ڳالهيون ٻين هنڌن تي اڪثر ميسر ناهن. نسخي جو مؤلف پنھنجي وقت جو وڏو ڄاڻو هو. شجره سادات پوراني، لڳ ڀڳ 1155ھہ/ 1742ع ڌاري لکجي مڪمل ٿيو، جنهن کانپوءِ سيد مرتضى ميرڪ پنھنجي حياتيءَ دوران ان ۾ سڌارا ۽ واڌارا آندا. شجري جي لکندڙ 1162ھہ/ 1749ع ۾ وفات ڪئي. فارسي زبان ۾ عمدي خط نستعليق سان تحرير ڪيل هي نسخو 200 صفحن تي مشتمل آهي. قلمي نسخو سيد عاشق حسين شاھہ موسوي سکر واري جي ذاتي سنڀال هيٺ هو، جتان سيد غلام مصطفى شاھہ وٽ رهيو، ان بعد ﷲ جڙيي انصاريءَ کي علمي استفادي لاءِ اهو قلمي نسخو دستياب ڪري ڏنو.
هن شجري کي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ليکڪ انجنيئر عبدالحسين موسويءَ موجب اصل قلمي نسخو (شجره سادات پوراني) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتبخاني ۾ آهي. جڏهن تہ خاندان وٽ ان جي فوٽو ڪاپي موجود آهي.