
شفالي واسديو
شفالي واسديو: هندستان جي فيشن ۽ گليمر جي دنيا جي بھترين نقاد ۽ ليکڪہ شفالي واسديو، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ نقاد هريش واسديو جي ڌيءَ آهي. سندس تعلق گجرات جي سنڌي خاندان سان آهي. شفالي واسديو پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات دنيا جي جڳ مشھور فيشن ميگزين ‘ميري ڪليئر’ (Marie Claire) جي هندستاني ايڊيشن جي پهرين ايڊيٽر ٿيڻ سان ڪئي، جنهن بعد هڪ ٻئي مشھور رسالي ‘دي انڊين ايڪسپريس’ جي ايڊيٽر بڻي. سندس ماءُ اندرا واسديو بہ سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ليکڪا هئي. جيڪا هن وقت گذاري وئي آهي.
شفالي، هندستان تي گليمر جي دنيا ۾ هڪ نقاد طور وڏو نالو ڪمايو آهي. هن فيشن تي ڪيترائي پرمغز ڪالم لکي پڙهندڙن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. هوءَ هندستان جي مشھور فيشن مئگزين: ’آئوٽ لڪ‘، ’هندستان ٽائيمز‘، ’انڊين ايڪسپريس‘ ۾ مسلسل لکندي رهي ٿي. شفالي واسديو فيشن جي حوالي سان هڪ ڪتابڙو ’پائوڊر روم‘ پڻ لکيو، جنهن هندستان توڙي هندستاني فيشن جي صنعت ۾ دلچسپي رکندڙ ٻاهرين ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو. جنهن ۾ هن لکڻ جي برانڊيڊ پرسز، مهانگين گهڙين، قميتي ڪپڙن، سينڊلن، سڪارف، پرفيومن جي امير دنيا پٺيان ڀڳڙن مُٺ تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ٻين تلخ حقيقتن کي وائکو ڪيو آهي. شفالي انهن حقيقتن تي لکي گليمر فيشن بابت تحريرن کي انوکو انداز فراهم ڪيو آهي. هن پنھنجي ڪتاب ۾ انهن سمورين حقيقتن کي وائکو ڪيو آهي تہ لکين رپين جون مهانگيون شيون ٺاهيندڙ مزدور ڪهڙين حالتن ۽ ڪيتري پگهار تي گذارو ڪن ٿا. شفالي واسديو هندستان ۾ رهندي بہ سنڌي ٻوليءَ کي هرگز ناهي وساريو. هوءَ سنڌي ٻولي چڱي طرح ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهي ٿي. پنھنجي پيءُ هريش واسديو جي مرڻ تي هن انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ شاندار تاثراتي مضمون لکيو هو.