
ميان شفيق احمد مهيسر
شفيق احمد مهيسر، ميان: ليکڪ ۽ موجودہ ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن، ميان شفيق احمد مهيسر، پهرين جنوري 1964ع تي ڪمالديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ميان عنايت ﷲ مهيسر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو علامہ ميان غلام محمد مهيسر رح وقت جو وڏو عالم ۽ صاحب ڪرامت بزرگ ٿي گذريو آهي. ميان شفيق احمد پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول، ڪمال ديري مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۽ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هن مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ پهرين پوزيشن (گولڊ ميڊل) حاصل ڪئي. ڪجهہ وقت پاڪستان آٽوموبائيل ڪارپوريشن ۾ ٽريني انجنيئر رهيو، جنهن کانپوءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي انڊسٽريل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ واري زماني توڙي نوڪريءَ دوران علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو. سوسائٽي آف انڊسٽريل انجنيئرنگ جو باني ميمبر ۽ نائب صدر پڻ رهيو. 1992ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنهن دوران مهراڻ يونيورسٽيءَ جي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد سان گڏ مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ڪائونسل جو قيام وغيرہ شامل آهن. اها ڪائونسل هن وقت وڏي تعداد ۾ استادن کي بنا وياج جي مالي سهائتا ڪري رهي آهي. هن وقت ڪائونسل وٽ فلاحي مقصدن لاءِ وڏو فنڊ موجود آهي.
هن 1992ع جي آخر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو گڏيل چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪيو ۽ پراونشل ايگيڪيوٽو سول سروس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ڀرتي ٿيو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي تعلقن: ڪنڊيارو، ڪوٽڙي، ميرپور ساڪرو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڊگهڙي (ميرپورخاص)، ڪوٽڏيجي وغيرہ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.
شفيق احمد مهيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر طور مقرريءَ دوران آرڪيالاجيڪل ڪميٽي (ڪوٽڙي) ۽ آمري ميوزيم بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو. هن عبدالڪريم طالباڻيءَ، احسان عظيم ۽ ٻين سماجي اڳواڻن سان گڏجي آمريءَ جي دڙي تي پنھنجي مدد پاڻ تحت ميوزيم قائم ڪيو ۽ مختلف جاين تان آمريءَ جي دڙي مان هٿ آيل شيون گڏ ڪري آمري ميوزيم ۾ محفوظ ڪيون، جتي هاڻي نوادرات کاتي پاران باقاعدہ عمارت ٺھي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح گهوٽڪيءَ ۾ مقرريءَ دوران سنڌ جي قديم آثار ‘مومل جي ماڙي’ ۾ آرڪيالاجيڪل ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ سيد اختر بخاريءَ، منظور شيخ سان گڏجي پنھنجي مدد پاڻ تحت ‘مومل جي ماڙي ميوزيم’ قائم ڪيائين، جنهن ۾ ماڳ تان مختلف ماڻهن هٿان گڏ ڪيل شيون محفوظ بڻايون ويون، جتي هاڻي ثقافت کاتي طرفان هڪ ميوزيم ۽ ريسٽ هائوس پڻ تيار ٿي چڪو آهي.
شفيق احمد مهيسر، ڊسٽرڪٽ آفيسر فنانس (نوابشاھہ)، سنڌ بورڊ آف روينيو ۾ سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن ۽ بعد ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ وفاقي حڪومت طرفان واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي صورتحال بهتر ڪرڻ واري پروگرام جو مانيٽرنگ آفيسر ۽ چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ڪيريئر دوران بھترين ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي تعريفي سندون ۽ اوارڊ ماڻيائين. واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ واري پروگرام دوران ملڪ ۾ پهريون ڀيرو GPS ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو ويو. سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور مقرريءَ دوران اداري کي پنھنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. اداري ۾ ملازمن جون بند پيل پگهارون جاري ڪرائي، اداري کي مالي طور مستحڪم ڪيائين.
جنوري 2013ع ۾ سندس مقرري تعليم کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري طور ٿي ۽ ساڳئي سال سندس ترقي 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري طور ٿي. هو 2013ع جي نگران حڪومت ۾ تعليم کاتي جو سيڪريٽري پڻ رهيو. تعليم کاتي ۾ اهم انڪوائريون ڪرڻ جو ڪم بہ سرانجام ڏنائين. هن غير قانوني طور ڪراچيءَ ۾ 32 هزار جعلي ڀرتين واري معاملي جي انڪوائري پڻ سرانجام ڏني ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائيءَ جي سفارش ڪئي. 2013ع جي آخر ۾ اقليتي مامرن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ڪجهہ عرصو جهنگلي جيوت، ٻيلن ۽ ماحوليات کاتي جو سيڪريٽري رهيو.
شفيق احمد مهيسر 2014ع جي شروعات ۾ سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ مقرر ٿيو. ان عرصي دوران غير قانوني طور ۽ ميرٽ جي خلاف مقرر ٿيل آفيسرن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. آڪٽوبر 2014ع ۾ سنڌ پروڪيروٽمينٽ (SPPRA) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ جنوري 2015ع ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.
قديم ماڳن سان دلچسپي، قيمتي پٿر گڏ ڪرڻ، مضمون ۽ مقالا لکڻ سندس مشغلو رهيو آهي. سنڌ جي مختلف علائقن مان وڏي تعداد ۾ هٿ آيل پنڊپهڻ (fossils) پڻ وٽس موجود آهن.
ميان شفيق احمد، علامہ ميان غلام محمد مهيسر علمي، سماجي ٽرسٽ جو چيئرمئن ۽ ان خانقاھہ جو سجادہ نشين آهي. جتي سالياني عرس جي تقريب، علمي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو آهي. هن خانقاھہ ڪمالديري ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ معرفت ٽرسٽ جو بنياد وڌو، جنهن تحت اتي عاليشان مقبري جي تعمير، لائبرري، ميوزيم ۽ ڪميونٽي هال جو ڪم هلندڙ آهي.
سندس لکڻيون ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. هن وقت پنھنجي بزگ حضرت علامہ غلام محمد مهيسر رح جي سوانح حيات تي ڪتاب لکي رهيو آهي.
1964.01.01 عيسوي
ميان شفيق احمد مهيسر، پهرين جنوري 1964ع تي ڪمالديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ميان عنايت الله مهيسر جي گهر ۾ جنم ورتو.