
شجره مسلم عمراڻي قوم
شجره مسلم عمراڻي قوم (ڪتاب): عمراڻي قبيلي بابت هي ڪتابچو حڪيم جراح محمد عمر عثمان ڪڇي وراڙيا جي ڪتاب ‘شجره خليفہ قوم’ جو سنڌي ترجمو آهي. جنهن جو سنڌيڪار ماستر الھہ ورايو عمراڻي آهي. هن ڪتابڙي ۾ شجرو، ڏاڏي جلال عمراڻيءَ جي وصيت، حجامت جو ڌنڌو ۽ ان جي خاصيت، طھر ڪرڻ جو طريقو وغيرہ جي عنوان سان لکـڻيون شامل آهن.
ڪرائون سائيز جي 28 صفحن تي مشتمل هن ننڍڙي ڪتابڙي کي ڪڇي مسلم عمراڻي جماعت بدين ڇپرايو، جنهن جي قيمت ٻہ روپيا آهي. سال ڄاڻايل نہ آهي.