شمسي سيد: هي حسيني سيد آهن، جن جو سلسلو سبزواري ملتاني رح'>شاھہ شمس سبزواري ملتاني رح (560ھہ/1165ع – 675ھہ/1276ع) کان شروع ٿئي ٿو. شمسي سيد، شاھہ شمس سبزواريءَ جي اولاد مان آهن. شاھہ شمس ملتان کان سواءِ سرائيڪي خطي جي ٻين هنڌن تي، هندن جي ڪيترين ئي اُوچين ۽ هيٺين ذاتين کي اسلام جي دعوت ڏئي مسلمان ڪيو. انهي ڪري سنڌ، سرائيڪي خطي، ڪڇ ۽ گجرات جا لوهاڻا، ڀاٽيا، کتري، سونارا، برهمڻ ۽ هندن جون ٻيون ذاتيون شاھہ شمس جي دعوت تي سندس مريد بڻيون. اهي مريد پاڻ کي ‘شمسي’ سڏائيندا هئا ۽ شاھہ شمس سبزواري ملتانيءَ جو اولاد بہ پاڻ کي ‘شمسي سيد’ سڏائيندو آهي. سندس مريد هن بزرگ کي پنهنجو ‘گرديو’ سمجهندا آهن ۽ شاھہ شمس کي ‘شمس رشي’ جي لقب سان ياد ڪندا آهن ۽ سندس واٽ کي ‘شمس مت’ چوندا آهن. اهي لقب ۽ خطاب ملڻ کانپوءِ شاھہ شمس سبزواري ملتانيءَ جو اولاد پاڻ کي سبزواري سيدن بدران شمسي سيد سڏرائڻ لڳا، جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي.
ڪن مؤرخن امام شمس الدين محمد، شاھہ شمس سبزواري ملتاني (وفات 1276ع) ۽ مولانا روميءَ جي استاد ۽ روحاني مرشد شمس تبريزي (وفات 1247) کي هڪ ئي شخص ڄاڻايو آهي، پر محققن جي تحقيق موجب اهي ٽئي شخصيتون ڌار ڌار آهن.
(تذڪره اولياء ملتان، پير شمس سبزواري سوانح ۽ آثار)