پروفيسر شريف المجاهد

پروفيسر شريف المجاهد

شريف المجاهد پروفيسر

شريف المجاهد، پروفيسر: پاڪستان جو ناليوارو ليکڪ، مؤرخ ۽ عالم، پروفيسر شريف المجاهد، 1 جولاءِ 1926ع تي مدراس (گڏيل هندستان) ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1949ع ڌاري مدراس يونيورسٽيءَ مان تاريخ جي شعبي ۾ بي. آنرز ۽ 1950ع ۾ ايم. اي (تاريخ) جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1952ع ۾ اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي جي ڊگري، 1959ع ۾ مئگل (Magil) يونيورسٽيءَ مان اسلاميات ۾ ايم. اي ۽ 70-1967ع ڌاري سيراڪيوز يونيورسٽيءَ جي صحافت شعبي مان پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪيائين.
عملي صحافت جو آغاز 1945ع کان تحريڪ پاڪستان ۽ مسلمانن جي سياسي بيداري جهڙن موضوعن تي مضمون لکڻ سان ڪيائين. هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ادارت ۾ شامل رهيو. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ سول ائنڊ ملٽري گزيٽ جو نمائندو رهيو. 1964ع کان 1969ع دوران مختلف وقتن تي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ، سياست ۽ ايشيائي تهذيبن تي وزيٽنگ پروفيسر طور برئڊلي يونيورسٽي، اسٽيٽ يونيورسٽي، نيويارڪ ۽ اسٽيٽ يونيورسٽي ڪاليج، ڪورٽلئنڊ ۽ اوسويگو ۾ ليڪچر ڏنائين. 1955ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي جو باني ۽ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي پوءِ ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. 1976ع کان 1989ع تائين قائداعظم اڪيڊمي ڪراچيءَ جو باني ڊائريڪٽر ٿيو. 1990ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، ملائيشيا ۾ صحافت جي شعبي جو بنياد رکيائين، جنهن جو پاڻ 1993ع تائين باني پروفيسر رهيو. ساڳئي سال (1993ع ۾) بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ‘تحقيق و تربيت’ شعبي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.
سندس شايع ٿيل تصنيفن ۾ ‘قائداعظم- ايڪ موضوعاتي مطالعه’ کي 1981ع کان هن وقت تائين قائداعظم جي سوانح تي ڇپيل بھترين ڪتاب جو اعزاز حاصل آهي، جنهن لاءِ کيس 2006ع ۾صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ مسلم ليگ جي دستاويزن تي مشتمل سندس ڪيترا ڪتاب ۽ تحقيقي رپورٽون شايع ٿيل آهن، جيڪي تاريخي دستاويزن جي حيثيت رکن ٿيون. سندس هڪ ڪتاب ‘انڊين سيڪيولرازم’ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جنهن جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ شايع ٿيو. سندس ٻيا ڪجهہ مقالا عربي، فرانسيسي، ملاوي، پورچوگيزي ۽ هسپانوي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. هن بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ علائقائي سيمينارن ۾ 25 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا پيش ڪيا آهن.
گذريل پنج ڏهاڪن کان تعليم ۽ تدريس جي ميدان ۾ سندس ڪيل خدمتن عيوض کيس 2001ع ۾ ‘اعزاز ڪمال/ فضيلت’ اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ هاير ايجيوڪيشن ڪميشن پاڪستان طرفان ‘امتيازي قومي پروفيسر’ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ‘فريڊم موومينٽ آرڪائيوز’ جي اعزازي ڊائريڪٽر جو اعزاز حاصل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.07.01  عيسوي

پاڪستان جو ناليوارو ليکڪ، مؤرخ ۽ عالم، پروفيسر شريف المجاهد، 1 جولاءِ 1926ع تي مدراس (گڏيل هندستان) ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

در محمد نوناري مولانا
طالب حسين جوهري علامہ
عباسي مخدوم عطا محمد
دين محمد شاھہ ميڻن وارو
مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي
حيدر علي لغاري
پٺاڻ مولوي عبدالعزيز
عبدالحڪيم، مولوي 2
بگو شير درگاھہ
عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون