شعيب ڪڇي شيخ: هيءُ بزرگ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جي مريدن مان هو. مولانا دين محمد وفائيءَ پنھنجي ڪتاب ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ لکي ٿو تہ: “شعيب ڪڇي خواجہ محمد زمان جو مريد هو ۽ خواجہ صاحب جي وفات کانپوءِ ان جي فرزند خواجہ گل محمد جي صحبت ۾ رهيو.” شعيب شيخ سنڌي هو، پر خواجہ گل محمد هن کي ڪڇ ۾ ذڪر سيکارڻ لاءِ موڪليو، جنهن کانپوءِ هن تي شعيب ڪڇي نالو پئجي ويو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آهن. روايت آهي تہ هڪ ڀيري هن درويش جي ٻڪري پاڙي وارن چوري ڪئي، درويش سڀني کي گهرائي کانئن ٻڪريءَ جي پڇا ڪئي، پر سڀني چوري قبولڻ کان انڪار ڪيو. درويش وري چيو تہ ٻڪري چورائڻ وارا ٻڪري واپس ڪن، نہ تہ ڏاڍا خوار ٿيندا. پر اتي موجود چورن ان ڳالھہ کي مسخري سمجهي جواب نہ ڏنو. آخر درويش ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پوءِ هڪدم سڀئي چور ٻڪريءَ وانگر ٻي ٻي ڪرڻ لڳا. اهو لقاءُ ڏسي چور اچي درويش شعيب ڪڇيءَ جي پيرن تي ڪريا ۽ معافي طلب ڪيائون. هن درويش 1227ھہ/1812ع ۾ وفات ڪئي.