شريف الملڪ

شريف الملڪ: شريف الملڪ 1035ھہ مطابق 1625ع ۾ مغل سلطنت طرفان ٺٽي جو حاڪم/ گورنر مقرر هو. سندس اصل نالو نواب شريف الملڪ هو ۽ شاھجھان بادشاھہ جنهن زماني ۾ ٺٽي آيو تہ شريف الملڪ قلعي جا دروازا بند ڪري، مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ ڪي نازيبا حرڪتون ڪيائين، جنهنڪري شاھجھاني مؤرخن کيس ‘شريف الملڪ’ بدران ‘شريرالملڪ’ سڏيو. ان بابت مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “نواب شريف الملڪ عرف شريف خان، ٺٽي جو حاڪم هو ۽ هي هڪ اک کان ڪاڻو هو. سندس دور ۾ جلوس جهانگيريءَ جي ايڪويھہ سال يعني 1035ھہ/ 1625ع ۾ شھزادو شاھجھان پنھنجي پيءَ کان ڪاوڙجي عراق عجم ڏانهن وڃڻ جي بهاني پنھنجي خاص ماڻهن سان گڏجي ٺٽي پهتو ۽ سندس ارادو هو تہ ڪي ڏينهن ٺٽي ۾ رهي، پر شريف الملڪ قلعي جا دروازا بند ڪري ساڻس جنگ ڪئي، ڇو تہ شريف الملڪ جھانگير بادشاھہ جو وفادار هو. مڪليءَ لڳ پير بدر جي ڀرسان ٻنهي ڌرين ۾ ڪافي ويڙھہ ٿي، نتيجي طور ٻنهي ڌرين جو ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.”
روايت آهي تہ هڪ ڏينهن شھزادي شاھجھان جي ڳورهاري زال ڏاڙهن جي طلب ڪئي. شھزادي پنھنجي هٿ اکرين چٺي لکي شريف الملڪ ڏانهن موڪلي. هن جواب ۾ لکيو تہ اهي ڏاڙهون آءٌ پاڻ بيگم ڏانهن اماڻيان ٿو. ائين چئي شريف الملڪ پنھنجي فرنگي توب انداز کي حڪم ڏنو تہ بيگم ڏانهن توب جا گولا اڇلائي، ان کانپوءِ واڪو ڪري چيائين تہ هتي اهو ئي ڏاڙهون آهي. توب جو آواز ٻڌڻ سان بيگم جو حمل ضايع ٿي ويو. اها بہ روايت آهي تہ خود شريف الملڪ شھزادي کي نشانو بڻائڻ لاءِ دوربين سان ڏسي توب ڇوڙي هئي. سندس خيال هو تہ شھزادو شاھجھان زد ۾ اچي ويندو، پر شھزادو اک ڇنڀ ۾ پاسيرو ٿي ويو ۽ توب جو وار خطا ٿي ويو. شريف الملڪ وار خالي ڏسي جنهن اک سان نشانو ٻڌو هو، ان اک ۾خار مان آڱر وهائي ڪڍي، جنهنڪري سندس دوڏو ٻاهر نڪري ويو ۽ ان ڏينهن کان کيس ڪاڻو سڏيو ويو. شاھجھان جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ کيس سزا ملي ۽ سندس ڪي منصبدار بہ عتاب ۾ آيا. ‘ترڪ جهانگيري’ جي تڪملي ۾ محمد هادي خان جلوس جهانگيريءَ جي ايڪويھہ سال جي واقعي ۾ لکي ٿو ته، شاھجھان ايران جي شهنشاھہ شاھہ عباس صفويءَ سان دوستاڻا ناتا قائم ڪري چڪو هو. هن شاھہ عباس صفويءَ سان ملڻ لاءِ ٺٽي جو رستو اختيار ڪيو هو، پر ٺٽي جي مغل حاڪم شريف الملڪ هن لاءِ رستا تنگ ڪري ڇڏيا ۽ ساڻس جنگ ڪئي. آخرڪار شاھجھان واپس هندستان موٽيو، جتي کيس اها خبر ملي تہ سندس شھزادو پرويز 7 صفر 1035ھہ/29 آڪٽوبر 1625ع تي وفات ڪري ويو هو. شريف الملڪ اصل ۾ بادشاھہ جھانگير سان وفاداريءَ خاطر اهو سڀ ڪجهه ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو هو تاريخ ۾ شريف الملڪ بدران شريرالملڪ سڏجڻ ۽ لکجڻ لڳو.


لفظ شريف الملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو