
شعيب منصور
شعيب منصور: شعيب منصور پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جو ناميارو ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، ليکڪ، شاعر، موسيقار ۽ هدايتڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن 1982ع ۾ پي. ٽي وي. تان هلندڙ مشھور ڊرامي ‘ان ڪھي’ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. 1989ع ۾ پاپ ميوزڪ شو ‘ميوزڪ 89’ ۾ پروگرامن جو پروڊيوسر رهيو. 1990ع ۾ ڊراما، ‘ڌنڌلي راستي’، ‘سنهري دن’ ۽ بي پناھہ شھرت ماڻيندڙ ڊرامو ‘ايلفا براوو چارلي’ (جيڪو 1998ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيو.) کان سواءِ هن وائٽل سائنز (Vital Signs) نالي هڪ ميوزڪ بينڊ ٽي. وي تي متعارف ڪرايو. جنهن سندس لکيل ملي نغمو ‘دل دل پاڪستان’ ڳائي ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ تمام گهڻي شھرت ماڻي. اهو ملي نغمو اڄ بہ تمام گهڻو ڳايو ويندڙ ملي نغمو آهي. ان کان سواءِ هن شبنم مجيد جي آواز ۾ هڪ نغمو ‘عشق محبت اپنا پن’ بہ رڪارڊ ڪيو. جنهن جي وڊيو پڻ تمام گهڻي شھرت ماڻيءَ هن ٽي. وي تي ٻيا ڪيترائي ميوزڪ جا مشھور پروگرام ترتيب ڏنا. جھڙوڪ ‘ميوزڪ 89’، ‘جهرني’، ‘جنون اڀي ڪم نهين هئا’ ۽ ‘گِٽار 93’ شامل آهن. 2007ع ۾ بحثيت فلم ڊائريڪٽر سندس پهرين فلم ‘خدا ڪي ليي’ رليز ٿي، جنهن پاڪستان سميت ٻاهر ين ملڪن ۾ سٺي شھرت ماڻي. 2007ع ۾ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ‘سلور پئرامڊ’ اوارڊ کان سواءِ ‘روبر ٽو روزيڪيني’ جو بيسٽ فلم اوارڊ پڻ حاصل ڪيائين 2011ع ۾ سندس ٻي فلم ‘بول’ بہ فلمي دنيا ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ڪيترائي اوارڊ حاصل ڪيا. جن ۾ I.R.D.S پاران بيسٽ فلم اوارڊ، لڪس اسٽائل اوارڊ ۽ لنڊن ايشين فلم فيسٽيول ۾ بيسٽ فلم اوارڊ شامل آهن. ان کان سواءِ فلم بول ايشيا پيسفڪ اسڪرين اوارڊ لاءِ بيسٽ فيچر فلم طور بہ نامزد ٿي.
سندس خدمتن جي عيوض 2007ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن پاران کيس ‘لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ’ ۽ 2008ع ۾ صدارتي اوارڊ ‘پرائڊ آف پرفارمنس’ بہ ڏنو ويو.