شرادا (لپي/ رسم الخط)

شرادا (لپي/ رسم الخط)

شرادا لپي رسم الخط

شرادا (لپي/ رسم الخط): هي برهمڻي خاندان سان تعلق رکندڙ ابجدي نموني جي لپي آهي، جيڪا اٺين ۽ ڏهين صديءَ ڌاري اُسري. هن لپيءَ جو استعمال سنسڪرت ۽ ڪشميري ٻولين جي لکت لاءِ ڪيو ويندو هو. گرمکي لپيءَ جي اوسر به شرادا لپيءَ مان ٿي، جيڪا هندستان ۽ سنڌ جي وسيع ايراضيءَ ۾ استعمال ٿيندي هئي. اڳتي هلي هن لپيءَ جو استعمال ڪشمير تائين محدود ٿي ويو. هن وقت شرادا لپيءَ جو استعمال تمام ٿورو ڪشميري پنڊتن جي مذهبي مقصدن لاءِ ٿيندو آهي. لغوي حوالي سان شرادا، ’سرسوتيءَ‘ جو متبادل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’سکيا جي ديوي‘ آهي. پنجاب جي ڳوٺ هُند (Hund) مان مليل هن لپيءَ جو آڳاٽو نمونو 774ع جو ڄاڻايو وڃي ٿو. هن وقت به برهمڻن جو هڪ ننڍو گروهه (نجومي) علم نجوم ۽ مذهبي رسمن جي لکڻ لاءِ هن لپيءَ کي ڪتب آڻي ٿو. سنسڪرت ٻولي ۽ ادب ۾ شرادا ديشا لپيءَ بابت ڪافي حوالا ملن ٿا. ڪشمير کي ‘شرادا شيترا’ (Sharada Kshetra) يعني ‘شرادا ديويءَ جي زمين/ ڌرتي’ به چيو وڃي ٿو.
1822ع ۾ ڪشميري زبان ۾ بائيبل جو ترجمو شرادا لپيءَ ۾ ڇپيو هو، جڏهن ته ان جو ٻيو ڇاپو خط نستعليق ۾ شايع ٿيو. يجنو پويٿا (ميخاله) جي وصال وقت، خانداني پنڊت ڪلاگرو (Kulaguru) برهماچاري ڪاٺ جي ٽڪري تي سڌا ماتريڪا [شرادا لپيءَ جي پراڻي صورت] ۾ ڪجهه اکر تحرير ڪيا، اها روايت اڄ به برقرار آهي.
جيستائين ‘لنڊا’ جي حيثيت جو سوال آهي ته اها برهمي لکت جي بنياد تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ رائج لکت هئي. اهي لپيون جيڪي غير لنڊا لکتن کي ويجهو هيون، سي ٽڪري لپيءَ ۾ لکيون ٿي ويون. ٽڪري خط ابتدائي طور ڏکڻ ڪشمير ۽ هماچل پرديش ۾ وسيع پئماني تي لکجندڙ لپي هئي، جنهن کي عام طور پهاڙي لپيون به چيو ويندو هو، بعد ۾ انهيءَ لکت جي جاءِ ديوناگري ورتي. ٽڪري لکت جي مطالعي مان لنڊا سان سندس هڪجهڙائي خاص ڪري حرف علت جي آوازن/ اچارن سان تمام گهڻي مشابهت ڏسجي ٿي. ايتري قدر جو مهاراجا ڏاهر جي وقت تائين سنڌ جي حد ڏکڻ ڪشمير سان مليل هئڻ ڪري ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته آڳاٽي وقت ۾ ڪشميرين ۽ سنڌين جا هڪٻئي سان ويجها لاڳاپا رهيا هوندا. ان ڏس ۾ هڪ اهم فرق گرمکي لپيءَ جي صورت ۾ به نظر اچي ٿو. پنجاب ۾ سک پنجابين، پنجابي لنڊا ۾ نواڻ آڻي، ان کي گرمکي لپيءَ جي صورت ڏئي اختيار ڪيو.
پنجاب ۽ سنڌ ۾ لنڊا تي ڪيل هڪ تحقيقي جائزي دوران ٽڪري ۽ شرادا لکتن وچ ۾ ملندڙ انيڪ هڪجهڙاين ان حقيقت کي ٻيهر هٿي ڏني آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير ۽ هماچل پرديش آڳاٽي وقت کان هڪٻئي جي ويجهو رهيا هئا ۽ نمايان طور ٻولين جو هڪٻئي تي اثر پيو هوندو. جنهنڪري سنڌي لکت واڻڪي ۽ گرمکيءَ جو شرادا سان ڪو خانداني لاڳاپو ضرور آهي.
اولهه هماليائي لکتن مان شرادا لپيءَ لاءِ هي فخر جي ڳالهه آهي ته هي لپي اتر اولهه حصن ۾ صديون اڳ تقريباً نائين صديءَ ۾ برهمي خط سان ڀاڱي ڀائيوار رهي ۽ ڪافي سالن تائين هماليا جي اولهه وارن علائقن: سرحد (موجوده خيبر پختونخوا)، داردستان، ڪشمير، ڄمون، لداخ ۽ هماچل پرديش جي مقبول ترين لکت رهي. انهن علائقن مان مليل تاريخي ڪتبن ۽ ادبي تحريرن جا رڪارڊ شرادا ۾ لکيل ملن ٿا. اهي رڪارڊ تاريخي ۽ ثقافتي سطح تي ڪيترن ئي حقيقتن تي روشني وجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. ڪابل جي مشهور هندو شاهي سلطنتن جون لکتون، گلگت ۽ بلڪ (Bulk) جي شاهي سلطنت سان لاڳاپيل لکتن جا جيڪي نشان پٿر، ٽامي ۽ ديوارن تي لکيل مليا آهن، سي شرادا لپيءَ ۾ ئي لکيل آهن. ان کان سواءِ سڪن تي پڻ ڪشمير جي حاڪمن ۽ محمود غزنويءَ جا نالا شرادا لپيءَ ۾ ئي درج ٿيل ڏسجن ٿا، جن جي پيش نظر هن تاريخي لپيءَ جي تجزئي ۽ تنقيدي اڀياس جي ضرورت وڌي وئي آهي. شرادا لپيءَ ۾ لکيل تحريرن جا ڪيترا رڪارڊ دنيا جي مختلف لائبررين ۽ عجائب گهرن ۾ موجود آهن.
شرادا لپيءَ ۾ تحرير ٿيل 100 کن لکتون مختلف هنڌن تان هٿ آيون آهن، جن ۾ 13 لکتون پاڪستان جي خيبر پختونخوا صوبي مان، 34 ڪشمير مان، 6 ڄمون مان، 5 لداخ مان، 39 هماچل پرديش مان ۽ هڪ لکت دهلي [هندستان] مان مليون آهن. آڳاٽي زماني جي برهمي ۽ کروشتي لکت جيان شرادا لپي وچئين دور جي ابتدا ۽ اولهه هماليائي خطي ۾ ثقافت، معلومات ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو اهم ترين ذريعو رهي هوندي. شرادا لپي ڏينهون ڏينهن زوال پذير ٿيندي پئي وڃي. ڪشميري پنڊتن جي ڪشمير مان هندستان جي مختلف رياستن ڏانهن لڏپلاڻ سبب هن لپيءَ جي مشق ۽ استعمال کي ڪافي نقصان رسيو آهي. وچئين دور (Medieval period) ۾ ڪشميري ٻوليءَ ۾ وڌ کان وڌ استعمال ٿيندڙ هي شرادا لپي هاڻي محض پنڊتن جي گروهه تائين محدود دائري ۾ لکي وڃي ٿي. گهڻي قدر اها ڳالهه اڄ تائين معمو بڻيل آهي ته سنڌ ۾ برهمڻي لپيءَ مان شرادا لپي ڪيئن ۽ ڪڏهن اُسري هوندي. عام راءِ اها ئي آهي ته ڪشمير جي قديم لکت شرادا ننڍي کنڊ جي اتر ۽ اولهه ۾ هند آريائي ٻولين جي ماءُ رهي هوندي. آثار قديمه جي ڪجهه مستند شاهدين جي بنياد تي ماهرن جي اڪثريتي راءِ هيٺ هندستان سميت ڏکڻ ايشيا جي گهڻين ئي ٻولين جو ماخذ برهمي لکت کي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن مان مختلف ٻولين جون لکتون ڦٽي نڪتيون. حتمي طور اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته، موجوده لپيءَ جي صورت اختيار ڪرڻ ۽ هڪ لپيءَ کي ٻيءَ لپيءَ جو ويس ڌارڻ ۾ هزارين سال لڳا هوندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو