شفيع لاهوري مولانا

شفيع لاهوري، مولانا: پروفيسر ڊاڪٽر مولانا محمد شفيع لاهوري جي شخصيت علمي دنيا ۾ هڪ جدا حيثيت رکي ٿي. سندس علمي تحقيق کي هر دؤر ۾ عزت ۽ قدر جي نگاھہ سان ڏٺو ويو آهي. دانشگاھہ پنجاب بہ مولانا صاحب جي علم و دانش ۽ تحقيقي ڪمن جي لحاظ کان اهميت لائق آهي. مولانا شفيع 1934ع ۽ 1937ع ۾ ٻہ ڀيرا سنڌ جو علمي سفر ڪيو. سکر، روهڙي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ سيوهڻ پهچي اتان جا تاريخي آثار ڏٺا. کيس جتي ڪتبا نظر آيا، اهي نقل ڪيا ۽ ڪجهہ اهم ڪتبن جا فوٽو بہ ورتا. ڪيترن ئي عالمن ۽ حاڪمن جي خاندانن وٽ ويو، جتي قلمي ڪتاب، بياض ۽ تاريخي تحريرون ڏٺائين. انهن مان جيڪي خريد ڪري سگهيو، اهي خريد بہ ڪيائين ۽ ٻين جي فهرست تيار ڪري ورتائين. پير حسام الدين راشدي پنھنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته، ان تاريخي سفر جا حالات جڏهن اورينٽل ڪاليج ميگزين جي مختلف اشاعتن ۾ ڪتبن سميت شايع ٿيا تہ مونکي چڱي طرح ياد آهي تہ سنڌ جا علم دوست ماڻهو ڇرڪ ڀري اٿيا. ڇاڪاڻ تہ ڪيتريون تاريخي حقيقتون ۽ علمي تحقيق اهڙي سھڻي سليقي سان پهريون دفعو انهن جي سامهون آئي ۽ پهريون دفعو کين انهن جي خبر پئي تہ مقبرا ۽ خانقاهون پوڄا پاٺ کان سواءِ بہ ڪا اهم حيثيت ۽ افاديت رکن ٿيون.
مولانا صاحب جي علمي تحقيق جي دنيا انتهائي وسيع هئي. وچ ايشيا جي تاريخ، ادب يا فنون لطيفہ تي سڀ کان پهرين هن ئي تحقيق ڪئي آهي. مولانا صاحب اورينٽل ڪاليج ۾ پروفيسر رهيو، دانش گاھہ پنجاب جو روح روان رهيو. جڏهن اورينٽل ڪاليج مان رٽائر ٿيو تہ انسائيڪلوپيڊيا جي اردو ترجمي جي نظرداريءَ واري ڪم ۾ ڏينهن رات محنت ڪيائين. پاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيائين. اتي ڪيترن ئي تحقيقي موضوعن کي قلمبند ڪيائين. کيس ادبي خدمتن جي عيوض پاڪستان حڪومت ’ستارہ پاڪستان‘ جي اعزاز سان نوازيو، پر ايران سرڪار پاران کيس وقت بوقت اعلى اعزازحاصل ٿيندا رهيا، جن ۾ ’نشان دانش‘ ۽ ’نشان سپاس‘ اهم آهن. اورينٽل ڪاليج ميگزين ۾ ڇپيل سنڌ بابت سندس مقالن کي 1970ع ۾ سندس لائق فرزند احمد رباني ‘صناديد سنڌ’ جي نالي سان ڇپايو، جنهن جو مهاڳ پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو