شمسي تقويم

شمسي تقويم: تقويم جي معنيٰ آهي ‘سڌي ڪرڻ جو گل، نهايت سھڻي سٽاءُ’. علم نحو موجب سال جو حساب، جنتري. اهو ڪتاب جنهن ۾ سڄي سال جي تاريخن، ستارن جي مقامن ۽ گرهڻن جي معلومات هجي، ڪئلينڊر وغيرہ. تقويم جي اصطلاحِ معنيٰ آهي هجري ۽ عيسوي ۽ ٻين مروج تقويمن جو تقابلي جائزو ڪرڻ. تقويم جي ذريعي هجري سن ۽ تاريخ جو عيسوي سن ۽ تاريخ جو هجري سن ۽ تاريخ آرام سان معلوم ڪري سگهجي ٿو.
موجودہ دور ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ شمسي تقويم مروج آهي. شمسي تقويم کي عيسوي تقويم پڻ چيو وڃي ٿو. ڇو تہ ان تقويم جو دارومدار سج/ شمس تي آهي. جڏهن کان مغربي ملڪ ترقي يافتہ ٿيا آهن، تڏهن کان شمسي تقويم (عيسوي تقويم) کي بين الاقوامي تقويم جي حيثيت حاصل آهي، اهو بہ واضح رهي تہ ڪجهہ ملڪ پنهنجون پنهنجون شمسي تقويمون بہ هلائيندا اچن.
مثلاً: هندستان ۾ وڪرمي سنبت هن وقت خالص شمسي تقويم آهي. افغانستان ۾ شمسي هجري تقويم بہ رائج آهي، تہ قمري هجري تقويم بہ مروج آهي. هڪ اندازي مطابق ڏھہ يا يارهن ملڪن ۾ مختلف شمسي تقويمون رائج آهن، پر اهي مشھور ناهن، ڇاڪاڻ تہ اهي مختلف شمسي تقويمون صرف انهن ملڪن جي اندر ئي رائج آهن.
تقويم جي علم جي ماهرن قديم زماني کان جيڪا شمسي تقويم بابت تحقيق ڪئي آهي، ان مان اهو واضح ٿيو آهي تہ قبل مسيح جي زماني کان شمسي تقويم جو سال 365 ڏينهن جو ٿئي ٿو.
شروعات ۾ هن تقويم کي رومن تقويم چوندا هئا. 753 ق. م ۾ جڏهن رومين پنھنجي مشھور شھر روم جو بنياد رکيو، تڏهن کان انهن پنھنجي ڪئلينڊر جو آغاز ڪيو. رومين پنھنجي تقويم جو بنياد رکي سال کي 304 ڏينهن ۾ ورهايو ۽ سال ڏهن مهينن تي مشتمل هو ۽ مارچ پهريون مهينو ڳڻيو ويندو هو. شمسي تقويم ۾ اهو مسئلو شروع کان هو تہ سال ڪهڙي مهيني کان شروع ڪجي. ڪٿي هي سال مارچ کان تہ ڪٿي سيپٽمبر کان شروع ٿيندو هو، پر آخرڪار 1752ع ۾ انگلنڊ وارن شمسي/ عيسوي تقويم جي سال جو آغاز جنوري کان شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ سڄيءَ دنيا ۾ اهو مروج ٿيو.
رومين شمسي تقويم جو بنياد 753 ق. م رکي سال 304 ڏينهن ۾ ورهائي ڏھہ مهينا مقرر ڪيا، پر اڳتي هلي رومين سال جا 355 ڏينهن مقرر ڪري ٻارهن مهينن ۾ ورهايو. مطلب اهو سلسلو هلندو رهيو. ست سئو سالن کانپوءِ شهنشاھہ جوليس سيرز (44 ق. م) اهو محسوس ڪيو تہ هن تقويم ۾ ڪافي گڙٻڙ پيدا ٿي چڪي آهي. جنهن کانپوءِ هن هڪ مصري فلڪيات جي ماهر جي مدد سان انهيءَ تقويم جي اصلاح ڪري سال جا 365 ڏينهن مقرر ڪيا ۽ هر چوٿين سال فيبروري جي مهيني ۾ هڪ ڏينهن جو اضافو ڪيو، جيڪو ليپ جو سال سڏيو ويو. انهيءَ ترميم کانپوءِ اها ‘رومن تقويم’ جي بدران ‘جولين تقويم’ يا ‘جوليائي تقويم’ سڏجڻ لڳي.
‘جولين تقويم’ ڪافي صديون مروج رهي. آخر 1582ع ۾ پوپ گريگوري انهيءَ تقويم جي اوڻائين کي مدنظر رکندي انهيءَ تقويم ۾ ترميم ڪري ڏھہ ڏينهن جو اضافو ڪيو. پوپ گريگوريءَ اها ترميم 4 آڪٽوبر 1582ع بروز خميس ڪئي، يعني ٻئي ڏينهن 5 آڪٽوبر جي جاءِ تي جمعو 15 آڪٽوبر 1582ع مقرر ڪئي وئي، جنهن بعد گريگوري جي نسبت سان اها تقويم گريگورين يا جارجين تقويم سڏجڻ لڳي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين سڄيءَ دنيا ۾ مروج آهي.


لفظ شمسي تقويمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو