شعراءَ (قرآن شريف جي سورة): سورة شعراءَ قرآن مجيد جي ڇويهين سورت مبارڪ آهي. هن ۾ يارنهن رڪوع ۽ 227 آيتون آهن. هيءَ سورت، پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي مڪي واري قيام جي وچين دور ۾ نازل ٿي. هن سورت ۾ شاعرن جو ذڪر آيو آهي، ان ڪري هن سورت تي هي نالو پيو. هن سورت جي شروع ۾ پاڻ سڳورنصه کي چيو ويو آهي تہ توهان انهن ماڻهن جي پٺيان پنھنجي جان ڇا لاءِ ڳاري رهيا آهيو، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين. انهن جي ايمان آڻڻ جو ڪارڻ هي نہ آهي تہ انهن کي ڪا نشاني کپي، بلڪہ ان جو سبب سندن ضد آهي ۽ جڏهن انهن جي آڏو ڪا نشاني اچي ويندي تہ کين پاڻ ئي خبر پئجي ويندي تہ جيڪا ڳالھہ انهن کي چئي ٿي وئي، اها ڪيئن حق هئي. پر ڳالھہ جيڪڏهن نشانين جي ئي آهي تہ خدا جي زمين تي نشانيون ئي نشانيون پکڙيون پيون آهن. انهيءَ مناسبت سان تاريخ جي ستن قومن جا حالات پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ اهڙي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي ڪري تباھہ ۽ برباد ٿيا، اها ڳالھہ ياد ڏياري چيو ويو آهي تہ هاڻي ڪافر خود فيصلو ڪن تہ اهي ڪهڙي قسم جي نشاني ڏسڻ گهرن ٿا. انهيءَ سورت ۾ هي بہ ٻڌايو ويو آهي تہ ڪافرن جي ذهنيت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي ۽ انهن جا دليل بہ هڪ جھڙا هئا، نيٺ سندن انجام بہ هڪ جهڙو ئي ٿيو. ان جي مقابلي ۾ سڀني نبين سڳورن جي تعليم بہ هڪ هئي. آخري رڪوع جي آيتن ۾ چيو ويو آهي تہ جيڪڏهن نشانيون ئي ڏسڻيون اٿَوَ تہ خوفناڪ نشانين ڏسڻ جي لاءِ زور ڇوٿا ڀريو، بلڪ ان جي جاءِ تي قرآن مجيد کي ڏسو، جيڪو هڪ تمام وڏي نشاني آهي. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي ڏسو، ان جي اصحابن کي ڏسو. ڇا! پاڻ سڳورا ۽ ان جا ساٿي توهان کي اهڙا نظر اچن ٿا، جھڙا شاعر ۽ انهن جا ساٿي هوندا آهن؟ ۽ توهان ضد ڇڏي سڌي واٽ تي اچو، جڏهن تہ اوهان ڄاڻو ٿا تہ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو ڪاهن ۽ شاعر هجڻ جو پري تائين جو واسطو بہ نہ آهي.