
شعيب اختر
شعيب اختر: دنيا جي تيز ترين بالر جو اعزاز ماڻيندڙ، پاڪستاني قومي ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر 13 آگسٽ 1975ع تي راولپنڊيءَ ڀرسان هڪ ننڍي وسنديءَ ۾ ڄائو. گُجر قبيلي سان تعلق رکندڙ شعيب جو والد اٽڪ ريفائنريءَ ۾ پلانٽ آپريٽر هو. شعيب اختر راولپنڊيءَ ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. هي 1990ع کان پهريان مقامي ٽيمن لاءِ ڪرڪيٽ کيڏندوهو. 1997ع ۾ شعيب اختر کي پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. سندس شاندار ۽ تيز بالنگ کيس شھرت ڏني. 1999ع واري ورلڊ ڪپ ۾ هن انڊيا خلاف بھترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. ان کان اڳ ڪلڪتي ۾ جاري ايشين چيمپئن شپ دوران هن 8 وڪيٽون ڪيرائي مقبوليت ماڻي. ان سيريز ۾ هن ڀارتي مشھور ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ ۽ سچن ٽنڊولڪر کي بہ تڪڙو آئوٽ ڪيو. 2002ع ۾ هن آسٽريليا خلاف مئچن ۾ بہ بھترين بالنگ ذريعي ٽيم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
2002ع ۾ هن نيوزيلينڊ خلاف مئچ ۾ تيز ترين بالنگ ڪرائي، جنهن جي اسپيڊ 161.3kph رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي مئچ ۾ هن 160kph جي اسپيڊ سان پڻ ٻہ بال اڇلايا، اهو ان وقت جو عالمي رڪارڊ بڻيو. سندس تيز بال سان ڀارتي ڪرڪيٽر گنگولي سميت ڪيترا رانديگر زخمي پڻ ٿيا. ڪيريئر دوران شعيب اختر مسئلن جو شڪار بہ رهيو آهي. سندس ٻانهن جا آپريشن بہ ٿيا ۽ ڪن معاملن سبب مٿس مئچون کيڏڻ تي پابندي بہ لڳي. 2005ع دوران آسٽريلين ٽيم سان جارحاڻي رويي سبب کيس گهر موڪليو ويو، ان بعد ڪجهہ منع ٿيل دوائن جي واپرائڻ سبب پڻ آءِ. سي. سي مٿس پابندي مڙهي، جيڪا 2007ع ۾ اپيل ڪرڻ بعد هٽائي وئي. اپريل 2008ع ۾ ڪرڪيٽ بورڊ'>پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مٿس 5 سالن لاءِ پابندي مڙهيندي الزام لڳايو تہ هو عوامي هنڌن تي پي. سي. بي خلاف ڳالهائي رهيو هو. آڪٽوبر 2008ع ۾ اهو فيصلو هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت معطل ڪيو ويو.
شعيب اختر 2011ع واري ورلڊ ڪپ بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي، جون 2014ع ۾ هن رُباب نالي خاتون سان شادي ڪئي آهي. هن وقت شعيب اختر انڊين پريميئر ليگ (I.P.L) سميت ٻين غير قومي ٽيمن لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏ مختلف مئچن ۾ ڪمينٽري جا فرض پڻ سر انجام ڏئي رهيو آهي.
1975.08.13 عيسوي
اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر 13 آگسٽ 1975ع تي راولپنڊيءَ ڀرسان هڪ ننڍي وسنديءَ ۾ ڄائو.