شطاري

شطاري: هي تصوف جي سلسلي يعني ‘طريقي’ جا پوئلڳ سڏجن ٿا. هي سلسلو جيڪي پندرهين صديءَ ڌاري ايران (فارس شطاق) ۾ اسُريو، جتان پوءِ يعني آهستي آهستي ترقي ڪندي هي هندستان تائين پهتو، بعد ۾ هن جون ذيلي/ ثانوي شاخون حجاز ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ قائم ٿيون. لفظ ’شطاري‘ عربي ٻولي جي ’شاطر‘ مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي تيزي سان روشن ڪندڙ يا تيزي سان وڌندڙ. اها لغوي معنيٰ تيزيءَ سان تڪميل ماڻيندڙ روحاني طريقي يا نظام کي ظاهر ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هيءُ لفظ ان سلسلي جي باني شيخ سراج الدين عبدالله شطار جي نالي مان اخذ ڪيل آهي. صوفي مت/تصوف جي ٻين سلسلن جي ڀيٽ ۾ هي سلسلو فنا جي نظريي ۾ يقين نٿو رکي. ادريس شاھہ پنھنجي ڪتاب The Sufis۾ لکي ٿو تہ: شطاري طريقو، تصوف جي عام مقبول طريقي نقشبندي مان اُخذ ٿيل آهي. جيڪو تيزيءَ سان روحانيت/تصوف جون منزلون طئہ ڪندو آهي. شطاري سلسلي ۾ داخل ٿيڻ بعد پير، مريد کي شرعي تقاضائن سان روشناس ڪرائي طريقت جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ پوءِ معرفت ۽ حقيقت تائين رسائي ۾ سندس رهنمائي ڪري ٿو. هن سلسلي بابت اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ هي سلسلو طئفوري خانوادي جي شاخ طور متعارف ٿيو، جنهن جو بنياد سھروردي خانوادي جي باني شيخ شھاب الدين سھروردي جي پنجين پيڙهي ۾ سندس پڙ پوٽي شيخ سراج الدين عبدالله شطاري رکيو. ادريس شاھہ موجب سراج شيخ شطاري هندستان کي پندرهين صديءَ ۾ پنهنجو مسڪن بڻايو، جتي هوءَ شاهي لباس اوڍي گهٽين ۾ دف وڄائيندو ۽ کليل نموني ماڻهن کي شطاري سلسلي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندو هو. سندس ٻيو عام طريقو اهو هو تہ ڪنهن بہ صوفي گروھہ جي رهنما وٽ وڃي کيس چوندو هو ته، “مون کي، پنھنجي طريقت سيکار، جيڪڏهن نٿو سيکارين تہ پوءِ آءُ توکي پنھنجي طريقت سکڻ جي دعوت ڏيان ٿو.” اڳتي هلي هن سلسلي جي خلافت حضرت ابو الفتاح هدايت سرمست (وفات944ھہ/ 1535ع) جي هٿن ۾ آئي، جيڪو حضرت علاوالدين قاذان شطاري جو ٽيون نمبر فرزند هو. مشھور مغل بادشاھہ همايون، حضرت ابو الفتاح هدايت سرمست جو معتقد هو ۽ ساڻس روحاني، ديني، دنياوي توڙي سياسي معاملن ۾ بہ صلاح مشورا ڪندو هو. هن سلسلي جو هڪ ٻيو مشھور بزرگ/ عالم سورهين صديءَ ۾ شاھہ محمد غوث جي نالي سان ٿي گذريو آهي، جنهن جو شجرهء نسب فارسيءَ جي ڪلاسيڪل صوفي شاعر عطار ذريعي حضرت علي ڪرم وجه سان هن ريت ملي ٿو: شاھہ محمد غوث بن سيد حاضرالدين بايزيد بن فريد الدين عطار بن سامي واصل بن احمدال صادق بن نجيب الدين تقيع الدين بن نورالله ابوبڪر بن زين العابدين بن حضرت امام حسين بن حضرت علي ابن ابي طالب. شطاري سلسلي کي شھرت ۽ اوج شاھہ سلطان حاجي حميد محمد غوث گواليار شطاري جي زماني ۾ مليو. هن شطاري سلسلي کي نئين سر اُڀاري نمايان حيثيت ڏياري. هن تصوف ۽ شطاري سلسلي متعلق جيڪي اهم ڪتاب لکيا، انهن ۾: جواهر خمس،بحرالحيات، اورادغوثيه، رسالهءِ محراجيه، ڪنز الواحد، جامع،قابد مخاجان ۽ قرآن ڪريم جو هٿ اکر لکيل فارسي ترجمو شامل آهن. حضرت شاھہ محمد غوث گواليار جي دعويٰ هئي تہ هن روحاني سفر”معراج“ جو مشاهدو ماڻيو آهي، جنهن جي مخالفت ۾ ان وقت جي مشھور مفتي حضرت شاھہ وجيھہ الدين گجراتي فتويٰ جاري ڪئي، پر بعد ۾ سندس روحانيت(مقام) کان متاثر ٿي سندس معتقد ٿيو ۽ شطاري سلسلي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. اهو پڻ چيو وڃي ٿو تہ مشھور موسيقار تانسين جي پالنا، حضرت شاھہ محمد غوث جي نگراني ۾ ٿي، جنهن کي تصوف ۽ موسيقي جي سکيا بہ شاھہ محمد غوث کان حاصل ٿي، کيس خلافت بہ ملي ۽ سندس مدفن بہ حضرت شاھہ محمد غوث جي مقبري جي احاطي ۾ آهي. تصوف جو هي سلسلو پندرهين صديءَ کان اڄ تائين جاري آهي، موجودہ وقت ۾ شطاري سلسلي جو سربراھہ ۽ رهنما خليفہ و سجادہ حضرت صوفي محمد سعيد علي شاھہ آهي، جيڪو (جيڪڏهن حضرت محمد غوث کان ڳڻجي تہ) هن سلسلي جو سترهون خليفو آهي ۽ صوفي صاحب جي نالي سان مقبول آهي. کيس 1975ع ۾ خلافت ۽1981ع ڌاري سجادہ نشيني جو تاج پارايو ويو. تڏهن کان اڄ تائين تقريبن چاليھہ سالن کان شطاري سلسلي جي واڌاري۾ مصروف عمل آهي. شطاري سلسلي جا ڇھہ بنيادي اصول هيءُ آهن، جيڪي هن سلسلي کي تصوف جي ٻين سلسلن کان جدا ڪري بيهارين ٿا. (1) شطاري سلسلي ۾ ذات کان انڪار بجاءِ ذات جي تصديق جي پيروي تي زور ڏنو وڃي ٿو. (2) هن سلسلي ۾ استغراق کي وقت جو زيان قرار ڏنو ويو آهي. (3) ذات کي مٽائڻ واري تصور کي غلط قرار ڏنو ويو آهي. شطاري سلسلي موجب صوفي کي محض چوڻ گهرجي تہ مان، مان آهيان. وحدانيت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي تہ صوفي هڪ سمجهي، هڪ ڏسي، هڪ چوي ۽ هڪ ٻڌي. هن سلسلي جي صوفي لاءِ لازم آهي تہ هوءَ پاڻ کي“هڪ” يا “حق” چوي ۽ ان ڳالھہ جو بہ اقرار ڪري تہ منهنجو ڪو شريڪ ڪونهي. (4) شطاري سلسلي ۾ نفس جي خلاف ٿيڻ يا نفس سان جهاد ڪرڻ جي منع ٿيل آهي. (5) شطاري سلسلي ۾ ”فنا/فنا ٿيڻ“ جي ڪا منزل ڪونهي. ڇاڪاڻ تہ ان لاءِ ٻن وجودن جو هجڻ لازمي آهي، هڪ جنهن جي خواهش هجي فنا ٿيڻ ۽ ٻيو، جنهن ۾ فنا ٿجي. تنهن ڪري اها وحدانيت نہ بلڪہ دوئيت سمجهي وڃي ٿي.


لفظ شطاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو