شق القمر: چنڊ کي ٻہ اڌ ڪرڻ. هي حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جو معجزو آهي، جڏهن مڪي وارن پاڻ سڳورن صلعم کي اهو چيو ته، اگر توهان ﷲ تعاليٰ جا سچا نبي آهيو تہ چنڊ کي ٻہ ٽڪرا ڪري ڏيکاريو؟ اهو ٻڌي سرور ڪائنات پنھنجي دست مبارڪ جي آڱر سان اشارو ڪري چنڊ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن معجزي جو سوره القمر ۾ پڻ اشارو آهي. معتزلين (اختلاف رکندڙ افراد) هن معجزي جو انڪار ڪن ٿا، پر ويهين صدي عيسوي جي پنجين ڏهاڪي جي آخر ۾ جڏهن آمريڪي خلاباز چنڊ تي پهتا تہ واپسي تي انهن چنڊ تي قيام جي باري ۾ پنهنجا مشاهدا بيان ڪندي چيائون تہ انهن چنڊ تي اهڙو ڏار ڏٺو جيڪو نگاھہ جي حد کان بہ اڳيان هليو وڃي ٿو. معجزه شق القمر کي پندرهن صديون گذري چڪيون آهن ۽ هن غير مسلم مشاهدي ڪندڙ جو هي تائيدي بيان هن معجزي کي نہ مڃڻ وارن لاءِ ويچار جوڳو آهي.