شرڪ ٽوڙ

شرڪ ٽوڙ

شرڪ ٽوڙ

شرڪ ٽوڙ (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف محمد عثمان ڏيپلائي آهي. پير پرستيءَ جي خلاف لکيل هن ڪتاب جا ٻارهن افسانا آهن،جن ۾: (1) کيتپار جو ٻڪر، (2) پنج گڏيون، (3) نانگي شاھہ جو ڪنڊو، (4) ٽانڊو شاھہ، (5) قھر جي ڪهاڙي، (6) ستي رِڍ، (7) چين جو مبلغ، (8) الو ڪا پٺا، (9) ڪاليءَ جي ڪِرپا، (10) مصري عامل، (11) بخارا جو ختمو، (12) مرشدن جي دعا شامل آهن.
ڪرائون سائيز ۾ 163 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اسلاميہ دارالاشاعت طرفان 1949ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 1 روپيو ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو