
شريڪانت ‘صدف‘
شريڪانت ‘صدف’: غزل جو شاعر شريڪانت صدف، 23 جولاءِ 1959ع تي ممبئيءَ (هندستان) ۾ جنم ورتو. سندس والد موتي پرڪاش ۽ امڙ ڪلا پرڪاش، سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا ليکڪ ۽ شاعر آهن.شريڪانت موتي شرما شروعاتي تعليم بمبئيءَ مان ئي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ڪجهه عرصو سرڪاري نوڪري بہ ڪيائين، جيڪا بعد ۾ ڇڏي ڏنائين. شريڪانت پنھنجي والد موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري ڪئي. سندس رهنمائي برک ليکڪ ۽ نقاد اي. جي اتم ڪئي. شريڪانت صدف، 22 سالن جي عمر ۾ 1982ع کان غزل لکڻ شروع ڪيا. صدف جي شاعريءَ تي گوپ ڪمل ۽ واسديو موهيءَ جو چڱو اثر آهي، جن ٻنهي کان هن گهڻو ڪجهه پرايو. هن جي شعري اوسر ۾ اردو شاعر قمر نقويءَ جو بہ وڏو هٿ رهيو آهي. شريڪانت صدف جو پهريون شعري مجموعو ‘نفرت جا گل’ 1990ع ۾ ڇپيو. ‘نانگن جا ٻر’ 1993ع ۾، ‘ذهن جا قبيلا’ 1996ع ۾، ‘وچ وارن کي لٺ بڻاءِ’ 2002ع ۾ شايع ٿيا. شريڪانت صدف، شاعريءَ کان سواءِ چڱي تعداد ۾ تنقيدي مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس چئن ڪتابن کي هڪ ڪتاب ۾ سموئي ‘زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي’ نالي سان 2005ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙي پاران شايع ڪيو. شريڪانت صدف ممبئيءَ ۾ رهي ٿو. شري کٽ واري ڌرمشالا، شڪارپور: شڪارپور شھر جي تاريخي عمارت بابت روايت آهي تہ هن ڌرمشالا جي تعمير اڄ کان 250 سال اڳ ۾ ٿي هئي، پر اهو پتو نہ ٿو پوي تہ اُن جي تعمير ڪنهن ڪرائي هئي. روايت آهي تہ بابا گرداس رام پهريائين کٽ، نيزو ۽ تلوار کڻي گنداواھہ پهتو، بعد ۾ پرچار لاءِ شڪارپور ۾ آيو. کٽ واري ڌرمشالا جو پهريون گادي نشين بابا گرداس رام صاحب هو ۽ آخري بابا رامداس صاحب هو. هن وقت هن ڌرمشالا جو گادي نشين ڪوبه نہ آهي، باقي خاص شيواڌاري ڀيشم داس آهي. آڳاٽي وقت ۾ شهدادڪوٽ، اوستا محمد ۽ گنداواھہ جا مندر هن ڌرمشالا جي سرپرستيءَ هيٺ هلندا هئا.
1959.07.23 عيسوي
غزل جو شاعر شريڪانت صدف، 23 جولاءِ 1959ع تي ممبئيءَ (هندستان) ۾ جنم ورتو.