شعيب ڪڇي شيخ: هيءُ بزرگ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي مريدن مان هو. مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي ڪتاب ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: “شعيب ڪڇي خواجه محمد زمان جو مريد هو ۽ خواجه صاحب جي وفات کانپوءِ ان جي فرزند خواجه گل محمد جي صحبت ۾ رهيو.” شعيب شيخ سنڌي هو، پر خواجه گل محمد هن کي ڪڇ ۾ ذڪر سيکارڻ لاءِ موڪليو، جنهن کانپوءِ هن تي شعيب ڪڇي نالو پئجي ويو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن. روايت آهي ته هڪ ڀيري هن درويش جي ٻڪري پاڙي وارن چوري ڪئي، درويش سڀني کي گھرائي کانئن ٻڪريءَ جي پڇا ڪئي، پر سڀني چوري قبولڻ کان انڪار ڪيو. درويش وري چيو ته ٻڪري چورائڻ وارا ٻڪري واپس ڪن، نه ته ڏاڍا خوار ٿيندا. پر اتي موجود چورن ان ڳالهه کي مسخري سمجھي جواب نه ڏنو. آخر درويش ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پوءِ هڪدم سڀئي چور ٻڪريءَ وانگر ٻي ٻي ڪرڻ لڳا. اهو لقاءُ ڏسي چور اچي درويش شعيب ڪڇيءَ جي پيرن تي ڪريا ۽ معافي طلب ڪيائون. هن درويش 1227هه/1812ع ۾ وفات ڪئي.