شعراءَ (قرآن شريف جي سورة): سورة شعراءَ قرآن مجيد جي ڇويهين سورت مبارڪ آهي. هن ۾ يارنهن رڪوع ۽ 227 آيتون آهن. هيءَ سورت، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي مڪي واري قيام جي وچين دور ۾ نازل ٿي. هن سورت ۾ شاعرن جو ذڪر آيو آهي، ان ڪري هن سورت تي هي نالو پيو. هن سورت جي شروع ۾ پاڻ سڳورنصه کي چيو ويو آهي ته توهان انهن ماڻهن جي پٺيان پنهنجي جان ڇا لاءِ ڳاري رهيا آهيو، جيڪي ايمان نه ٿا آڻين. انهن جي ايمان آڻڻ جو ڪارڻ هي نه آهي ته انهن کي ڪا نشاني کپي، بلڪه ان جو سبب سندن ضد آهي ۽ جڏهن انهن جي آڏو ڪا نشاني اچي ويندي ته کين پاڻ ئي خبر پئجي ويندي ته جيڪا ڳالهه انهن کي چئي ٿي وئي، اها ڪيئن حق هئي. پر ڳالهه جيڪڏهن نشانين جي ئي آهي ته خدا جي زمين تي نشانيون ئي نشانيون پکڙيون پيون آهن. انهيءَ مناسبت سان تاريخ جي ستن قومن جا حالات پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ اهڙي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿيا، اها ڳالهه ياد ڏياري چيو ويو آهي ته هاڻي ڪافر خود فيصلو ڪن ته اهي ڪهڙي قسم جي نشاني ڏسڻ گھرن ٿا. انهيءَ سورت ۾ هي به ٻڌايو ويو آهي ته ڪافرن جي ذهنيت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي ۽ انهن جا دليل به هڪ جهڙا هئا، نيٺ سندن انجام به هڪ جهڙو ئي ٿيو. ان جي مقابلي ۾ سڀني نبين سڳورن جي تعليم به هڪ هئي. آخري رڪوع جي آيتن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن نشانيون ئي ڏسڻيون اٿَوَ ته خوفناڪ نشانين ڏسڻ جي لاءِ زور ڇوٿا ڀريو، بلڪ ان جي جاءِ تي قرآن مجيد کي ڏسو، جيڪو هڪ تمام وڏي نشاني آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي ڏسو، ان جي اصحابن کي ڏسو. ڇا! پاڻ سڳورا ۽ ان جا ساٿي توهان کي اهڙا نظر اچن ٿا، جهڙا شاعر ۽ انهن جا ساٿي هوندا آهن؟ ۽ توهان ضد ڇڏي سڌي واٽ تي اچو، جڏهن ته اوهان ڄاڻو ٿا ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ڪاهن ۽ شاعر هجڻ جو پري تائين جو واسطو به نه آهي.