شعيب ملڪ

شعيب ملڪ

شعيب ملڪ

شعيب ملڪ: پاڪستاني قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر ۽ اڳوڻو ڪپتان، شعيب ملڪ پهرين فيبروري 1982ع تي سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن اڄ تائين 32 ٽيسٽ مئچن ۾ 1606 رنسون ۽ 216 ون. ڊي مئچن ۾ 5490 رنسون ٺاهيون آهن. ان کان سواءِ هي بھترين اسپن بالر پڻ آهي. ٽيسٽ مئچن ۾ 21 جڏهن تہ ون ڊي ۾ هن 141 وڪيٽون ڪيرايون آهن. شعيب ملڪ ننڍپڻ ۾مقامي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ بھترين کيڏاري رهيو. هن 1993ع ڌاري عالمي چئمپيئن عمران خان جي ڪوچنگ ۾ قائم ڪيل ڪرڪيٽ ڪلينڪس سيالڪوٽ مان تربيت حاصل ڪئي. سيالڪوٽ اسٽالينز ۽ گجرانواله جي ٽيمن ۾ کيڏندڙ هي آل رائونڊر قومي ٽيم ۾ سليڪشن بعد پهرين ون ڊي مئچ 1999ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيو.
شعيب ملڪ ڪيترن ئي ون ڊي ۽ ٽيسٽ مئچن ۾ شاندار بيٽنگ توڙي اسپن بالنگ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن جي بالنگ ايڪشن تي 2004ع دوران انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (I.C.C) اعتراض واريندي معائنو ڪيو ۽ اٺن مهينن بعد سندس پيچيدہ بالنگ ايڪشن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو. شعيب ملڪ جو ’دوسرا‘ گهڻو مشھور ٿيو، جنهن ذريعي هن ڪيترن وڏن رانديگرن جون وڪيٽون ڪيرايون. ان ڏکي بالنگ سبب کيس ٺونٺ جي آپريشن بہ ڪرائڻي پئي. 2007ع واري ورلڊ ڪپ کان پوءِ انضمام الحق جڏهن استعيفا ڏني تہ يونس خان ۽ محمد يوسف ڪجهہ عرصي لاءِ ڪپتان مقرر ٿيا. ان بعد شعيب ملڪ کي اپريل 2007ع ۾ پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. تڏهوڪي ڪرڪيٽ ڪوچ باب وولمر بہ سندس ڪپتانيءَ جي حمايت ڪندي کيس ذهين رانديگر قرار ڏنو. ان وقت شعيب ملڪ 25 سالن جو نوجوان ڪپتان هو. ڪپتاني دوران پهرين ون ڊي سيريز ۾ هن سريلنڪا خلاف بهترڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. جڏهن تہ هوم گرائونڊ (پاڪستان) ۾ سائوٿ آفريڪا خلاف ٽيسٽ مئچ هارائي. هوڏانهن ڀارت خلاف پهرين ون ڊي ۾ شعيب ملڪ 89 رنسون ٺاهيون ۽3 وڪيٽون حاصل ڪري مئچ 31 رنسن جي فرق سان کٽي. ٻن سالن جي ڪپتاني واري عرصي ۾ شعيب ملڪ 36 ون ڊي مان 24 مئچون کٽيون ۽ 17 ٽي ٽوئنٽي مئچن مان 12 مئچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪپتاني ڇڏڻ بعد مارچ 2010ع ۾ شعيب ملڪ تي آءِ. سي. سي پاران هڪ سال پابندي مڙهي وئي، جنهن جو سبب ٽيم اندر ضابطن جي ڀڃڪڙي ٻڌايو ويو. شعيب ملڪ غير ملڪي ٽيمن ۾ پڻ ٽوئنٽي-20 مئچن لاءِ کيڏي چڪو آهي. هن نومبر 2015ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. سندس شادي 2010ع ۾ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيہ مرزا سان ٿي.


لفظ شعيب ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.02.01  عيسوي

شعيب ملڪ پهرين فيبروري 1982ع تي سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال ترين
پيرزادو عبدالستار
سيد علي ثاني ٺٽوي
آڍو خان جتوئي
شبنم اداڪارہ
سيد گل محمد شاھہ لڪياري
الف خان ترين خانبهادر
ڏَيو ڏنارام
باتو خان
جوهر شوڪت علي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون