شربت

شربت

شربت

شربت: هڪ خاص مشروب، جيڪو کنڊ، مصري، صندل ۽ ٻين وکرن مان ٺاهيو وڃي ٿو. شربت اهڙي فرحت بخش دوا کي بہ چئبو آهي، جنهن ۾ ميون جو رس پيل هجي. شربت مختلف قسمن جا ٿيندا آهن، جيڪي موسم جي لحاظ سان واپرائبا آهن. اهي شربت گهرن ۾ عورتون پاڻ بہ تيار ڪنديون آهن ۽ ڪجهه وڏين فيڪٽرين مان پڻ تيار ٿي ايندا آهن. اهي شربت مهمانوازيءَ جي حوالي سان مهمانن کي پياريا ويندا آهن.
اونهاري جي موسم ۾ بازارن ۾ جيڪي شربت عام طور تي ملندا آهن، مختلف ميون جو شربت، انهن ۾ ليمي جو شربت، انب جو شربت، آلو بخاري جو شربت، ڪمند جو شربت ۽ ٿاڌل وغيرہ شامل آهن. ان کانسواءِ ٻھراڙيءَ ۾ وري پاڻيءَ ۾ کنڊ ۽ ڳڙ واري مٺائي وجهي ٿڌو ڪري استعمال ڪيو ويندو آهن.


لفظ شربتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو