شريانَ (Artery): شريان رت جي رڳن (Blood Vessels) جو اهڙو سرشتو آهي، جيڪا دل کان تازو رت (Oxygenated Blood) کڻي جسم جي جدا جدا (مڙني) عضون ڏانهن ويندي آهي. (سواءِ هڪ شريان Pulmonary Artery) جي جيڪا دل جي هيٺئين ساڄي خاني (Right Ventricle) کان جسم ۾ ڪتب آيل رت (Carbonated Blood) صاف ڪرڻ لاءِ ڦڦڙن ڏي کڻي ويندي آهي، سڄي جسم ۾ ننهن کان چوٽيءَ تائين شريانين جي تاڃي پيٽيءَ جو ڄارُ وڇايل آهي، جيڪي جسم جي ڌار ڌار عضون کي دل مان نڪرندڙ تازو رت پهچائين ٿيون. اصل ۾ هر هڪ شريان، شھہ رڳ (شاھہ شريان) جي شاخ آهي، جيڪا جسم جي عضون کي تازو رت پهچائڻ جو عمل جاري رکي ٿي.
بناوت (Structure): شريان هيٺئين ٽن تھن Coats مان ٺهندي آهي.
(1) Tunica Adventita: هي شريان جو ٻاهريون تھہ آهي، جيڪو ريشيدار تاندورن ۽ ڳنڍيندڙ اوڄن (Fibrous and Connective Tissues Coat) جو ٺهيل هوندو آهي. هيءُ تھہ شريان جي حفاظت (بچاءَ: Protection) لاءِ هوندو آهي.
(2) Tunica Media: هي شريان جو وچون تھہ آهي، جيڪو لچڪيدار هئڻ باوجود مضبوط مشڪن (Muscles) جو جڙيل هوندو آهي. هي تھہ شريان کي کُليل (ويڪرو) رکي ٿو ۽ شريان جي ريشيدار مشڪن پاران ڪوئجڻ (Contraction) جي عمل سبب رت جي وهڪري کي قائم ۽ داٻ کي هڪ ڪرو (برابر) رکڻ ۽ شريان ۾ داٻ جي سھپ جي سگهہ قائم رکي ٿو.
(3) Tunica Intima: هي شريان جو اندريون تھہ آهي. جيڪو شريان جي لسي (Smooth) استر (Endothelial) جو ٺهيل هوندو آهي، تہ جيئن رت آسانيءَ سان شريان مان لنگهي وڃي.
رت جون نسون (Blood Veins): هي رت جي رڳن جو هڪ قسم آهي، هي نسون جسم ۾ ڪتب آيل رت (Carbonated Blood) دل ڏانهن واپس کڻي وينديون آهن، جيڪي پڻ شريانين وانگر ساڳن ٽنهن تھن (Coats) تي ٻڌل هونديون آهن. نس جي سڃاڻپ ان مان ٿيندي آهي تہ نس ۾ هيمگلوبن (haemoglobin) جي موجودگي سبب نيرسرو ڪارو رنگ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.