شرناءِ/شرنائي

شرناءِ/شرنائي

شرناءِ شرنائي

شرناءِ/شرنائي: شرناءِ سنڌ جو تمام پراڻو ساز آهي. جڏهن عرب دور ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ته سيوهڻ جي آسپاس جي رهاڪو چنن سندس استقبال دهلن ۽ شرنائين سان ڪيو هو. اهو واقعو اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات جو آهي. ان کان اڳ به شرناءِ جو وجود سنڌ ۾ هو. روايت آهي ته هيءُ هڪ ايراني ساز آهي. شرناءِ، ٻٻر جي پراڻي ڪاٺ مان ٺاهي ويندي آهي ۽ ڪنگور جي پتي سان وڄائبي آهي. شرناءِ ۾ سڌا اٺ سوراخ مٿان ۽ هڪ (نائون) سوراخ هيٺ ٿئي، جنهن کي ‘ٻاٻيهو’ چون. ٻاٻيهو پکي به سنڌ ۾ ٿئي ٿو. پراڻي زماني ۾ شرناءِ کي ‘ڪرناءِ’ ۽ ‘شرنائي’ به چوندا هئا. شرناءِ جا ٽي قسم ٿين ٿا: گزي ڊيگهه ۾ تمام ننڍي ٿئي ۽ محرم جا اوسارا ان تي وڄائبا آهن. شرنائي جو ٻيو قسم وچولي ڊيگهه جو ٿئي (8 انچ) ۽ ٽيون قسم متو. ٽنهي کان وڏو 109 انچ کن ڊگهو ٿئي. واڌ وارو حصو اڌ انچ کن، جنهن کي ‘ڪک’ چون، اصل اتان شرناءِ وڄندي آهي. ‘ڪک’ واري جاءِ گهڻو ڪري ٽڪنڊي ٿئي، اتي ڪوڙي ڪنگور جي توتري پوندي آهي، جنهن کي زور سان ڦوڪ ڏبي آهي ته وڄندي آهي. ان ڪک جي مٿان ريشم يا ڪپهه جو چارو ٻڌبو آهي ته جيئن ڪک مضبوط رهي. ڪک وري ڪنهن چپر ذريعي نليءَ سان اٽڪيل ٿئي ٿو، جيڪا ڪنهن هڏيءَ جي ٺهيل هوندي آهي، جا گول ۽ سنهي ٿئي ٿي، جيڪا چپن ۾ جهلي، اتان ڦوڪ ڏجي ٿي. ڪک ۽ چپر وري هڪ نليءَ سان ڳنڍيل ٿين ٿا، جيڪا ‘توتاريءَ جو آواز’ آوازي خول ۾ رسائي ٿي، ان کي ‘ناري’ چون. اٺن سوراخن کي ‘تارا’ سڏين. هيٺئين سوراخ کي ٻاٻيهو چون. ڪک کان وٺي اڳتي شرناءِ چون، اڳيان گول توتاري جهڙو منهن ٿئي، جتان آواز نڪري. ان کي ڳانن ۽ ڌاڳن سان سينگارين. هي ساز سنڌ ۾ ڪيترن ئي موقعن جهڙوڪ: شاديءَ جي موقعي تي، محرم الحرام ۾ اوسارن تي، ماتمي جلوسن ۾ ۽ ملاکڙن ۾ تي وڄايو ويندو آهي. هن مان راڳداريءَ جا سڀ سُرَ نڪرن ٿا. سا يا کرج بنيادي سُرَ تڏهن نڪرندو، جڏهن مٿان کان چار سوراخ آڱرين وسيلي بند ڪبا، پر ٻاٻيهو بند نه ڪبو. رکب جو سُر ٽن سوراخن ۽ ٻاٻيهي کي بند رکڻ سان نڪرندو. گنڌار جو سُر ٻن سوراخن ۽ ٻاٻيهي کي بند رکڻ سان ملندو. مڌم جو سُر مٿئين سوراخ ۽ ٻاٻيهي کي بند رکڻ سان ملندو. پنجم جو سُر صرف مٿيون هڪ سوراخ بند ڪرڻ سان ملندو. ڌيوت جو سُر سڀني سوراخن کي کليل رکڻ سان ملندو. نکاد جو سُر مٿيان ڇهه سوراخ ۽ ٻاٻيهو بند رکڻ سان ملندو.
شرناءِ عوامي ڌنن توڙي ڪلاسيڪي موسيقي وڄائڻ جي ڪم اچي ٿي. جڏهن دُُهل تي ڌمال، اولنگ، شادمانو ۽ نوشاهي تال وڄايا وڃن ٿا. شرنائيءَ تان عام طور تي ‘سدارنگي خيال’ وڄايو ويندو آهي. ٻين تالن [دهل جي] جهڙوڪ: چيڻو، وهول ۽ جهمٽ وڄائڻ کان سواءِ عوامي سُر ۾ لاڏا، سهرا، سنڌي ڀيروي ۽ جوڳ ۾ ڪلام ۽ طرزون وڄائجن ٿيون. ڪلاسيڪل موسيقي وڄائڻ ۾ هندستان جو ناميارو شهنائي نواز بسم الله خان'>استاد بسم الله خان تمام گهڻو نالو ڪڍيو ۽ سنڌ ۾ حيدرآبادي مڱڻهارن مان بسنت زوار ۽ پياري ڳوٺ جي سليمان ۽ مدن مڱڻهارن ۽ هن وقت عبدالله خان ڪوٽڙيءَ واري سنڌ ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. ان کانسواءِ ميوو، مٺو، وسند ۽ ٻيا ڪيترائي قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو