شعيب عليہ السلام

شعيب عليہ السلام: حضرت شعيب عليہ السلام پيغمبر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي. حضرت هود، صالح ۽ لوط کانپوءِ مبعوث (موڪليو ويو) ٿيو. هو اصحاب الايڪه وارن ڏانهن موڪليو ويو هو. پوءِ جا مفسر هن کي حضرت موسيٰ جو سھرو تسليم ڪن ٿا، جڏهن تہ قرآن مجيد ۾ حضرت موسيٰ جي سهري جو نالو ٻڌايل نہ آهي.
توحيد کان سواءِ حضرت شعيب پنھنجي قوم کي ماپ تور ۾ ايمانداري ڪرڻ، حقوق العباد ادا ڪرڻ ۽ امن و امان سان رهڻ جي تاڪيد ۽ نصيحت ڪئي، پر قوم جي اميرن هن جي دعوت کي قبول نہ ڪيو ۽ حضرت شعيب ۽ ان پيروڪارن کي شھر بدر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. قوم جي دل ۾ بہ حضرت جن لاءِ ڪا عزت نہ هئي ۽ اگر قوم کي هن جي خاندان جو لحاظ نہ هجي ها تہ اهي هن کي سنگسار ڪري ڇڏين ها. انهن ئي گناهن جي ڪارڻ هن قوم تي عذاب آيو، عذاب زلزلي جي صورت ۾ هو جنهن کانپوءِ قوم جا سڀئي افراد پنھنجي گهرن ۾ اونڌي منهن مئل مليا.


لفظ شعيب عليہ السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو