
شفقت چيما
شفقت چيما (ايڪٽر): پاڪستاني ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر شفقت چيما، 20 نومبر 1961ع تي ڄائو. هن 40 سال فلمي دنيا کي ڏنا آهن. هي اصل مذهبي گهراڻي جو فرد آهي. هن ايڪٽر ٿيڻ لاءِ 12 سال جدوجھد ڪئي. سندس پهرين فلم ‘ڪلڪا’ آهي، جيڪا 1989ع ۾ رليز ٿي، پر کيس شھرت پنجابي فلم ‘چوڙيان’ کان ملي، جيڪا 2011ع ۾ ر ليز ٿي ۽ 200 ملين روپين جو بزنس ڪيائين. جنهنڪري هن لاءِ فلمي دنيا توڙي ڊرامن جا دروازا کلي ويا. هي فلمن ۾ گهڻو تڻو ولين جو ڪردار ڪندو آهي. سندس ‘بول’ فلم ۾ ڪيل ‘غنڊي’ جو ڪردار ڏاڍو ساراهيو ويو. ان کان سواءِ هن ڪيترين ئي ٽي وي سيريلز ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ‘لنڊا بازار’، ‘خدا اور محبت’، ‘اشڪ’ ۽ ‘هير رانجها ’ مشھور آهن. هن جي فن جو سفر جاري آهي
1961.11.20 عيسوي
پاڪستاني ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر شفقت چيما، 20 نومبر 1961ع تي ڄائو.