شرياني سوڪڙ (بيماري): هن بيماريءَ کي انگريزيءَ ۾ آرٽيئريئسڪليئروسس (Arteriosclerosis) ۽ اردوءَ ۾ ’تصليب شريان‘ چيو وڃي ٿو. رت کي دل ذريعي جسم جي ٻين حصن تائين پهچائڻ وارين نالين يعني شريانن جي هن بيماريءَ ۾ شريانن جون ديوارون ٿلهيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن ۾ لچڪ نه ٿي رهي.
شريانن جي ٿلهي ٿيڻ ڪري انهن جي اندروني حصن ۾ گنجائش گهٽ هئڻ ڪري بلڊپريشر وڌي وڃي ٿو. وڏيءَ عمر جي ماڻهن ۾ اها بيماري ’شريانن جو سخت ٿي وڃڻ‘ سڏجي ٿي. ذهني دٻاءُ، ٿولهه، سگريٽ ڇڪڻ ۽ سڻڀ جو وڌيڪ استعمال هن بيماريءَ جا مکيه ڪارڻ آهن. هيءَ بيماري هر عمر جي ماڻهن ۾ ٿئي ٿي، پر پوڙها ماڻهو هن کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. هي مرض آهستي آهستي وڌندو آهي ۽ گهڻي عرصي کانپوءِ ظاهر ٿيندو آهي.
هن بيماريءَ جي علاج لاءِ ڪولسٽرول گهٽائڻ جون دوائون استعمال ڪرايون وينديون آهن. ڊاڪٽرن موجب ڪولسٽرول کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فولڪ ايسڊ (Folic Acid) واريون شيون به ڪافي فائديمند ثابت ٿينديون آهن. هن بيماريءَ ۾ آپريشن جي به ضرورت ٿي سگهي ٿي، جنهن ذريعي بند شريانن کي باءِ پاس ڪندي، رت جي دوري کي بحال ڪيو ويندو آهي. هن بيماريءَ لاءِ اينجيوپلاسٽي (Angioplasty) به ڪئي ويندي آهي.
شريانن جي سختي يا سوڪڙ جو هڪ ٻيو قسم به آهي، جيڪو ننڍين شريانن کي متاثر ڪندو آهي. ان ڪري انساني نظر تي ڪافي اثر پوندو آهي، ان ۾ جيڪر رت جي دٻاءَ کي گهٽايو نه وڃي ته هوريان هوريان اکين جي روشني ختم ٿي سگهي ٿي. ان کانسواءِ شريانن ۾ سختيءَ جي ڪري انسان تي سڪتو طاري ٿي سگهي ٿو يا وري سيني ۾ سور به ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ’انجائنا پيڪٽورس (Angina Pectoris) چيو وڃي ٿو. طب جي شعبي ۾ بي پناهه تحقيق جي باوجود اڃا تائين هن بيماريءَ کان بچاءُ جا ذريعا سامهون نه اچي سگهيا آهن.
طب جي ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته خوراڪ ۾ ڪولسٽرول جي مقدار کي گهٽائي ڪنهن حد تائين هن بيماريءَ کان بچي سگهجي ٿو. شريانن جي سوڄ يا سخت ٿي وڃڻ وارن مريضن کي سگريٽ ڇڪڻ کان پرهيز ڪرڻ، روزانو ورزش ڪرڻ ۽ وزن گهٽائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي. پر جيڪڏهن هي مرض وڌي وڃي ته متاثر شريانن کي تبديل ڪرڻ لاءِ جسم جي ٻين حصن مان رت جون ناليون ڪٽي لڳايون وينديون آهن يا وري هٿرادو (مصنوعي) نائيلون سان ٺاهيل شريانن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.