
شفق
شفق (Twilight): شفق ان بکندڙ مڌر- ڳاڙهاڻ کي سڏجي ٿو، جيڪا سج لھڻ ۽ اڀرڻ وقت افق وٽ پيدا ٿئي ٿي يا سانجهيءَ جو اهو عرصو، جيڪو ڏينهن جي روشني ۽ اُجهندي جي وچ وارو ٿئي ٿو. شفق کي سولي نموني سان هيئن بہ بيان ڪري سگهجي ٿو ته، اهو ڏينهن جو عرصو آهي، جيڪو ڏينهن جي روشني ۽ اُجهندي جو وچ وارو ٿئي ٿو، پوءِ چاهي ائين سج لھڻ کانپوءِ ٿيندو هجي يا سج اڀرڻ کان اڳ، ان عرصي دوران اُڀ ۾ روشني پکڙيل ٿئي ٿي ۽ عام طور تي گلابي لڳي ٿي، جيئن تہ سج، افق جي وٽ هجي ٿو، پر ان جا ڪرڻا، ڌرتيءَ جي وائي منڊل/ فضا سبب پکڙجي شفق جا رنگ پيدا ڪن ٿا.
شفق پيدا ٿيڻ جو مکيہ سبب، ڌرتيءَ کي وايو منڊل جو هجڻ آهي. جيئن تہ ڪجهہ روشني وايو منڊل جي ننڍڙن ذرڙن سبب پکڙجي وڃي ٿي، تنهنڪري سج لھي وڃڻ کانپوءِ بہ ڪجهہ روشني وايو منڊل ۾ باقي رهي ٿي.
شام يا پرھہ ڦٽيءَ جو هي وقت، ڪيترن ماڻهن لاءِ ڪيترن سببن ڪري اهم ٿئي ٿو، جھڙوڪ: اُڀ جو اڀياس ڪندڙ، سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ جي انتظار ۾ رهن ٿا تہ جيئن هو اوندھہ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجا مشاهدا ڪري سگهن. ان لحاظ کان هاڻ، شفق جون ٻيون بہ ڪيتريون سائنسي وصفون يا درجي بنديون پيش ڪيون وڃن ٿيون. ان ڏس ۾ سڀ کان اول شھري شفق سانجهي منهن اونداهي (civil twilight) اچي ٿي، جنهن جي شروعات سج لھڻ سان ٿئي ٿي، پر تنهن هوندي بہ ايتري روشني موجود هجي ٿي، جو ڏسي پسي سگهجي ٿو. موٽر گاڏي هلائڻ لاءِ ۽ روڊن رستن جون بتيون ٻارڻيون پون ٿيون. شھري شفق سانجهيءَ ٽاڻي تڏهن ختم ٿي وڃي ٿي، جڏهن سج اُفق کان 6 ڊگريون/ درجا هيٺ تي هجي ٿو.
ٻئي قسم جي بحري شفق (nautical twilight) سڏجي ٿي. ان وقت ڪافي اوندھہ ٿي وڃي ٿي. اصطلاحاً، بحري شفق تڏهن ختم سمجهي وڃي ٿي، جڏهن سمنڊ جي پرانهين افقي ليڪ، اڀ جي پسمنظر ۾ نظر نٿي اچي، يعني اهڙي وقت سج افق کان 12 درجا هيٺ تي هجي ٿو. جڏهن تہ ڪيترا ماڻهو اهڙي اجهندي کي بہ شفق سڏين ٿا.
ٽئين قسم کي آڪاسي يا فلڪياتي شفق (astronomical twilight) چئجي ٿو. اصطلاحاً هن قسم جي شفق تڏهن ختم سمجهي وڃي ٿي، جڏهن اڀ ۾، بکندڙ روشنيءَ جو ڪو نشان باقي موجود نہ ٿو رهي ۽ اهڙين حالتن ۾ سج افق کان 18 درجا هيٺ تي هجي ٿو. اُڀ جو اڀياس ڪندڙ، ستارن ۽ آسماني جسمن جا مشاهدا ڪرڻ شروع ڪن ٿا، جو ڀانئين ٿا تہ اڀ ڪڪرن کان آجو هوندو، جڏهن تہ ڪيترا آسماني جسم ۽ مانڊاڻ، شفق دوران بہ ڏسي سگهجن ٿا.
شفق رڳو انهن سيارن تي پيدا ٿئي ٿي، جتي وايومنڊل هجي ٿو، جھڙوڪ: ڌرتي ۽ مريخ. چنڊ تي شفق پيدا نٿي ٿي، جو اتي فضا موجود ناهي.