شمسي نظام

شمسي نظام

شمسي نظام (عطارد)

شمسي نظام (عطارد)

شمسي نظام (زهره)

شمسي نظام (زهره)

شمسي نظام (ڌرتي)

شمسي نظام (ڌرتي)

شمسي نظام (مريخ)

شمسي نظام (مريخ)

شمسي نظام (مشتري)

شمسي نظام (مشتري)

شمسي نظام

شمسي نظام

شمسي نظام (نيپچون)

شمسي نظام (نيپچون)

شمسي نظام (پلوتو)

شمسي نظام (پلوتو)

شمسي نظام

شمسي نظام (Solar System): اوائلي دور کان وٺي سائنسدان ۽ فلڪياتدان، سج جو اڀياس ڪندا رهيا آهن. 16 ۽ 17 صدي عيسويءَ ۾ گئليلو ۽ نيوٽن سج جو مشاهدو ڪرڻ شروع ڪيو ته کين سج جي گرهن بابت ڄاڻ ملي ته اهي سج جي ڪشش سبب ان جي چوگرد ڦرندا رهن ٿا. 1959 کان شمسي هوائن، سج جي چٽن ۽ شمسي نظام بابت ڪيترين خلائي مهمن ذريعي ڪيترا مشاهدا ۽ اڀياس ٿيندا رهيا آهن.
سج، شمسي نظام جو هڪ ننڍڙو ستارو آهي، جيڪو پنهنجن گرهن جي سٿ سان کيرڌارا يا ڪهڪشان (milky way) ۾ ڦرندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ سج، ڪائنات جو نسبتاً هڪ ننڍڙو ستارو آهي، پر اسان جي شمسي نظام جي حساب سان تمام وڏو آهي. ايترو وڏو آهي، جو سڄي شمسي نظام جو 99.8 سيڪڙو مادو جوڙي ٿو.
سج، شمسي نظام ۽ ڌرتيءَ جي توانائيءَ جو مکيه ذريعو آهي. ٻوٽا، فوٽوسينٿيسس رستي سج جي روشني حاصل ڪن ٿا. اسان جيڪو به قدرتي ٻارڻ جھڙوڪ پيٽرول، گئس وغيره حاصل ڪريون ٿا اهي به اصل ۾ سج سبب پيدا ٿيا آهن، ۽ سج جي توانائيءَ کي شمسي سيلن رستي بجلي ۾ به مٽائي سگهون ٿا.
اسان، هن ڪائنات جي جنهن شمسي نظام ۾ رهون ٿا، اهو وچولي سائيز جي هڪ عام رواجي سج (مرڪزي ستاري) ۽ اَٺن گرهن سميت چنڊن، ڪروڙين ننڍڙن پٿريلن گرهن (asteroids)، اربين برفاني پڇڙ تارن (comets) ۽ ٻين ڪيترن جسمن جهڙوڪ: دز ۽ گئس جو جڙيل آهي. جڏهن ته عام طور تي سج ۽ ان جي گرهن کي “شمسي نظام” يا “سورج منڊل” سڏيو وڃي ٿو. سج ۾ ننڍڙن گرهن لاءِ ايتري ته ڪشش موجود رهي ٿي جو ان سبب شمسي نظام جا سڀ گرهه سج ڏانهن ڪشيل رهن ۽ ان جي چوگرد گردش ڪندا رهن ٿا. شمسي نظام ۾ 140 چنڊ به موجود آهن، جيڪي سج جي چوگرد گردش ڪرڻ بجاءِ پنهنجن پنهنجن ويجهن گرهن جي چوگرد گردش ڪندا رهن ٿا.
شمسي نظام کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. جن مان اندرئين شمسي نظام ۾ چار گرهه: عطارد (Mercury)، زهره (Venus)، ڌرتي (Earth) ۽ مريخ (Mars) شامل آهن. جيئن ته اهي سڀ گرهه سج کي ويجها آهن، ان سبب انهن کي ارضي گرهه (terrestrial planets) سڏجي ٿو. اهي ننڍڙا، انهن جو مٿاڇرو گھڻي ڀاڱي پٿريلو ۽ ڌاتن جو جڙيل آهي.
جڏهن ته ٻاهرين شمسي نظام ۾ چار گرهه مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn)، يورينس (Uranus) ۽ نيپچون (Neptune) شامل آهن، اهي وڏا ۽ گھڻي ڀاڱي گئسن جا ٺهيل آهن، ان سبب گئس جا گولا (Gas giants) به سڏجن ٿا. نيپچون کان ٻاهر تي هڪڙو ٻيو ننڍڙو گرهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي پلوٽو (Pluto) سڏيو وڃي ٿو. ان جو مٿاڇرو نهرو ۽ برفائون آهن، جڏهن ته ڪيترا فلڪياتدان ان کي نظام شمسيءَ جو حصو تسليم نٿا ڪن. شمسي نظام جا اهي ٻئي حصا ننڍڙن گرهن (asteroids) جي هڪ پٽي رستي هڪ ٻئي کان الڳ الڳ ٿيل آهن.
هن وقت تائين فلڪياتدانن 500 کان مٿي شمسي نظام لڌا آهن ۽ هر سال وڌيڪ ڦولهي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو ڏسجي ته اسان جي ڀرسان واري ڪهڪشان ۾ ڪيترا شمسي نظام ٿي سگهن ٿا، ته سائنسدانن جي اندازي مطابق اسان جي ڪهڪشان ۾ 100 بلين کان به وڌيڪ شمسي نظام ٿيندا.
(1) عطارد: (Mercury) سج کي سڀني کان ويجهي ۾ ويجهو گرهه عطارد آهي. ويجهي ۾ ويجهو هوندي به سج کان 58 ملين ڪلوميٽرن يا 36 مِلين ميلن جي دوريءَ تي آهي. گرهن جي هڪ ٻئي ۽ سج کان دوري جي عام طور تي فلڪي ايڪن (astronomical units) ۾ ماپ ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي مختصراً اَي يو (Au) به سڏيو وڃي ٿو. هڪ اَي يو، اهو سراسري مفاصلو آهي، جيڪو 150 ملين ڪلوميٽرن يا 93 ملين ميلن جيترو، ڌرتي ۽ سج جي وچ ۾ آهي، جيڪڏهن ان حساب سان عطارد جو مفاصلو ڏسجي ته اهو سج کان 0.39 اَي يو ٿيندو.
ٻين سڀني گرهن جيان عطارد، سج جي چوگرد گردش ڪندو رهي ٿو. جڏهن ته ان جي اهڙي گردش رڳو 88 ڏينهن جي ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي گردش 365 ڏينهن ته پلوٽو جي 249 سال هجي ٿي! جيئن ته عطارد، سج جي چوگرد جلدي گردش پوري ڪري ٿو، ان سبب هن گرهه کي رومي ديوتائن جو قاصد سڏيو ويندو هو. عطارد کي سج جي چوگرد 58 ملين ڪلوميٽرن جي گردش پوري ڪرڻ ۾ 88 ڏينهن لڳي وڃن ٿا ۽ في سيڪنڊ ۾ 48 ڪلوميٽر يا 107،372 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان طئي ڪري ٿو. ڌرتيءَ ۽ ٻين ڪيترن گرهن جي ابتڙ، عطارد پنهنجي محور تي تمام آهستي ڦري ٿو ۽ ڏينهن کان رات جو ڦيرو مڪمل ڪرڻ ۾ 59 ڏينهن لڳائي ٿو. عطارد جي سج واري روشن پاسي جو گرمي پد 400 ڊگري سينٽي گريڊ يا 750 ڊگري فارنهائيٽ تائين پهچي ٿو. جڏهن ته ان جو اونداهو پاسو تمام گهڻو ٿڌو ۽ ان جو گرمي پد ڪاٽو 200 ڊگري سينٽي گريڊ يا 328 ڊگري فارنهائيٽ ٿئي ٿو. عطارد کي پنهنجي چوگرد ڪو وايومنڊل/ فضا به نه ٿي ٿئي، جيڪا ان کي سج جي تپش کان بچائي يا پنهنجي محور ۾ گردش دوران گرمي سانڍي سگهڻ ۾ مددگار ٿي سگهي. عطارد سائيز ۾ گهڻو ننڍڙو گرهه آهي. مرڪز کان ان جي قطر جو مفاصلو رڳو 4990 ڪلوميٽر يا 3100 ميل ٿيندو. جڏهن ته ڌرتيءَ جو قطر 12760 ڪلوميٽر آهي. ڌرتيءَ کان 57 ملين ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جيڪڏهن اَي يو جي لحاظ کان ڏسجي ته اهو 0.61 ٿيندو. عطارد کي ڪو به چنڊ ڪونهي. جڏهن ته، ڌرتيءَ کي هڪ، مريخ کي تمام ننڍڙا ٻه ته مشتري جيڪو گرهن ۾ هڪ شاهي گرهه آهي ۽ 16 چنڊ آهن. عطارد جو مٿاڇرو کاهين (craters) سان ڀريل ۽ مڪمل طور تي خشڪ آهي. مٿس زندگي هجڻ جو ڪو به امڪان موجود ناهي. عطارد جي مٿاڇري جون پهريون ڀيرو تصويرون امريڪا جي خلائي ايجنسيءَ ناسا (NASA) تڏهن ورتيون، جڏهن ان جي مئرينر- 10 (Mariner-10) گاڏي 1974ع ۽ 1975ع ۾ عطارد جي بلڪل ويجهو گذري. ان کانپوءِ عطارد ڏانهن 2011ع ۾ ناسا پاران ميسينجر (Messenger) نالي هڪ خلائي گاڏي موڪلي وئي، جيڪا ساڳئي سال جي مارچ مهيني ۾ عطارد جي محور ۾ داخل ٿي زمين ڏانهن تصويرون موڪلڻ شروع ڪيون. ميسينجر گاڏي موڪلڻ کانپوءِ ڄاڻ پئي ته عطارد تي وڏي انگ ۾ تمام وڏيون وڏيون اونهيون ۽ بي ڊوليون کاهيون موجود آهن، جن مان ڪي ته ڪيترائي ڪلوميٽر گهريون آهن.
عطارد انهن پنجن گرهن: زهره، مريخ، مشتري، زحل منجهان هڪ آهي، جنهن کي دوربين کان سواءِ به ڏسي سگهجي ٿو. توهان رات جو جڏهن اڀ ۾ ڏسندا آهيو ته توهان کي گرهه ائين ٽمڪندي نظر نه ايندا، جيئن ستارا. عطارد کي اڀ ۾ الهندي جي هيٺاهين ۾ سج لهڻ کانپوءِ يا اوڀر ۾ پرهه ڦٽيءَ کان ٿورو اڳ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
اٽڪل هر ڏهن يا پندرهن سالن کانپوءِ عطارد کي سج کان لنگهندي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن عطارد جو محور سج ۽ زمين جي وچ ۾ اچي وڃي ٿو ته ان کي ٽرانزٽ (transit) سڏجي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن سج ڀرسان ڪو منظر ڏسڻو هجي ته نظر جي بچاءَ لاءِ ڪو مناسب فلٽر استعمال ڪرڻ گهرجي. فلٽر رستي ڏسڻ سان عطارد هڪ تمام ننڍڙي ٽٻڪي جيان سج کان ٽپندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ترتيب جي لحاظ کان سج کانپوءِ ’زهره‘ ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته سج کي ويجهي ۾ ويجهو عطارد آهي. ان کانپوءِ زهره، زمين، مريخ، زحل، مشتري، يورينس، نيپچون ۽ پلوٽو آهن. جيتوڻيڪ پلوٽو کانسواءِ ٻيا به جسم گردش ڪندا رهن ٿا، پر تنهن هوندي به فلڪياتدانن انهن کي گرهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن.
(2) زهره (Venus) سج کان پوءِ ٻئي نمبر تي زهره گرهه، نه رڳو زمين کي ويجهي ۾ ويجهو آهي، پر زمين کان ڪجهه ننڍڙو به آهي. جنهن جو گهير 12103 ڪلوميٽر يا 7520 ميل ته زمين جو 12760 ڪلوميٽر يا 7962 ميل آهي. زهره به هڪ اهڙو گرهه ، جنهن کي عطارد جيان ڪو به چنڊ ناهي. سج کان 108 ملين ڪلوميٽرن يا 67 ملين ميلن جي دوريءَ تي آهي. آبي بخارن ۽ گندرف جي تيزاب جي ڪڪرن سان ڍڪيل هجڻ سبب ڪنهن عام رواجي فلڪياتي دوربين سان ڏسي سگهجي ٿو.
زهره، شمسي نظام ۾ عطارد کان به جيڪو سج کي گهڻو ويجهو ۽ گرم ترين گرهه آهي. زهره جي مٿاڇري جو گرمي پد اٽڪل 460 ڊگري سينٽي گريڊ يا 860 فارنهائيٽ آهي. سڄو وايو منڊل ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ جو جڙيل آهي. زهره جو مٿاڇرو، سج جي شعاعن سبب گرم ٿيندو رهي ٿو ۽ اهڙي گرمي ڪڪرن ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ جي تهه سبب خارج ٿي نه ٿي سگهي. 1975ع ۾ سوويت يونين جون ٻه خلائي گاڏيون وينيرا-9 ۽ وينيرا-10 (venera-1 & 2) زهره جي مٿاڇري تي لٿيون، اهي پهريون خلائي گاڏيون هيون، جيڪي هن گرهه جي مٿاڇري تي پهتيون ۽ زمين ڏانهن تصويرون موڪلڻ شروع ڪيون.
امريڪا جي خلائي اسٽيشن ناسا، ريڊار جي جديد ٽيڪنالاجيءَ استعمال ڪندي زهره جي مٿاڇري جو گهڻو اڀياس ڪري سگهي ۽ ناسا جي ماگيلان (Magellan) خلائي گاڏيءَ 1993ع ۾ زهره جي مٿاڇري جي نقشي سازي مڪمل ڪئي.
زهره تي ڪيترائي کنڊ، جبل ۽ کاهيون موجود آهن، جن تي ڪنهن به قسم جي زندگي موجود ناهي ۽ نه ئي شديد گرميءَ ۽ ان جي وايو منڊل سبب موجود ٿي سگهي ٿي. ان تي موجود سڀني جبلن ۽ کاهين تي مونث نالا رکيا ويا آهن، جهڙوڪ: هڪڙي کاهيءَ جو نالو، بلي هاليڊي (Billie Holiday) هڪ امريڪي جاز ڳائڻيءَ جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. سڀني نالن مان هڪڙو مذڪر نالو به ملي ٿو، جيڪو هڪ اسڪاٽش سائنسدان جئمس ڪلرڪ مئڪسويل (James Clerk Maxwell) جي نالي پٺيان مئڪسويل مائونٽينس (Maxwell Mountains) آهي. زهره تي موجود هڪ وڏي ۾ وڏي کنڊ کي افروڊائيٽ (Aphrodite) جو نالو ڏنو ويو آهي. هن نالي واري يونان جي پيار ۽ سونهن جي ديوي هئي ۽ اصل ۾ وينس ديويءَ سمان آهي.
(3) ڌرتي (Earth): ڌرتي، شمسي نظام ۾ سج کان ٽئين نمبر تي موجود سڀني گرهن کان ڪيترن حوالن کان نرالي آهي، جهڙوڪ: ڌرتيءَ تي موجود آبهوا ۾ 21 سيڪڙو آڪسيجن آهي. اهو ئي واحد گرهه آهي، جنهن جي مٿاڇري تي پاڻي، پاڻيٺ جي صورت ۾ موجود آهي. شمسي نظام جو واحد گرهه آهي، جنهن تي زندگي موجود آهي. ڌرتي انهن اندرين گرهن (عطارد، زهره، زمين ۽ مريخ) مان آهي، جنهن کي پنهنجو هڪ وڏو اپگرهه (satellite) نالي ’چنڊ‘ آهي. جڏهن ته مريخ کي ٻه ننڍڙا چنڊ ۽ عطارد آهن ۽ زهره کي ڪو به چنڊ ناهي.
ڌرتي هڪ نازڪ ۽ حساس گرهه آهي، جنهن جو مٿاڇرو پليٽن (tectonic plates) ۾ ورڇيل آهي ۽ اهي هڪ پٿريلي تهه (mantle)، جيڪو زمين جي مٿاڇري، ڪرسٽ (crust) ۽ ان جي گرم پاڻيٺي ڪور (core) جي وچ ۾ آهن، تي ترنديون رهن ٿيون. ڌرتيءَ جو اندريون جسم چست حالت ۾ رهي ٿو، زلزلا ايندا ۽ ٻرندڙ جبل ۽ جبل، پليٽن جي ڇيڙن سان پيدا ٿيندا رهن ٿا.
ارضياتي (geological) چرپر (ٻرندڙ جبلن ۽ زلزلن) جي نتيجي ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي مريخ، زهره ۽ عطارد يا چنڊ جي مٿاڇري جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ کاهيون موجود آهن، جن جو هڪ سبب ڪيترن ملين سالن دوران انهن جو يا ته سُسي يا هوائن ۽ برساتن سبب ڳري گسي گم ٿي وڃڻ آهي. جيڪڏهن ڌرتيءَ جو ٻاهرينءَ خلا مان نظارو ڪيو وڃي ته آبي بخارن سبب ان جو گهڻو مٿاڇرو ڏسي نه سگهبو. اصل ۾ اهي آبي بخار ئي آهن، جن کي ٻاهران ڏسڻ سان اهي هن ڌرتيءَ کي هڪ شاندار چمڪندڙ گولو بنائين ٿا. ڌرتي، سج کان ٽئين نمبر تي زهره ۽ مريخ گرهه جي وچ تي آهي،
ڌرتيءَ کي، سج چوگرد پنهنجو ڦيرو مڪمل ڪرڻ ۾ 365¼ ڏينهن لڳن ٿا، تنهنڪري ڌرتيءَ جي هڪ سال ۾ 365 ڏينهن ٿين ٿا، جنهن ۾ ¼ ڏينهن جو اضافو ڪيو وڃي ٿو ۽ هر چوٿين سال ۾ هڪ واڌارو ڏينهن ٿئي ٿو، جيڪو 29 فبروري هجي ٿو. اهڙي هر چوٿين سال کي لِيپ سال (Leap Year) سڏجي ٿو، جنهن ۾ 366 ڏينهن ٿين ٿا، جن کي 4 سان مڪمل طور تي ونڊي سگهجي ٿو، جهڙوڪ: 2000، 2004، 2008، 2014، 2016 وغيره. سج جي ويجهن گرهن، عطارد ۽ زهره جا سال، زميني سالن کان ننڍا ته سج کان پري وارن گرهن جا سال ڊگها ٿين ٿا ۽ پلوٽو کي، سج جي چوگرد گردش پوري ڪرڻ ۾ 249 سال لڳي وڃن ٿا.
جڏهن ڌرتي، سج جي چوگرد گردش ڪري ٿي ته اها پنهنجي محور تي ڦرندي، 24 ڪلاڪن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿي. ان دوران ڌرتيءَ جو جيڪو پاسو سج طرف هجي ٿو، اتي ڏينهن هجي ٿو ۽ جيڪو پاسو سج کان ڦري وڃي ٿو، اتي رات هجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن برطانيا ۾ ڏينهن هجي ٿو ته ان جي مخالف پاسي ڌرتيءَ تي جهڙوڪ نيوزيلئنڊ ۾ رات هجي ٿي.
ڌرتي، سج جي چوگرد گردش ڪرڻ دوران تمام ٿورڙي اهيل/ جهڪيل ٿئي ٿي، جنهن سبب اسان کي مُندون ملن ٿيون. جڏهن ڌرتيءَ جهڪيل هجي ٿي ته ان دوران ڌرتيءَ جو اتريون اڌ، سج کان ٿورو پرڀرو هجي ٿو ته ڌرتيءَ جي اترئين اڌ ۾ سيارو هجي ٿو.
ان عرصي دوران ڌرتيءَ جو ڏاکڻيون اڌ تمام هلڪو سج ڏانهن جهڪيل رهي ٿو ۽ ڏاکڻي اڌ ۾ اونهارو هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن انگلئنڊ ۾ سيارو هجي ٿو ته نيوزيلينڊ ۾ اونهارو ٿئي ٿو. خط استوا ويجهو اونهاري ۽ سياري ۾ گهڻو فرق هجي ٿو.
ڌرتي، سج کان 150 ملين ڪلوميٽرن/ 3 مِلين ميلن جي مفاصلي تي آهي يا ائين به چئي سگهجي ٿو ته اها سج کان هڪ اَي يو جي دوريءَ تي آهي، جڏهن ته ان جو قطر، خط استوا وٽ ان جي مرڪز کان مفاصلو 12760 ڪلوميٽر يا 7928 ميل آهي.
ڌرتي، ڊول ۾ بلڪل گول ناهي. ان جو اتر ۽ ڏکڻ قطب چوگرد قطر، خط استوا جي چوڌاري قطر کان ٿورڙو گهٽ آهي. قطبي قطر 12700 ڪلوميٽر يا 7891 ميل آهي. (ائين نارنگيءَ جو قطر ماپي ڏسبو ته ان ۾ فرق نظر ايندو). ڌرتي پنهنجن ويجهن گرهن: عطارد، زهره ۽ مريخ کان وڏي آهي. فلڪياتي نقشن تي اها عام طور تي زهره کان ان سبب ننڍڙي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو زهره گندرف جي تيزاب جي هڪ ٿلهي تهه ۾ ويڙهيل ٿئي ٿو.
ڌرتي ٻين سڀني گرهن کان ان ڪري نرالي آهي، جو ان تي زندگيءَ جي تمام گهڻي گوناگونيت ۽ ذهين مخلوق موجود آهي ۽ اهو رڳو ڌرتيءَ جي وايومنڊل سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي، جنهن رڳو ڌرتيءَ کي پناهه ۾ رکيو آهي ته اتي زندگيءَ کي به واڌويجهه ڪرڻ جا موقعا ڏنا آهن. ڌرتيءَ جيان اهڙا ٻيا به گرهه آهن، جيڪي شمسي نظام ۾ گردش ڪندا رهن ٿا.
(4) مريخ (Mars): مريخ کي عام طور تي ڳاڙهو گرهه (Red Planet) به سڏيو وڃي ٿو. سج کانپوءِ چوٿين نمبر تي ڌرتي ٽئين نمبر تي آهي ۽ ڪيتري قدر ڌرتيءَ جهڙو آهي، (ڌرتي نيرن سمنڊن ۽ سائي ستابي زمين سان مالامال آهي). جڏهن ته مريخ پنهنجي ڳاڙهي چِٽ سبب مشهور آهي، جنهن جو ڪارڻ مريخ جي مٿاڇري تي آئرن آڪسائيڊ (iron oxide) جي موجودگي آهي، جيڪڏهن انهن ٻنهي گرهن جي مٿاڇرن جي فرقن کي ڏسجي ته اهي ڪيترن لحاظن کان هڪجهڙائپ رکندڙ به آهن. جهڙوڪ: برفاني قطبي چوٽيون، هڪ سال جي ڊيگهه ۽ موسمون وغيره.
برفاني قطبي چوٽيون (Polar Ice Caps): مريخ جا اتر ۽ ڏکڻ قطب، برفاني چوٽين سان ائين ڀريل آهن، جيئن ڌرتيءَ جا قطب. ساڳيءَ طرح سان زمين جيان ٻنهي گرهن جون برفاني چوٽيون گهڻي ڀاڱي پاڻيءَ جون جڙيل آهن. برفاني چوٽين ۾ تمام گهڻي يخ پاڻي هجڻ سبب ڪن سائنسدانن جو ويساهه آهي ته اتي ڪنهن دور ۾ زندگي موجود هوندي.
سال جي ڊيگهه (length of a year): زمين جي ڀيٽ ۾ مريخ، سج کان ايترو ڪو گهڻو پري به ڪونهي. نتيجي ۾ مريخ جو هڪ عام رواجي سال، هڪ سال ۽ 320 ڏينهن جو ٿئي ٿو.
ڏينهن جي ڊيگهه (Length of a day): جيتوڻيڪ مريخ جو هڪ سال ڌرتيءَ جي هڪ سال کان جهڙوڪر ٻيڻو وڏو ٿئي ٿو، پر تنهن هوندي به هڪ ڏينهن جي ڊيگهه اٽڪل روءِ هڪ جيتري ٿئي ٿي. مريخ جو هڪ ڏينهن 24 ڪلاڪن ۽ 39 منٽن جيترو ڊگهو ٿئي ٿو.
موسمون (Seasons): مريخ جون به زمين جهڙيون مندون ٿين ٿيون، پر اهي زميني موسمن کان گهڻيون ڊگهيون هجن ٿيون. جنهن جو سبب مريخ جو سج کان تمام پري هجڻ آهي. اونهاري ۾ مريخ جي ڏينهن جو سراسري گرمي پد ڪاٽو 5 ڊگري سينٽي گريڊ يا 23 ڊگريون فارينهائيٽ ٿئي ٿو. ٻنهي گرهن ۾ اهڙين هڪجهڙاين هوندي به ڪيترا فرق آهن. جيڪڏهن اهي فرق نه هجن ها ته مريخ جو اڀياس ڪرڻ ايترو دلچسپ به نه ٿئي ها.
ڪيترا اهڙا به گرهه آهن، جيڪي ڌرتيءَ کان گهڻا وڏا آهن، مثال طور: هڪ مشتري گرهه ۾ 318 ڌرتيون ماپي وينديون. جڏهن ته، مريخ ايترو ڪو وڏو به ناهي. اصل ۾، مريخ، شمسي نظام جي انهن ٻن گرهن منجهان هڪ آهي، جيڪي ڌرتيءَ کان گهڻا ننڍا آهن. جيڪڏهن انهن ٻنهي گرهن کي هڪ هنڌ رکي ڏسجي ته ڌرتي بيس بال (9.25 انچ) جيتري ته مريخ سافٽ بال (12 انچ) جيترو ڏسڻ ۾ ايندو.
مريخ جي ننڍي هجڻ جو اهو به مطلب ناهي ته ان جون ڪي امتيازي ڳالهيون ناهن. جڏهن ته مريخ جو مٿاڇرو ڪيترن دلچسپ ماڳن سان ڀريل آهي، جهڙوڪ: اولمپس مونس (Olympus Mons). مريخ تي موجود اولمپس مونس نالي جبل شمسي نظام جو وڏي ۾ وڏو 25 ڪلوميٽرن کان به اوچو جبل (ايوريسٽ جبل کان ٽيڻو وڏو) آهي. اهو ايترو ته وڏو آهي، جو اڄ کان 200 سال اڳ 19 صديءَ ۾ به فلڪياتدان دوربينن رستي ڏسي سگهندا هئا.
وئليز مئرينيريز (Valles Marineris): شمسي نظام جي وڏي ۾ وڏي اونهي کاهي/ وادي نالي، وئليز مئرينيريز مريخ جي مٿاڇري تي 4000 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي. جيڪڏهن توهان خوردبين رستي مريخ کي ڏسندا ته اتي توهان کي هڪ اهڙو گهاءُ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو وئليز مئرينيريز آهي.
بوريئلس بيسن (Borealis Basin): مريخ جي مٿاڇري جو 40 سيڪڙو بوريئلس بيسن (ترائي) جهڙوڪ سڄي اترئين اڌ ۾ پکڙيل آهي. مريخ جو مٿاڇرو اهڙين اونهين کاهين سان ڀريل آهي، جيڪي ننڍن گرهن(asteroids) ۽ ڪرندڙن تارن سبب پيدا ٿيون آهن. اڄ تائين اهڙيون 43000 کاهيون ڏٺيون ويون آهن ۽ اهي سڀ شاهي کاهيون آهن.
شمسي نظام جي ڪنهن به ٻئي گرهه جي ڀيٽ ۾ مريخ تي مٽيءَ جا وڏا وڏا طوفان ايندا رهن ٿا. انهن ۾ ڪي اهڙا به ٿين ٿا، جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ هن سڄي گرهه کي ڍڪي ڇڏين ٿا.
مريخ هڪ حيرت جهڙو گرهه آهي، جنهن جا جبل، کاهيون ۽ وڏيون اونداهيون غارون زمين جيان پنهنجي هڪ شاهوڪار تاريخ رکندڙ آهن، جنهن مان انسان ايندڙ صدين تائين سکندو رهندو.
(5) مشتري (Jupiter): مشتري، شمسي نظام جو هڪ شاهي گرهه آهي، جنهن جو مادو ڌرتيءَ جي ماديءَ کان 300 ڀيرا وڏو آهي. قديم رومي، هن گرهه کي آسماني ديوتا ته يوناني زوس (Zeus) جي نالي سان سڏين ٿا. هن گرهه جو قطر 142750 ڪلوميٽر يا 88770 ميل آهي. ترتيب جي لحاظ کان سج کان پنجين نمبر تي ۽ ان کان اٽڪل 777 ملين ڪلوميٽر يا 483 مِلين ميل پري آهي.
جيتوڻيڪ مشتريءَ جو محور ۽ ان جو سال زمين جي سال کان گهڻو ڊگهو آهي، پر تنهن هوندي به ان جو ڏينهن گهڻو ننڍو آهي. مشتري گهڻي تيزيءَ سان ڦري ۽ پنهنجي محور تي هر 9.84 ڪلاڪن کانپوءِ گردش ڪري ٿو. ايتري تيزيءَ سان ڦرڻ سبب پنهنجي ڪڪرن ۾ (هن گرهه کي گهيريل رکندڙ ۽ بظاهر تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ آهن) موسم جا زبردست مانڊاڻ منڊين ٿا.
مشتري، شمسي نظام جو وڌ ۾ وڌ طوفاني گرهه آهي، جتي دائمي پر سدائين تبديل ٿيندڙ تيز طوفان لڳندا رهن ٿا، جن کي مشتريءَ جي گريڊ ريڊ اسپاٽ (Great Red Spot) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهڙو پهريون ريڊ اسپاٽ اول، 1664 ۾ رابرٽ هُڪ ڏٺو هو.
مشتري، هيڊروجن، هيليم، ميٿين ۽ امونيا گئسن جو ٺهيل آهي. مٿس موجود ڪڪرائين منڊل ۾ روشن پٽا (belt) آهن، جيڪي پنهنجو ڊول مٽائيندا رهن ٿا. جيئن ته مشتري دوربين کانسواءِ به ڏسي گهجي ٿو، ان سبب قديم دنيا جا ماڻهو به ان بابت ڄاڻ رکندڙ هئا، پر جڏهن دوربين ايجاد ٿي ته فلڪياتدان ان جا چنڊ به ڏسي سگهيا. مشتريءَ کي ڪل 64 چنڊ آهن، جن مان 4 ته ايترا وڏا آهن، جو اهي ننڍيءَ دوربين سان به سولائيءَ سان پسي سگهجن ٿا. سڀ کان اول، اهو گئليليو (1642-1564) هو، جنهن مشتريءَ جا چنڊ ڏٺا ۽ انهن جو مشاهدو ڪيو.
مشتريءَ کي سڀ کان ويجهو لو (Lo)، پوءِ يوروپا (Europa) ۽ ٻاهريان ٻه وڏا چنڊ؛ گئنيميڊ (Ganymede) ۽ ڪولائسٽو (Callisto) آهن. انهن ۾ لو، هن گرهه کي ايترو ته ويجهو آهي، جو مشتريءَ جي ڪشش سدائين لو جي مٿاڇري کي متاثر ڪندي ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ جو ڪارڻ بڻبي رهي ٿي. يوروپا، لسي برف جي تهه سان ڍڪيل ٿئي ٿو. جڏهن ته گينيميدي ۽ ڪئليسٽوگهڻي قديم برف سان ڍڪيل ۽ اونهين کاهين سان آهن.
5 آگسٽ 2011ع تي ناسا، مشتري بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بنا انسان جي جونو (Juno) نالي هڪ خلائي گاڏي رواني ڪئي. جونو هڪ رومي ديوي ۽ مشتريءَ ديوتا جي گهر واري هئي. جونو کي مشتري گرهه تائين پهچڻ ۾ پنج سال لڳندا. اها پهرين خلائي گاڏي آهي، جيڪا مڪمل طور تي شمسي توانائيءَ تي هلندڙ آهي.
(6) زحل (Saturn): زحل، شمسي نظام جو ڇهون گرهه آهي. دروبين سان ڏسڻ ۾ نهايت خوبصورت نظر اچي ٿو.
زحل جي روشن گولي جي چوگرد ڇلا (rings) آهن، جيڪي برف جا ٺهيل ٿي سگهن ٿا. انهن مان ٽي ڇلا ڌرتيءَ تان دوربين سان ڏسي سگهجن ٿا. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ يو ايس ووائجر خلائي گاڏيءَ جي موڪليل تصويرن رستي، انهن ٽنهي مکيه ڇلن وچ ۾ موجود وڌيڪ سنهن ڇلڙن جي نشاندهي ڪئي. اهڙن مکيه ڇلن کي اَي (A)، بي (B) ۽ سي (C) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جن مان اَي بلڪل ٻاهريون ڇلو ٿئي ٿو. تازو، اهڙا وڌيڪ ڇلا پڻ لڌا ويا آهن.
زحل اهو آخري گرهه آهي، جيڪو دوربين استعمال ڪرڻ بنا به پسي سگهجي ٿو، جنهن سبب قديم دور جا ماڻهو به هن گرهه جي تڏهن کان ڄاڻ رکندڙ هئا. جڏهن ته ان جا ڇلا رڳو دوربين رستي ئي ڏسي سگهجن ٿا. انهن ڇلن جو سڀ کان اول مشاهدو 1610ع ۾ گئليليو ڪيو هو. زحل کي گهٽ ۾ گهٽ 18 چنڊ آهن، جڏهن ته ان جي چوگرد ڪيترا اُپگرهه به شمسي نظام ۾ ڪشش سبب گردش ڪندا رهن ٿا. مشتريءَ جي چنڊ گينيميڊيءَ کانپوءِ ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو چنڊ ٽائيٽن (Titan) آهي. ٽائيٽن نه رڳو چنڊ کان وڏو ته شمسي نظام جو واحد چنڊ آهي، جنهن کي پنهنجو وايو منڊل آهي جيڪو نائٽروجن ۽ ميٿين جو جڙيل آهي. ٻين سڀني گرهن جيان زحل تي اهو نالو هڪ رومي ديوتا پٺيان پيل آهي، جيڪو شايد ته هڪ پراسرار ديوتا هو، جڏهن ته اهو به ويساهه ڪيو وڃي ٿو ته اهو ٻجن پوکڻ ۽ لاباري ڪرڻ جو ديوتا هو.
زحل، شمسي نظام جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو گرهه آهي. ان جو مادو ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ 95هوڻو ۽ قطر 142750 ڪلوميٽر يا 75098 ميل ۽ سج کان 1426 ملين ڪلوميٽرن يا 886 مِلين ميل پري آهي. سج جي چوگرد پنهنجو ڦيرو ½29 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. جڏهن ته ڌرتي هڪ سال ۾ مڪمل ڪري ٿي. مشتريءَ جيان، زحل ڌرتيءَ کان وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان پنهنجي محور ۾ گردش پوري ڪري ٿو. ڌرتي پنهنجي محور تي اهڙو ڦيرو 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري اسان کي ڏينهن ۽ رات ڏيندي رهي ٿي ته زحل پنهنجي ڦيري مڪمل ڪرڻ ۾ ڏهن ڪلاڪن کان مٿي وقت وٺي ٿو. اهڙي تڪڙي ڦيري سبب ايترا ئي تيز طوفان پيدا ٿين ٿا، جيڪي ڌرتيءَ تي پيدا ٿي نه ٿا سگهن. جڏهن ته زحل جي ڏاکڻين قطب تي سدائين تيز طوفان لڳندا رهن ٿا، جيڪي طاقتور دوربين رستي ڏسي سگهجن ٿا.
شمسي نظام جي ٻاهرين چئن وڏن گرهن، مشتري، زحل، يورينس ۽ نيپچون کي گئسن جا گولا (gas giants) سڏجي ٿو، جن لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته اهي سڄا سارا گئس جي گهاٽن تهن جا ٺهيل آهن، جڏهن ته زحل هيڊروجن ۽ هيليم جو هڪ شاهي بال آهي.
جيئن ته زحل جو محور اهليل آهي، ان سبب اهو جڏهن سج جي چوگرد گردش ڪري ٿو، ته اسان کي ان جي ڇلن جا مختلف منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. زحل جا سڀ ڇلا مختلف رفتارن سان گردش ڪن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ وٿي ٿئي ٿي. سال 2010ع ۾ ناسا هڪ خلائي گاڏي نالي ڪئسيني (Cassini) رواني ڪئي، جيڪا ايف (F) ۽ جي (G) ڇلن جي وچ ۾ وئي ۽ هاڻ زحل جي چوگرد گردش ڪري رهي آهي. ڪئسيني سائنسدانن ڏانهن ڪيتري ڪارائتي معلومات موڪلي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ان رستي سائنسدان انهن پراسرار ۽ خوبصورت ڇلن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهندا.
(7) يورينس (Uranus): سج کان ستين نمبر تي موجود گرهه يورينس جي، عطارد ۽ زحل جي ابتڙ قديم دور ۾ ڄاڻ نه هئي. اهو، پهريون دفعو 1781ع ۾ وليم هرشل (William Herschel) دوربين رستي اڀ جو اڀياس ڪندي ڳولهي لڌو. 1782ع ۾ جارج ـ III هرشل کي پنهنجيءَ درٻار جو فلڪياتدان مقرر ڪيو.
وليم هرشل، هئنووَر، جرمنيءَ ۾ ڄائو. 1757ع ۾ ان خيال سان انگلئنڊ لڏي ويو ته موسيقار ٿيندو، پر فلڪيات تي هڪ ڪتاب خريد ڪرڻ کانپوءِ سندس سڄي دلچسپي اڀ جي اڀياس ڪرڻ تائين محدود ٿي ويئي. هرشل هڪ وڏيءَ دوربين رستي يورينس جا ٻه چنڊ به ڳولهي لڌا. يورينس کي ڪل 27 چنڊ آهن، جن مان گهڻن جا نالا شيڪسپيئر جي “مڊسمر نائيٽس ڊريم” (Mid summer Nights’ Dream) جي ڪردارن جا رکيل آهن. اهڙن پنجن مکيه چنڊن جا نالا ٽائيٽينيا (Titania)، اوبران (Oberon)، مرانڊا (Miranda)، ايرئيل (Ariel) ۽ امبرييل (Umbriel) آهن. امبريل، شيڪسپيئر جو ڪردار نه پر اليگزينڊر پوپ (Alexander Pope) جي ميلنڪلي اسپرائيٽ (Melancholy Sprite) تان ورتل آهي.
يورينس شمسي نظام جي انهن چئن ٻاهرين گرهن؛ مشتري، زحل، يورينس ۽ نيپچون، جيڪي گئس جا جڙيل آهن، گئس جو هڪ شاهي گرهه آهي. يورينس جو گهڻو مرڪز يخ امونيا ۽ ميٿين جو جڙيل آهي، جنهن سبب ان جو رنگ نيراڻ مائل سائو آهي. ان جو وايومنڊل پڻ هيڊروجن ۽ هيليم جو ٺهيل آهي. يورينس، پنهنجي پاسي تي اهليل هوندي سج جي چوگرد هڪ ڦيرو 84 سالن ۾ پورو ڪري ٿو، جڏهن ته ڌرتي سج جي چوگرد پنهنجو ڦيرو 365 ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿي.
جيئن ته سج جي چوگرد گردش دوران پنهنجي هڪ پاسي تي اهليل هجي ٿو، تنهنڪري ان جي گردش جو چوٿون حصو رڳو هڪ قطب جي چوگرد ڦرندو رهي ٿو، ته هن گرهه جو هڪ قطب مڪمل اونداهيءَ ۾ رهي ٿو. يورينس زمين کان وڌيڪ تيزيءَ سان پنهنجي محور تي هڪ ڦيرو مڪمل ڪرڻ ۾ 17.9 ڪلاڪ وٺي ٿو. زمين کي 24 ڪلاڪ لڳن ٿا ۽ اها ڏينهن ۽ رات به ڏيندي رهي ٿي.
يوناني ڏندڪٿا مطابق يورينس سرڳن جو هڪ قديم ديوتا هو، جنهن کي جائنٽس (Giants) ۽ ٽائيٽنس (Titans) نالي ٻه پٽ هئا. جيتوڻيڪ يورينس چئني شاهي گرهن ۾ ننڍي ۾ ننڍو، پر ڌرتيءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڏو آهي. ان جو قطر 47150 ڪلوميٽر يا 29297 ميل آهي. سج کان 2869 ملين ڪلوميٽرن يا 1782 مِلين ميلن جي دوريءَ تي آهي. جڏهن ته ڌرتيءَ جو قطر 12760 ڪلوميٽرن يا 800 ملين کان ٿورو گهٽ آهي.
1977ع ۾ جڏهن يورينس، هڪ ستاري جي سامهون گذري رهيو هو، تڏهن فلڪياتدانن مشاهدي دوران گرهه ه جي چوگرد 9 ڇلا ڏٺا، جيڪي زحل جي ڇلن جي ابتڙ گهڻا جهڪا ۽ سولائيءَ سان ڏسڻ ۾ نه ايندڙ هئا.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ ووائجر خلائي گاڏيءَ جي موڪليل تصويرن مان هن گرهه جي چوگرد وڌيڪ ٻن ڇلن هجڻ جي ڄاڻ پئي.
سال 2003ع ۽ 2005ع دوران هبل اسپيس (Hubble Space) جي دوربين رستي هن گرهه کان تمام دور ٻن وڌيڪ جهڪن ڇلن جي خبر پيئي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن گرهه کي ڪل 13 ڇلا آهن. سائنسدانن کي اڃان تائين مڪمل طور تي اها ڄاڻ پئجي نه سگهي آهي ته اهي ڇلا ڪيئن پيدا ٿيا آهن يا اصل ۾ ڇا جا جڙيل آهن.
جڏهن سائنسدانن پهريون دفعو يورينس جو مشاهدو ڪيو هو، تڏهن کان ڏٺو ويو آهي ته يورينس پنهنجي محور جي ڪن هنڌن تان ٻاهر خلا ڏانهن ڇڪجي رهيو آهي. 19 صديءَ ۾ ڪن فلڪياتدانن ڄاتو ته ان جو ڪارڻ، ضرور ڪو اهڙو ٻاهريون گرهه آهي جنهن جي ڪشش سبب ائين ٿي رهيو آهي. يورينس جي مشاهدي جي بنياد تي انگن اکرن رستي ٻن فلڪياتدانن آدمس (Adams) ۽ لو ويريئي (Le Verrier) ان گرهه جي سڃاڻپ ڪئي ته اهو ڪٿي ٿي سگهي ٿو. اهو نيپچون ۽ خلا ۾ 10.9 اَي يو مفاصلي تي هو. فلڪيات ۾ نيپچون کي طاقتور دوربين کانسواءِ ڏسي نه ٿو سگهجي، جنهن جو پهريون ڀيرو مشاهدو 1866ع ۾ برلن جي رصدگاهه (observatory) مان ڪيو ويو هو، جڏهن ته نيپچون جي وجود جي ڄاڻ هڪ سال اڳ ۾ 1845ع ۾ پئجي چڪي هئي. نيپچون سج کان اٺون نمبر گرهه آهي.
برلن جي رصدگاهه جي انگن اکرن جو حساب ڪندي هن آسماني جسم جي ممڪن هنڌ تي هجڻ جي ڳولها ڪئي ته اهو لڀي پيو، جن هن گرهه کي سمنڊ جي رومن ديوتا نيپچون جو نالو ڏنو.
(8) نيپچون (Neptune): شمسي نظام جو ٽيون نمبر وڏو گرهه، جڏهن ته اصل شاهي گرهن مشتريءَ ۽ زحل کان گهڻو ننڍو ۽ يورينس کان ڪجهه وڏو آهي. نيپچون جو قطر 47150 ڪلوميٽر يا 29297 ميل آهي. نيپچون گئسن جي ٺهيل چئن شاهي گرهن يعني مشتري، زحل ۽ يورينس جيان رڳو گئس جو جڙيل آهي. نيپچون اصل ۾ هيڊروجن ۽ هيليم گئسن جو هڪ وڏو بال آهي. شمسي نظام جي سڀني گرهن جيان، سج جي چوگرد، شمسي نظام جي مرڪز ۾ گردش ڪندو رهي ٿو. سج جي چوگرد پنهنجي گردش پوري ڪرڻ ۾ اسان جي زمين جا 165 سال لڳي وڃن ٿا، جڏهن ڌرتي سج جي چوگرد پنهنجو ڦيرو 365 ڏينهن يعني هڪ سال ۾ پورو ڪري ٿي. 1846ع ۾ جڏهن لڌو ويو هو، تنهن کانپوءِ نيپچون سج جي چوگرد پنهنجو پهريون 165 سالن جو ڦيرو سال 2011ع ۾مڪمل ڪيو.
ٻين سڀني گرهن جيان نيپچون نه رڳو پنهنجي محور تي، پر سج جي چوگرد به گردش ڪندو رهي ٿو. (ان لاءِ بلڪل ائين تصور ڪيو ڄڻ ته توهان ڪنهن هڪ وڏي تلاءَ جي گول گهمندا هجو ته ساڳي وقت پاڻ به گول ڦرندا رهو)
نيپچون، سج کان 30.1 اَي. يو (4495 ملين ڪلوميٽرن يا 2793 مِلين ميلن ۽ ڌرتيءَ کان 2700 ملين ميلن) جي پنڌ تي آهي. سال 1846ع ۾ جڏهن نيپچون پهريون دفعو ڏٺو ويو هو، ته ان ئي سال ان جو چنڊ به ڏٺو ويو هو ۽ ان کي ٽرائٽن (Triton) جو نالو ڏنو ويو هو. ٽرائٽن کي غير رواجي چنڊ سمجهيو وڃي ٿو، جو اهو نيپچون جي پنهنجي محور جي ابتڙ گردش ڪري ٿو. جڏهن ته شمسي نظام جا سڀ وڏا اپگرهه (چنڊ) پنهنجن پنهنجن گرهن جي چوگرد گردش ڪندا رهن ٿا. . (ان لاءِ بلڪل ائين تصور ڪيو ڄڻ ته توهان ڪنهن هڪ وڏي تلاءَ جي گول ڦرندا هجو ته ساڳي وقت پنهنجي محور تي به ڦرندا رهو. ساڳي وقت پنهنجي ڪنهن دوست کي توهان جي گول ڦرڻ لاءِ چئو. توهان جيڪڏهن پنهنجي محور تي سبتو ڦري رهيا آهيو ته پنهنجي دوست کي ابتي ڦرڻ لاءِ چئو).
ٽرائٽن، سائيز ۾ چنڊ جيترو آهي. هڪ ٻيو ننڍڙو چنڊ نيريڊ (Nereid) دوربين رستي 1949ع ۾ ته ٻيا ڪجهه پراهان ڇهه چنڊ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ووائجر خلائي گاڏيءَ رستي لڌا ويا. اهي سڀ چنڊ ٽرائٽن ۽ نيپچون جي وچ ۾ آهن. هاڻ ماهرن کي ڄاڻ پيئي آهي ته نيپچون کي ڪل 13 چنڊ آهن. جيئن ته نيپچون سمنڊ جو ديوتا هو، تنهنڪري باقي سڀني چنڊن تي يونان جي قديم پر گهٽ اهم ديوتائن جا نالا رکيا ويا جهڙوڪ: ٽرائٽن يا سي نمفس، نيرڊ وغيره.
پلوٽو (Pluto): پهريون ڀيرو 1930ع ۾ دوربين رستي لڌو ويو. يورينس ۽ نيپچون جيان دوربين کان سواءِ پسي نٿو سگهجي ته ان جي وجود کان قديم دور جا ماڻهو به ناواقف هئا. 1930ع ۾ ڪلائڊ ٽمبو (Clyde Tombaugh) جڏهن پلوٽو ڳولي لڌو ته ان کي شمسي نظام جي نائين گرهه طور مشهور ڪيو ويو. جڏهن ته ساڳئي سال ڪيترن فلڪياتدانن ان کي نائين گرهه مڃڻ کان انڪار ۽ نظام شمسيءَ ۾ شمار نه ڪيو.
سال 2005ع ۾ نيپچون کان پرتي هڪ وڌيڪ ممڪن گرهه اِرس (Eris) هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي ته ٻن وڌيڪ گرهن جهڙن جسمن هجڻ جو به انڪشاف ڪيو ويو.
اهي جسم اسان جي شمسي نظام جي گرهن کان مختلف آهن. پهريان اٺ گرهه، سج جي چوگرد هڪ اهڙي گس ۾ گردش ڪن ٿا، جنهن کي انهن ٻين جسمن لاءِ صاف ڪيو آهي. جڏهن ته پلوٽو، سج جي جنهن مدار/ پٽي ۾ گردش ڪري ٿو، اهو ڪيترن ٻين جسمن سان ڀريل ۽ اهي عام طور تي پلوٽو ۽ سج جي وچ مان گذرندا رهن ٿا.
پهريان اٺ ئي گرهه سج جي چوگرد، گردش دوران ساڳيو مفاصلو برقرار رکن ٿا. ائين ڌرتي به سدائين سج کان هڪ اَي يو دوريءَ تي رهي ٿي. جڏهن ته پلوٽو بيضوي محور ۾ گردش ڪري ٿو، جنهن جو مطلب ٿيو ته ان جو سج کان مفاصلو گهٽ وڌ ٿيندو رهيو.
سال 2006ع ۾ فلڪياتدانن جي بين القوامي يونين فيصلو ڪيو ته انهن ‘گرهن’ کي ‘ڄامڙا گرهه’ (dwarf planets) سڏڻ گهرجي. پلوٽو کي تحت الثريٰ (underworld) جو رومي ديوتا سڏيو ٿي ويو.
اسان کي پلوٽو بابت اڃا تائين گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي. ان سلسلي ۾ ناسا 2005ع ۾ بنا انسان جي هڪ خلائي گاڏي نالي ‘نيو هوريزنس’ (New Horizons) رواني ڪئي آهي، جيڪا سال 2015ع تائين پلوٽو تي رسڻي هئي.
پلوٽو شايد ته عطارد کان به ننڍڙو آهي، جنهن جو قطر اٽڪل 2240 ڪلوميٽر يا 1400 ميل ٿيندو. پلوٽو کي سج جي چوگرد پنهنجي ڦيري پوري ڪرڻ ۾ ½ 248 سال لڳي وڃن ٿا، جڏهن ته ڌرتي اهو هڪ سال ۾ پورو ڪري ٿي. باقي ٻين سڀني گرهن جيان پلوٽو به پنهنجي محور تي ڦرڻ سان گڏ سج جي چوگرد به گردش ڪندو رهي ٿو. پلوٽو کي پنهنجي محور جو ڦيرو پوري ڪرڻ ۾ ½6 ڏينهن لڳي وڃن ٿا، جڏهن ته ڌرتيءَ کي 24 ڪلاڪ يعني هڪ ڏينهن لڳي وڃي ٿو.
جيئن ته پلوٽو، تحت الثريٰ جو رومي ديوتا هو، ان سبب پلوٽو جي مکيه چنڊ کي ڪيرن (Charon) يعني ان پاتڻيءَ/ مانجهيءَ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو اسٽڪس (Styx) درياءَ مان مئل جيو کڻي تحت الثريٰ ۾ پهچائيندو هو. پلوٽو لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته ان کي چار چنڊ آهن. پلوٽو جو سج کان مفاصلو گهٽ وڌ ٿيندو رهي ٿو. جيئن ته هيءُ گرهه 1930ع ۾ لڌو ويو هو ۽ ان کي سج جي گردش پوري ڪرڻ ۾ 249 سال لڳي وڃن ٿا، تنهنڪري ان جي مدار جو مڪمل مشاهدو نه ڪيو ويو آهي. بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ سائنسدانن هڪڙو واڌو گرهه (Planet) ڳولي لڌو آهي ۽ چون ٿا ته اهو ڏهون گرهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو