
شماريات
شماريات (Statistics): شماريات يا ڳڻپ کي مختلف زبانن جھڙوڪ: انگريزيءَ ۾ اسٽيٽسٽڪس (Statistics)، لاطينيءَ ۾ اسٽيٽس (Status)، اطالويءَ ۾ اسٽيٽسٽا (Statista) ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ اسٽيئٽسٽيڪ (Stattistek) چيو ويندو آهي. انهن سڀني ٻولين ۾ انهيءَ لفظ جي معنى سياسي رياست (Political State) آهي. شماريات (Statistics) لفظ انهن مختلف لفظن مان نڪتو آهي. هيءُ انگريزي لفظ ڪيترن ئي شاعرن ۽ فلسفي جي ماهرن پنھنجي ڪتابن ۾ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي، جن ۾ انگريزي ادب جي مشھور ڊراما نويس شيڪسپيئر هيءُ لفظ پنھنجي ڊرامي ’هيملٽ‘ (Hamlet) ۾ بہ ڪتب آندو آهي، جتي ان جي معنى شمار ڪرڻ آهي. ساڳي طرح ملٽن بہ پنھنجي ڪتاب (Paradise Re-gained) ۾ ساڳيو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن جو مفهوم هن ريت ڄاڻايل آهي: ”اهڙو شخص، جيڪو حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ ۾ مهارت رکندڙ هجي.“ بي. ايف بيليفڊ جي ڪتاب ۾ هيءُ لفظ ان معنى ۾ استعمال ٿيل آهي ته، اهڙو علم، جيڪو اسان کي سموري دنيا جي ڄاتل رياستن جو سياسي نظام ڏيکاري.
اي. اي. ڊبليو زمر مين اسٽيٽسٽڪ (Statistic) لفظ پنھنجي ڪتاب ۾ بار بار ڪتب آندو آهي، جنهن جو مطلب سياسي علم جو اهو حصو، جنهن جو مقصد موجودہ رياستن جي حقيقي طاقت معلوم ڪرڻ ڄاڻايل آهي. ان کان علاوہ جان سنڪليئر اهو لفظ هن معنى سان ڪتب آندو آهي: ”اهڙي معلومات، جنهن جو تعلق سياسي حالتن، ملڪي آبادي، ملڪي پيداوار ۽ ٻين رياستي معاملن سان هجي.“ دنيا جي عالمن ۽ ماهرن جي مجموعي راءِ موجب شماريات جو لفظ جمع توڙي واحد ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. شماريات جڏهن واحد جي صيغي ۾ هجي، تہ ان جو مطلب شماريات ڪرڻ جا طريقا ۽ عام اصول آهي، جيڪي عدد جي مواد گڏ ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ تجزيو ڪرڻ ۾ ڪتب ايندا آهن. جڏهن تہ جمع جي صيغي ۾ شماريات جو مطلب ڪنهن تحقيقات متعلق ترتيبوار عدد جو مواد گڏ ڪرڻ آهي. مجموعي طور شماريات انگن اکرن جي بيان کي چئبو آهي، جن جو تجزيو يا تشريح ڪري سگهبي آهي. شماريات ڪن اصولن ۽ ان جي لاڳاپي جي مطالعي کي سڏبو آهي، جيڪي ڪنهن تحقيقات لاءِ مواد گڏ ڪرڻ، پيش ڪرڻ، تجزيي ۽ تشريح ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندا آهن. شماريات جو علم آڳاٽي دور کان رائج آهي، پر موجودہ دور ۾ هن علم سائنسي علم جو درجو حاصل ڪري، تحقيقي حوالي سان تمام گهڻي وسعت حاصل ڪري ورتي آهي.
شماريات جي شروعات ۽ ارتقا: شماريات جي ابتدا بادشاهن ۽ شهنشاهن جي دور کان ٿيندي نظر اچي ٿي. پراڻي زماني ۾ بادشاھہ ۽ شهنشاھہ پنھنجي مادي طاقت ۽ لشڪري قوت جي اندازي لڳائڻ خاطر ڪي حقيقتون ڄاڻڻ چاهيندا هئا ۽ انهن حقيقتن کي عددن ۽ انگن وسيلي ظاهر ڪيو ويندو هو. ان انگ کي گڏ ڪرڻ مان سندن مقصد اهو هو تہ جنگ يا ٻي ڪنهن هنگامي حالت دوران ڪيتري فوج يا ٻي طاقت گڏ ڪري سگهندا. ان زماني ۾ طاقت جي اهميت ۽ ان جو اندازو لشڪر جي ٿورائي يا گهڻائي مان ئي معلوم ڪري سگهبو هو. ان خيال جي پيش نظر بادشاهن لاءِ اهو نهايت لازمي هو تہ هو انهن کي پنھنجي دفاع ڪرڻ ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ يا ٻين رياستن تي حملي ۽ انهن کي فتح ڪرڻ لاءِ کين پنھنجي موجودہ قوت يا پوءِ حاصل ٿي سگهندڙ قوت جي مڪمل ڄاڻ هوندي هئي. انهن انگن اکرن مان کين اهو بہ معلوم ٿي سگهندو هو تہ سندن وسيلا ڪيتري قدر فائديمند آهن. انگن اکرن جي ڄاڻ سان کين پنھنجي ملڪ جي اقتصادي حالتن جو جائزو ٿي ويندو هو، جنهن تحت هو شمارن موجب وڌيڪ بهتر ۽ ڪارائتي منصوبابندي ڪري سگهندا هئا.
دنيا ۾ پهريون ڀيرو دولت ۽ آدمشماريءَ جو اندازو 305 ق. م ڌاري مصر ۾ ڪيو ويو، جنهن جو مکيہ سبب بادشاھہ پاران اهرام تيار ڪرائڻ هو. ان وقت انهن انگن اکرن جمع ڪرڻ مان سندن مراد فني ماهرن، غير تربيت يافتہ ماڻهن، گهربل سامان جي فراهمي ۽ اهرام ٺاهڻ جي خرچ ايندڙ ناڻي جو اندازو لڳائڻ هو.
1400 ق . م ۾ Romes II سڄي ملڪ جي زمين جو شمار ڪرايو. ساڳيءَ طرح زمين جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ برطانيا، جرمني ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن شماريات ڪئي. جنهن کانپوءِ ملڪي انتظامن تحت زمين آباد ڪرائڻ، محصول لڳائڻ، جنگ جي تياري ڪرڻ، زميني حدون ورهائڻ ۽ مقرر ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي. هڪ اندازي موجب ننڍي کنڊ، پاڪ ڀارت ۾ هيءُ عمل موريا گهراڻي جي حڪومت دوران اسريو. ان زماني ۾ ڄم ۽ موت جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو نهايت موزون انتظام ڪيل هو. ساڳي ريت اڪبر اعظم جي دور حڪومت ۾ زمين جي ورهاست ۽ انتظامي معاملن جي حل لاءِ انگن اکرن جو، هڪ وسيع پئماني تي ذخيرو گڏ ڪيو ويو، جنهن جو ثبوت اڪبر بادشاھہ جي مشھور ڪتاب ”آئين اڪبريءَ“ مان ملي ٿو. جديد دور ۾ اقتصاديات جي مشھور ماهر، الفرڊ مارشل، جي چوڻ موجب شماريات جو علم ۽ ان جو عملي تعلق معاشي مسئلن جي حل دريافت ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. علم معيشت جو مدار شماريات جي تجربن، قاعدن ۽ قانونن تي مبني آهي. ان کان علاوہ موجودہ دور ۾ جمهوري حڪومتن جي قيام لاءِ شماريات جي هڪ قسم آدم شماري ذريعي ووٽ جو حق رکندڙ شهرين جي ڳڻپ کي ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
شماريات جون خصوصيتون: (1) اڪيلي ۽ بنا رابطي جي عدد کي شماريات نہ ٿو چئي سگهجي. انفرادي طور ڪنهن شخص جي عمر 20 يا 25 سال هوندي تہ ان کي علم شماريات ڪونه چئبو، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص جي عمر، ڪنهن گروھہ يا ٽولي ۾ ترتيبوار بيان ڪيل هوندي تہ پوءِ اها شماريات جي زمري ۾ ايندي.
(2) شمارياتي واقعا ڪنهن هڪ سبب کان متاثر نہ ٿيندا آهن. مثال طور: فصل جي پيداوار جو دارومدار صرف زمين تي نہ آهي، پر فصل جي پيداوار جو دارومدار زمين، برسات، گرمي پد، موسم ۽ کاڌ خوراڪ تي هوندو آهي.
(3)وصفن جي اظهار سان ڪنهن شخص کي برو، ڀلو، امير، غريب وغيرہ شمار ڪرڻ کي شماريات ناهي چئبو، بلڪہ ڪنهن ملڪ جي سموري قومي مجموعي جي سراسري قد، سراسري عمر، سراسري ڪمائي بيان ڪرڻ ۽ تحقيق ذريعي انگ اکر گڏ ڪرڻ کي شماريات چئبو آهي.
(4) شمارياتي تحقيقات ۾ تخميني عددن جي وسيلي سان صحيح ۽ درست نتيجا برآمد ٿين ٿا. انهن نتيجن جو پورو پورو امڪان صرف ان حالت ۾ ٿي سگهندو آهي، جڏهن انهن کي سائنسي اصولن موجب شمار ڪيو ويندو آهي.
(5) شماريات ۾ انگن اکرن کي باقاعدگيءَ سان گڏ ڪيو ويندو آهي تہ جيئن معقول ۽ درست نتيجا ملي سگهن.
(6) انگ اکر ڪنهن خاص مقصد کي نظر ۾ رکي گڏ ڪيا ويندا آهن تہ اهو تمام فائديمند عمل ثابت ٿيندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪي بہ انگ اکر، مقصد ۽ جواز کانسواءِ گڏ ڪيا ويندا آهن تہ اهي ڪنهن بہ ڪم لاءِ فائديمند ثابت نہ ٿيندا آهن.