شطاري: هي تصوف جي سلسلي يعني ‘طريقي’ جا پوئلڳ سڏجن ٿا. هي سلسلو جيڪي پندرهين صديءَ ڌاري ايران (فارس شطاق) ۾ اسُريو، جتان پوءِ يعني آهستي آهستي ترقي ڪندي هي هندستان تائين پهتو، بعد ۾ هن جون ذيلي/ ثانوي شاخون حجاز ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ قائم ٿيون. لفظ ’شطاري‘ عربي ٻولي جي ’شاطر‘ مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي تيزي سان روشن ڪندڙ يا تيزي سان وڌندڙ. اها لغوي معنيٰ تيزيءَ سان تڪميل ماڻيندڙ روحاني طريقي يا نظام کي ظاهر ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هيءُ لفظ ان سلسلي جي باني شيخ سراج الدين عبدالله شطار جي نالي مان اخذ ڪيل آهي. صوفي مت/تصوف جي ٻين سلسلن جي ڀيٽ ۾ هي سلسلو فنا جي نظريي ۾ يقين نٿو رکي. ادريس شاهه پنهنجي ڪتاب The Sufis۾ لکي ٿو ته: شطاري طريقو، تصوف جي عام مقبول طريقي نقشبندي مان اُخذ ٿيل آهي. جيڪو تيزيءَ سان روحانيت/تصوف جون منزلون طئه ڪندو آهي. شطاري سلسلي ۾ داخل ٿيڻ بعد پير، مريد کي شرعي تقاضائن سان روشناس ڪرائي طريقت جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ پوءِ معرفت ۽ حقيقت تائين رسائي ۾ سندس رهنمائي ڪري ٿو. هن سلسلي بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته هي سلسلو طئفوري خانوادي جي شاخ طور متعارف ٿيو، جنهن جو بنياد سهروردي خانوادي جي باني شيخ شهاب الدين سهروردي جي پنجين پيڙهي ۾ سندس پڙ پوٽي شيخ سراج الدين عبدالله شطاري رکيو. ادريس شاهه موجب سراج شيخ شطاري هندستان کي پندرهين صديءَ ۾ پنهنجو مسڪن بڻايو، جتي هوءَ شاهي لباس اوڍي گهٽين ۾ دف وڄائيندو ۽ کليل نموني ماڻهن کي شطاري سلسلي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندو هو. سندس ٻيو عام طريقو اهو هو ته ڪنهن به صوفي گروهه جي رهنما وٽ وڃي کيس چوندو هو ته، “مون کي، پنهنجي طريقت سيکار، جيڪڏهن نٿو سيکارين ته پوءِ آءُ توکي پنهنجي طريقت سکڻ جي دعوت ڏيان ٿو.” اڳتي هلي هن سلسلي جي خلافت حضرت ابو الفتاح هدايت الله سرمست (وفات944هه/ 1535ع) جي هٿن ۾ آئي، جيڪو حضرت علاوالدين قاذان شطاري جو ٽيون نمبر فرزند هو. مشهور مغل بادشاهه همايون، حضرت ابو الفتاح هدايت الله سرمست جو معتقد هو ۽ ساڻس روحاني، ديني، دنياوي توڙي سياسي معاملن ۾ به صلاح مشورا ڪندو هو. هن سلسلي جو هڪ ٻيو مشهور بزرگ/ عالم سورهين صديءَ ۾ شاهه محمد غوث جي نالي سان ٿي گذريو آهي، جنهن جو شجرهء نسب فارسيءَ جي ڪلاسيڪل صوفي شاعر عطار ذريعي حضرت علي ڪرم الله وجھ سان هن ريت ملي ٿو: شاهه محمد غوث بن سيد حاضرالدين بايزيد بن فريد الدين عطار بن سامي واصل بن احمدال صادق بن نجيب الدين تقيع الدين بن نورالله ابوبڪر بن زين العابدين بن حضرت امام حسين بن حضرت علي ابن ابي طالب. شطاري سلسلي کي شهرت ۽ اوج شاهه سلطان حاجي حميد محمد غوث گواليار شطاري جي زماني ۾ مليو. هن شطاري سلسلي کي نئين سر اُڀاري نمايان حيثيت ڏياري. هن تصوف ۽ شطاري سلسلي متعلق جيڪي اهم ڪتاب لکيا، انهن ۾: جواهر خمس،بحرالحيات، اورادغوثيه، رسالهءِ محراجيه، ڪنز الواحد، جامع،قابد مخاجان ۽ قرآن ڪريم جو هٿ اکر لکيل فارسي ترجمو شامل آهن. حضرت شاهه محمد غوث گواليار جي دعويٰ هئي ته هن روحاني سفر”معراج“ جو مشاهدو ماڻيو آهي، جنهن جي مخالفت ۾ ان وقت جي مشهور مفتي حضرت شاهه وجيهه الدين گجراتي فتويٰ جاري ڪئي، پر بعد ۾ سندس روحانيت(مقام) کان متاثر ٿي سندس معتقد ٿيو ۽ شطاري سلسلي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته مشهور موسيقار تانسين جي پالنا، حضرت شاهه محمد غوث جي نگراني ۾ ٿي، جنهن کي تصوف ۽ موسيقي جي سکيا به شاهه محمد غوث کان حاصل ٿي، کيس خلافت به ملي ۽ سندس مدفن به حضرت شاهه محمد غوث جي مقبري جي احاطي ۾ آهي. تصوف جو هي سلسلو پندرهين صديءَ کان اڄ تائين جاري آهي، موجوده وقت ۾ شطاري سلسلي جو سربراهه ۽ رهنما خليفه و سجاده حضرت صوفي محمد سعيد علي شاهه آهي، جيڪو (جيڪڏهن حضرت محمد غوث کان ڳڻجي ته) هن سلسلي جو سترهون خليفو آهي ۽ صوفي صاحب جي نالي سان مقبول آهي. کيس 1975ع ۾ خلافت ۽1981ع ڌاري سجاده نشيني جو تاج پارايو ويو. تڏهن کان اڄ تائين تقريبن چاليهه سالن کان شطاري سلسلي جي واڌاري۾ مصروف عمل آهي. شطاري سلسلي جا ڇهه بنيادي اصول هيءُ آهن، جيڪي هن سلسلي کي تصوف جي ٻين سلسلن کان جدا ڪري بيهارين ٿا. (1) شطاري سلسلي ۾ ذات کان انڪار بجاءِ ذات جي تصديق جي پيروي تي زور ڏنو وڃي ٿو. (2) هن سلسلي ۾ استغراق کي وقت جو زيان قرار ڏنو ويو آهي. (3) ذات کي مٽائڻ واري تصور کي غلط قرار ڏنو ويو آهي. شطاري سلسلي موجب صوفي کي محض چوڻ گهرجي ته مان، مان آهيان. وحدانيت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته صوفي هڪ سمجهي، هڪ ڏسي، هڪ چوي ۽ هڪ ٻڌي. هن سلسلي جي صوفي لاءِ لازم آهي ته هوءَ پاڻ کي“هڪ” يا “حق” چوي ۽ ان ڳالهه جو به اقرار ڪري ته منهنجو ڪو شريڪ ڪونهي. (4) شطاري سلسلي ۾ نفس جي خلاف ٿيڻ يا نفس سان جهاد ڪرڻ جي منع ٿيل آهي. (5) شطاري سلسلي ۾ ”فنا/فنا ٿيڻ“ جي ڪا منزل ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ٻن وجودن جو هجڻ لازمي آهي، هڪ جنهن جي خواهش هجي فنا ٿيڻ ۽ ٻيو، جنهن ۾ فنا ٿجي. تنهن ڪري اها وحدانيت نه بلڪه دوئيت سمجهي وڃي ٿي.