شرم ٻوٽي
شرم ٻوٽي: شرم ٻوٽي، هڪ اهڙو حساس ٻوٽو آهي، جنهن کي ڇهڻ سان ان جا پن بند ٿي وڃن ٿا. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شرم ٻوٽي مختلف نالن سان سڏي وڃي ٿي. شرم ٻوٽيءَ کي هنديءَ ۾ ‘ڇوئي موئي’ (chuimui) ۽ ‘لاجونتي’ (lajwanti) به چيو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ سينسيٽو پلانٽ (sensitive plant)، ٽچ مي ناٽ (touch me not)، همبل پلانٽ (humble plant)، شيمفل پلانٽ (shameful plant)، سليپنگ گراس (sleeping grass)، ائنٽ پلانٽ (ant-plant) ۽ موري ووي (Mori vivi) وغيره نالن سان سڏيو وڃي ٿو. شرم ٻوٽيءَ جو سائنسي نالو مموسا پڊيڪا (Mimosa pudica) آهي، جيڪا ٻوٽن جي ڦريدار/ ليگومنوسي (Leguminosae) خاندان سان واسطو رکي ٿي. جنهن ۾ مموسا جون 300 کان مٿي جنسون ٿين ٿيون. انهن ۾ ڪي سڌيون ته ڪي زمين تي پکڙجندڙ آهن. شرم ٻوٽيءَ جو سڀ کان پهريون قسم برازيل ۾ مليو هو، جڏهن ته هاڻي آمريڪا ۽ آفريڪا سميت ايشيا ۾ به عام ٿئي ٿي. گلف رياستن ۾ جهنگلي گاهه طور پوکجي ٿي. شرم ٻوٽي سدابهار ٿئي ٿي، ان ڪري هر سال باغيچن ۾ پوکي وڃي ٿي.
شرم ٻوٽي عام طور هڪ زيبائشي ٻوٽي طور پوکي وڃي ٿي. جيئن ته، شرم ٻوٽيءَ جا پن، انساني ڇهاءَ لاءِ حساس ٿين ٿا ۽ ڇهڻ کانپوءِ کن پل ۾ ڪومائجي وڃن ٿا، ان ڪري سڄيءَ دنيا ۾ خاص طور ٻارڙن ۽ نوجوانن لاءِ هيءَ ٻوٽي دلچسپيءَ جو سبب ٿئي ٿي.
قديم يوناني دور کان وٺي، ٻوٽن جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ چرپر، انسان لاءِ موهيندڙ رهي آهي. اهڙن ٻوٽن جو لکت ۾ ذڪر 2000 سالن کان به آڳاٽو ملي ٿو. جيتوڻيڪ ٻوٽن جون اهڙيون ڳالهيون دلچسپ رهنديون آيون آهن، پر تنهن هوندي به ان ڏس ۾ سنجيده تحقيق 19 صديءَ جي شروعات ۾ ئي ٿي سگهي، جڏهن مشاهدا ڪيا ويا ته ٻوٽن جي ڪن قسمن جي جيوگهرڙن يا خلين ۾ هن قسم جي چرپر، ڪنهن حڪمت عمليءَ هيٺ ٿئي ٿي. جنهن ڪري منجهائن اندريون دٻاءُ، جنهن کي ٽرگر دٻاءُ (turgor pressure) سڏجي ٿو، اهو گهٽجي وڃي ٿو ۽ پن ڏسندڙ جي اکين آڏوئي بند ٿي ٻوٽجي وڃن ٿا. هن ڳالهه جي سڌ پوڻ سان اڳيون ويچار رد ٿي ويو، ته شرم ٻوٽي تنتن ۽ مشڪي اوڄن جي ڪري سُسي يا ٻوٽجي وڃي ٿي.
شرم ٻوٽيءَ جي ٿڙ تي سنها وار ۽ ڪنڊا ٿين ٿا. ان جا گل واڱڻائي ٿين ٿا. هن جي ننڍين جنسن کي البيزيا جوليبريسن (Albizia julibrissin) نه سمجهڻ گهرجي، جنهن کي عام طور تي مموسا يا سلڪ ٽري (silk tree) سڏيو وڃي ٿو. رابرٽ هُڪ مان جيڪو پنهنجي خوردبين سبب جڳ مشهور آهي، انهن پهرين ماڻهن مان هو، جنهن شرم ٻوٽيءَ جي ڇهاءَ سان ڪومائجڻ جي سبب تي تحقيق ڪئي. تنهن وقت ڀانيو ويندو هو ته، ٻوٽن ۾ به جانورن وانگر تنتون ۽ مشڪي اوڄا ٿين ٿا.
ڪارل لينيئس (سويڊن جي نباتات ۽ ساهوارن جي جديد درجي بندي/ Taxanomy جي اَبي) 1753ع ۾ شرم ٻوٽيءَ جي سائنسي درجي بندي ڪئي. شرم ٻوٽي ءَ جو جينرڪ نالو، مموسا (Mimosa) يوناني ٻوليءَ جي ’مموس‘ (mimos) لفظ تان ورتل آهي ۽ ان جي معنيٰ ‘اهل ڪرڻ’ آهي. جڏهن ته اصطلاحاً پنن جي اهڙيءَ چرپر کي سڏجي ٿو، جيڪا ڪنهن شيءِ جي موٽ ۾ پيدا ٿئي ٿي. هن خاندان جو نالو لاطيني ٻوليءَ جي ‘پڊيڪا’ (pudica) لفظ تان کنيل آهي ۽ ان جي معنيٰ ‘شرميلو’ يا ‘ڇهڻ’ سان سُسي ويندڙ آهي.
پڊيڪا جنس جي شرم ٻوٽيءَ کانسواءِ ٻيون جنسون به ڇهاءَ لاءِ حساس ٿين ٿيون ته ڪي پنهنجن قدرتي ماڳن ۾ سج لهڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ پنهنجا پن بند ڪريو ڇڏين ۽ وري سج اڀرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ کولي ڇڏين ٿيون. اهڙي سڀاءَ سبب سمجهيو وڃي ٿو ته، انهن جنسن کي پاڻي سانڍڻ ۽ جانورن کان پاڻ بچائڻ جو قدرتي طريقو مليل آهي. شرم ٻوٽي هيٺين ڳالهين سبب دلچسپ سمجهي وڃي ٿي: ڇهاءَ يا لرزش جي موٽ ڏيڻ (thigmotropism). هن ٻوٽيءَ جا پن، ڇهڻ، لوڏڻ، گرم ڪرڻ يا جلد ٺارڻ سان ردعمل پيدا ڪن ٿا. اهڙو ردعمل ڪيترو جلد ٿئي ٿو، ان جو مدار محرڪ جي مقدار/ زور تي ٿئي ٿو. جيڪڏهن پن کي سختيءَ سان آڱر لائبي ته پن، اک ڇنڀ ۾ بند ٿي ويندو. جڏهن ته هلڪڙي ڇهاءَ يا هلڪڙيءَ گرميءَ سان ان جا پن آهستي آهستي بند ٿيندا.
پنن جي بند ٿيڻ جو اهو سلسلو، پنن جي چوٽيءَ کان شروع ٿي، پنن جي پاڙ / آخري حصي تي ختم ٿئي ٿو، جيڪو هڪ پن کان ٻئي پن تائين ۽ سڄي ٻوٽي تائين به پکڙجي وڃي ٿو، جنهنڪري ٻوٽي جون سڀ ڏانڊيون ڍرڪي پون ٿيون. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻوٽو آهستي آهستي وري عام رواجي حالت ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ 30 منٽن جيترو وقت به لڳي سگهي ٿو. اهڙو هڪڙو ٻيو عمل مڪٽوناسٽڪ (mictonastic) سڏجي ٿو، جيڪو روشني نه هجڻ جي حالت ۾ ٿئي ٿو. شام جي وقت هن ٻوٽي جون پنڙيون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ پنَ سج اڀرڻ تائين ڍرڪيل رهن ٿا.
شرم ٻوٽي گرم ملڪن ۾ گاهه طور گهميل ميدانن، باغيچن، وڻڪار وارن هنڌن تي عام ٿئي ٿي. جتي ٿئي ٿي، اتي اهڙي ٿلهي ڇٽ جيان پکڙجي وڃي ٿي، جو اتي ڪا به ٻي قسم جي جنس واڌ ڪري نٿي سگهي. هن ٻوٽيءَ ۾ هوا مان نائٽروجن جذب ڪرڻ جي خاصيت ٿئي ٿي.
شرم ٻوٽيءَ جي ٻجن ۽ ٻين حصن ۾ مموسين (mimosine) نالي وکر ٿئي ٿو، جيڪو ٿڻائتن جانور جي واپرائڻ سان انهن جا وار کسائي ۽ جسماني واڌ گهٽائي ڇڏي ٿو. آير ويدڪ ۾ جڙي ٻوٽيءَ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. هي ٻوٽو سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿو.