شمس الدين عاصي: انگريزن جي دؤر جو مشهور غزل گو شاعر شمس الدين ‘عاصي’ ولد آخوند قمر الدين، پهرين جنوري 1862ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. 1855ع ۾ جڏهن شڪارپور ۾ ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول (موجوده گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي محله) قائم ٿيو ته ان ۾ سندس والد پهريون هيڊماستر مقرر ٿيو. هن جا وڏا اصل پاٽ شريف ضلعي دادو جا رهواسي هئا، جيڪي اتان لڏي اچي شڪارپور جي شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جتي سندن حويلي آخوند قمر الدين جي حويليءَ جي نالي سان مشهور آهي. سندس تعليم ۽ تربيت والد جي رهنمائي هيٺ ٿي، پاڻ سب روينيو مئجسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري پهرين اپريل 1884ع تي روينيو کاتي ۾ ملازم ٿيو، 1892ع ۾ ترقي مليس. 1898ع ۾ کيس سيڪنڊ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار مليا. نوڪريءَ دوران مختلف تعلقن جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، قمبر ۽ شڪارپور وغيره ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ‘خانصاحب’ جو خطاب ڏنو ويو. هو سنڌيءَ کان سواءِ انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. سندس فارسيءَ ۽ سنڌي ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي. هن جو ڪلام ‘مفروح القلوب’ ۽ ‘سنڌ سڌار’ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري سندس ڪلام لاءِ لکي ٿو ته: “هو غزل جي مزاج جو نبض شناس هو. هن سنڌيءَ ۾ غزل کي پنهنجي جمله شوخين ۽ نزاڪتن سان بيان ڪيو آهي ۽ عشق جي حقيقتن ۽ حڪايتن کي نهايت رنگين انداز ۾ اظهار ڪيو آهي.” هن 1 نومبر 1903ع تي وفات ڪئي.
1862.01.01 عيسوي
شمس الدين ‘عاصي’ ولد آخوند قمر الدين، پهرين جنوري 1862ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
1903.11.01 عيسوي
شمس الدين عاصي 1 نومبر 1903ع تي وفات ڪئي.