ششرذ هندي: عباسي دؤر خلافت ۾ حڪيم ششرذ هندي، نامور عالم ۽ طب جو ماهر هو. هن سنسڪرت ۾ علم طب تي هڪ شاهڪار ڪتاب لکيو، جنهن ۾ بيمارين جي علامتن، انهن جي دوائن ۽ انهن جي تاثير جو تفصيلي بيان موجود آهي. اهو ڪتاب ڏاڍو مشھور ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو هو. انهي ڳالھہ کي مدنظر رکندي عباسي خليفي هارون رشيد جي استاد ۽ وڏي وزير يحييٰ بن خالد برمڪيءَ انهيءَ ڪتاب جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرايو هو.