شق صدر

شق صدر: شق معنيٰ کولڻ، چيرڻ، ڦاڙڻ. صدر معنيٰ: سينو، يعني سيني کي کولڻ، چيرڻ. قرآن مجيد ۾ جنهن شق صدر جو ذڪر ٿيل آهي، ان جو تعلق حضرت رسول صلي عليہ وسلم جن سان آهي. ان سلسلي ۾ روايت آهي تہ جڏهن پاڻ صلي عليہ وسلم ٻالڪپڻ ۾ هڪ جيڏن ٻارن سان کيڏي رهيا هئا تہ حضرت جبرائيل عليہ السلام ماڻهوءَ جي صورت ۾ آيو ۽ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم کي وٺي وڃي زمين تي ليٽائي سندن سينو چيريو ۽ سندن دل ڪڍي کولي ان مان ڪجهہ رت ڪڍيو ۽ کين چيائين تہ هي شيطاني نفس جو حصو هو (جنهن کان توهان جي دل کي تعالى جي حڪم سان پاڪ ڪيو ويو). ان کانپوءِ سندن دل ۽ سينو اصل حالت ۾ آندو ويو. گڏ کيڏندڙ ٻارن اهو لقاءُ ڏسي بي بي حليمه سڳوريءَ کي وڃي ٻڌايو تہ ساڻن هي حادثو پيش آيو آهي، پر جڏهن بي بي حليمه جي نظر پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم تي پئي تہ کيس صحيح سلامت نظر آيا ۽ معمول مطابق کيڏڻ ڪڏڻ لڳا. (حوالو: اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)


لفظ شق صدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو