شريعت: هن جي لغوي معنيٰ سڌو رستو ۽ اسلامي اصطلاحي معنيٰ اسلامي قانون جي آهي. اسلامي معاشري ۾ طئي ٿي ويل اصولن ۽ قانونن تي مشتمل هڪ دستاويز کي شريعت چئبو آهي، جنهن ۾ بحث يا اختلاف جي ڪابہ گنجائش ناهي هوندي، ڇو تہ شريعت جو نفاذ ۽ ترتيب خدائي احڪامن تي مشتمل آهي.
شريعت اصل ۾ اهي خدائي احڪام آهن، جيڪي اخلاقيات کان عليحده آهن، ان ۾ حق، فرض، وراثت، جرم ۽ سزا وغيرہ شامل آهن. شريعت جو بنياد جيئن تہ قرآن ۽ سنت تي آهي، انهي ڪري ڪنهن بہ جماعت يا فرقي کي ان تي تنقيد جو حق حاصل نہ آهي، شريعت جي قانونن جا ٻہ قسم آهن. حقوق ﷲ جنهن ۾ عبادت وغيرہ متعلق قانون ۽ احڪام هجن. حقوق العباد، هن ۾ عدالتي،سياسي ۽ سماجي موضوعن تي احڪام شامل آهن. اسلامي شريعت ۾ اسلامي زندگي جي هر شعبي لاءِ صاف ۽ واضح احڪام موجود آهن، ڪنهن کي بہ انهن ۾ ردوبدل يا ڦيرڦار جي اجازت نہ آهي، انهن کي انهن جي اصل حالت ۾ تسليم ۽ قبول ڪرڻ جو حڪم آهي.