شفيع محمد منگيو مولانا

شفيع محمد منگيو، مولانا: جيد عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن مولانا شفيع محمد ولد محمد بچل منگيو 1890ع ڌاري ڳوٺ ڇتن شاھہ، تعلقي سڪرنڊ ۾ ڄائو. ديني تعليم پير جهنڊي جي مدرسي مان مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد اڪرم انصاري ۽ مولانا عبدالحليم کان حاصل ڪيائين. علم جي تحصيل کانپوءِ ساڳئي مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو ۽ گڏوگڏ مدرسي جو مهتمم ۽ ڪاتب بہ ٿي رهيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ترغيب ڏيارڻ تي هن انگريزي بہ سکي ورتي ۽ قرآن شريف جي ننڍين سورتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو بہ ڪيو. هن زندگيءَ جو وڏو عرصو پير جهنڊي جي مدرسي ۾ پڙهائڻ کانپوءِ ڇتن شاھہ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪجهه وقت درس ۽ تدريس ڪئي. ان کانپوءِ لڏي اچي سڪرنڊ ۾ رهائش پذير ٿيو. هن کي شروع کان مطالعي ۽ لکڻ جو بہ شوق هوندو هو. سندس لکيل ڪتابن مان ‘حسن حسين’ ۽ ‘ملفوظات حضرت پير رشدالله’ اهم آهن. مولانا صاحب شاگرديءَ جي زماني ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان ديني تعليم سان گڏ سياسي تربيت بہ ورتي. ان ڪري خلافت تحريڪ شروع ٿيڻ سان ان ۾ ڀرپور سرگرميءَ سان حصو ورتو ۽ پير جهنڊي ۾ وقت بوقت ٿيندڙ سياسي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. خلافت تحريڪ جي خاتمي کانپوءِ جڏهن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ شروع ٿي، تڏهن ان ۾ بہ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ڳوٺ ڇتن شاھہ ۾ ‘سنڌ آزاد جماعت’ جو صدر ٿي رهيو. مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ۾ جلاوطني ختم ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ اچي ‘سنڌ ساگر پارٽي’ جو بنياد وڌو، تڏهن هو بہ ان ۾ شامل ٿيو.
مولانا شفيع محمد 1970ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو