شداد بن عاد

شداد بن عاد (خدا هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ): حضرت هود عليہ السلام جي دور ۾ ‘قومِ عاد’ گهڻي مشھور هئي، انهيءَ قوم عاد ۾ عاد بن عملاق جا ٻہ پٽ شديد ۽ شداد، شام ملڪ ۾ شاهاڻي شان و شوڪت سان اُڀريا ۽ ٻنهي ڀائرن مان شداد گهمنڊ ۾ ڀرجي خدا هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳو. شداد ان وقت جي بادشاھہ ضحاڪ جو ڀاڻيجو هو. جڏهن شداد سلطنت جو شهنشاھہ ٿيو تہ سندس مملڪت جو دارالحڪومت شام ملڪ هو. شداد جي ماتحت هڪ روايت موجب 260 بادشاھہ، ۽ ٻي روايت مطابق 400 بادشاھہ هئا. ‘مجمع البحرين’ جو مصنف لکي ٿو ته، “شداد پوري دنيا تي بادشاهت ڪرڻ لڳو هو.” ‘عجائب القصص’ ۾ آهي ته، “شداد دنيا تي ظلم، قھر ۽ غضب جي ذريعي قبضو ڪيو هو.”
حضرت هود عليہ السلام کي خدا جو فرمان پهتو تہ تون وڃ ۽ شداد کي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪر، حضرت هود عليہ السلام خدا جو حڪم ملندي ئي شداد جي درٻار ۾ پهتو ۽ ان کي چيائين ته، “خداوند عالم تو کي تقريباً هڪ هزار سال عمر ڏني ۽ هڪ هزار خزانا عطا ڪيا. تو هڪ هزار خوبصورت ڇوڪرين سان شادي ڪئي ۽ هڪ هزار بادشاهن جي لشڪرن کي شڪست ڏني، ان مان ظاهر آهي تہ اگر خداوند عالم جي تو تي عنايت ۽ مهرباني نہ هجي ها تہ اهي نعمتون تو کي حاصل نہ ٿين ها. هاڻي تو کي گهرجي ته، تون خدا جي آڏو سِر جهڪائي ۽ ان جي ربوبيت جو اقرار ڪري ان جو مطيع ۽ فرمانبردار ٿي.” اهو ٻڌي شداد حضرت هود عليہ السلام کان پڇيو ته، “اگر آءٌ ايمان آڻيان تہ تنهنجو خدا مون کي ڇا ڏيندو؟” حضرت هود عليہ السلام فرمايو ته، “جيڪڏهن تو ايمان آندو ته، خدا تو کي جيڪي ڪجهہ هتي ڏنو آهي،
ان ۾ ٻيڻو اضافو ڪندو ۽ تنھنجي مرڻ کانپوءِ تو کي جنت ۾ داخل ڪندو.” شداد پڇيو تہ “جنت ڇا آهي؟” حضرت هود عليہ السلام جنت جي مدح ۽ ان جو تفصيل سندس آڏو بيان ڪيو. اهو ٻڌي شداد چيو ته، “هيءَ تہ ڪا خاص شيءِ نہ آهي، جو آءٌ تنھنجي مسلڪ ۾ شريڪ ٿيان. اي هود! آءٌ تو سان عزم ٿو ڪريان تہ هن ئي زمين تي جنت ٺاهي ڏيکاريندس.” حضرت هود عليہ السلام خدا جو پيغام پهچائڻ کانپوءِ واپس هليو ويو ۽ شداد مصنوعي جنت جي تعمير ۾ مصروف ٿي ويو.
هن سڀ کان پهرين جنت ٺاهڻ لاءِ سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ماتحت بادشاهن کي حڪم ڏنائين تہ وٽن جيترو بہ سون، چاندي، جواهر، مرواريد، لاجورد، مرجان، نيلم، ياقوت، هيرا موتي، مشڪ عنبر، ڪافور ۽ ٻيون ناياب شيون هجن، سي سڀ دارالحڪومت شام ۾ موڪلي ڏين ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شداد جي جنت جنهن کي ‘باغ ارم’ سڏيو وڃي ٿو، لاءِ سامان فراهم ٿيو. سامان ۽ اسباب فراهم ٿيڻ کانپوءِ شداد ٽي هزار فن تعمير جا ماهر مقرر ڪيا، جن مان هرهڪ جي هيٺ هڪ سئو مزدور ڏنا ويا. هن باغ جي ڀتين ۾ سون ۽ چانديءَ جون سرون لڳرايون. ٿنڀا بلور جا ٺاهيا ويا، عجيب ۽ غريب قسمن جا باغ تعمير ڪيا ويا، نهرن ۾ پاڻيءَ بدران کير، ماکي ۽ قسمين قسمين جا مشروبات وهڻ لڳا، جن ۾ پٿرن جي جاءِ تي جواهرات موجود هئا. حورن ۽ غلمانن بدران سڄيءَ دنيا مان (باندي) حسين ڇوڪريون ۽ نهايت حسين ڇوڪرا گڏ ڪيا ويا، جن کي سونن وڻن جي باغن ۾ شداد جي خدمت چاڪريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو. باغن ۾ مشڪ، عنبر ۽ صندل جا وڻ لڳايا ويا، جتي هوا سبب مٽي اڏامڻ بدران زعفران ۽ عنبر اڏامندا هئا. باغ ارم يا شداد جي جنت ۾ موجود سڀني محلاتن جا ٿنڀا پٿر مان ٺهيل هئا. جڏهن اها جنت مڪمل ٿي ۽ شداد کي اطلاع مليو، تڏهن تفصيل ٻڌڻ کانپوءِ حڪم ڏنائين ته، باغ ارم جي چوڌاري هڪ مضبوط قلعو ٺاهيو وڃي ۽ ان قلعي جي چوڌاري هڪ هزار محل تيار ڪيا وڃن ۽ انهن محلن ۾ سندس هڪ هزار وزيرن کي رهائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، اهو حڪم ملندي ئي قلعي ۽ محلن جو ڪم شروع ٿي ويو، جيڪو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو.
جڏهن ‘شداد جي جنت’/ ‘باغ ارم’ بلڪل مڪمل ٿي چڪو هو تہ شداد کي اطلاع مليو. شداد، حضر موت (يمن جي اڀرندي پاسي ۾ هڪ قديم مملڪت ۽ هن دور ۾ هڪ اهم شھر) ۾ رهندو هو، هو پنھنجي حڪومتي ارڪانن، 200 وزيرن ۽ 30000 جي لشڪر کي پاڻ سان وٺي، پنھنجي تعمير ڪرايل جنت ڏسڻ لاءِ هليو، هو سڀني سان گڏ قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنھنجي خاص الخاص همراز وزير کي ساڻ ڪري هلڻ لڳو، جڏهن جنت جي دروازي تي پهتو تہ اتي هڪ شخص بيٺل هو، شداد کانئس پڇيو ته، “تون ڪير آهين ۽ بنا اجازت جي اندر داخل ڪيئن ٿيو آهين؟” ان شخص جواب ڏنو ته، “آءٌ ملڪ الموت (حضرت عزرائيل) آهيان ۽ حڪم خدا سان تنهنجو روح قبض ڪرڻ لاءِ آيو آهيان،” اهو ٻڌي شداد هيسجي ويو ۽ پنهنجو موت اکين آڏو ڏسي، پنھنجي تعمير ڪرايل جنت کي وڏي حسرت سان ڏسڻ لڳو. شداد، ملڪ الموت کي چيو ته، “مون کي ايتري مهلت ڏي جو آءٌ پنھنجي جنت جو سير ڪري وٺان”، ملڪ الموت جواب ڏنو تہ “خدا جي حڪم آڏو ڪنهن جي بہ ڪانہ هلندي.” اهو ٻڌي شداد جنت ۾ داخل ٿيڻ لڳو. هن جو هڪ پير ٻاهر هو ۽ هڪ پير جنت جي چانئٺ تي اڃا مس پهتو تہ ملڪ الموت سندس روح قبض ڪري ورتو ۽ اها تعمير ڪرايل جنت، پاڪ زمين تان کڻائي ورتي.
شداد پنھنجي تعمير ڪرايل جنت جو نالو ‘باغ ارم’ رکيو هو، ڇو تہ ارم شداد جو ڏاڏو ۽ حضرت نوح عليہ السلام جو پوٽو هو، يعني بن عاد'>شداد بن عاد بن عملاق بن ارم بن سام بن نوح عليہ السلام. اها جنت هڪ روايت مطابق 300 سالن ۾ ۽ ٻيءَ روايت مطابق پنج سئو سالن ۾ تيار ٿي. شداد جي عمر 900 سال هئي.


لفظ شداد بن عادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو