شمس الدين فقير

شمس الدين فقير: فقير شمس الدين دهلوي، دهليءَ جو هڪ نامور عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي جڳ مشهور ’مثنوي والھ و سلطان‘ ۾ سنڌ خصوصاً ٺٽي جو ذڪر ڪيو آهي، شمس الدين 1115هه/1703ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والد عباسي ۽ سندس والده علوي خاندان مان هئي ۽ سندن گهراڻو پنهنجي دؤر جو هڪ معزز گهراڻو ليکبو هو. هن علمي ۽ ديني ماحول ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. 1140هه/1727ع ۾ شمس الدين فقير دنيا ترڪ ڪري اورنگ آباد (دکن: هندستان) هليو ويو، جتان پنجن سالن کان پوءِ قزلباش خان اميد سان گڏجي واپس دهلي آيو، ڪجهه عرصو عماد الملڪ جي رقابت ۾ رهيو ۽ پوءِ وري آگري ۾ وڃي گوشه نشين ٿيو. 1175هه/1761ع ۾ هو لکنؤ هليو ويو ۽ اتان هو 1180هه/1766ع ۾ نجف، ڪربلا، شام ۽ ايران ۾ مقدس مقامن جي زيارتن لاءِ هليو ويو ۽ 1183هه/1769ع ۾ زيارتن تان واپس اچي رهيو هو ته پاڻيءَ جي جهاز جي حادثي ۾ وفات ڪيائين.فقير شمس الدين ننڍي کنڊ ۾ علم عروض ۽ علم معاني و بيان جي استاد جي حيثيت سان تمام گهڻو مشهور هو. هن جو جڳ مشهور ڪتاب ’حدائق البلاغة‘ جيڪو هن 1168هه/1755ع ۾ تاليف ڪيو گهٽ ۾ گهٽ 200 سالن کان تعليمي نصاب ۾ داخل آهي. ان کان سواءِ سندس هيٺيون تصنيفون مشهور آهن: (1) خلاصة البديع، (2) الوافيھ في العروض والقافيھ، (3) مثنوي شمس الضحيٰ، (4) مثنوي در مڪنون، (5) مثنوي حسن و عشق، (6) مثنوي والھ و سلطان ۽ (7) ديوان شمس فقير. ’مثنوي والھ سلطان‘ اصل ۾ علي قلي والھ داغستاني ۽ خديجه سلطان جي عشق بابت چيل آهي جنهن ۾ سنڌ خصوصاً ٺٽي جو پڻ ذڪر ملي ٿو. اها مثنوي فقير شمس الدين 1160هه/1747ع ۾ چئي جيڪا 1971ع ۾ لاهور مان شايع ٿي چڪي آهي.


لفظ شمس الدين فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو