شفاعت: لفظ شفاعت دعا، سفارش، واسطو ۽ پيغام پهچائڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. هي اصطلاح دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي ڪمن ۾ ڪم اچي ٿو. عدالت ۽ فيصلي جي سلسلي ۾ سفارش بابت تمام گهٽ ذڪر آهي. خاص طور تي هي اصطلاح ديني مفهوم ۽ قيامت بابت استعمال ۾ ايندو آهي. اسلام ۾ شفاعت جي امڪان کي مڪمل طرح خارج نہ ڪيو ويو آهي. حديث شريف ۾ حساب واري ڏينهن شفاعت جو ذڪر موجود آهي. جنهن مان اها ڳالھہ ثابت آهي تہ قيامت جي ڏينهن پاڻ ڪريم صہ جن کي پنھنجي گنھگار امت جي شفاعت جا اختيار ملندا.