آپا شمس عباسي

آپا شمس عباسي

شمس عباسي آپا

شمس عباسي، آپا: مشهور تعليمدان آپا شمس عباسي01 جنوري 1924ع تي حيدرآباد جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ قاضي عبدالقيوم جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد حيدرآباد ميونسپل جو پهريون مسلمان پريزيڊنٽ هو. آپا شمس اڃا پنجن سالن جي مس هئي ته سندس والد 1929ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهن بعد سندس پالنا سندس امڙ ڪئي. آپا پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ٽي درجا سنڌيءَ جا پاس ڪري ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي. ان وقت پرائمري تعليم سنڌي ٽي درجا هئي. جنهن بعد انگريزي اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا وٺبي هئي.
آپا شمس ۽ سندس ڀيڻ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان مئٽرڪ پوزيشن سان پاس ڪئي. هن جي وڏي ڀيڻ مهرالنساء پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۽ آپا 1939ع ۾ بمبئي يونيورسٽي جي مئٽرڪ جي امتحان ۾ پوزيشن سان ڪاميابي ماڻي. اهڙي طرح هن 1941ع ۾ انٽر ۽ 1943ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي. آپا شمس پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1944ع ۾ مدرسة البنات اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيو، جتي هن ٻن سالن تائين پڙهايو. 1947ع ۾ بي.ايڊ لاءِ ڪراچي وئي ۽ 1948ع ۾ ميران هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس مقرر ٿي. 1955ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد جي پهرين پرنسپال مقرر ٿي. 1971ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليج، 1974ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم جي پهرين ڊائريڪٽر مقرر ٿي، جتان 1984ع ۾ رٽائر ڪيائين. آپا نوڪريءَ سان گڏ تعليم به جاري رکي، جنهن دوران ايم.اي ۽ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين.
آپا شمس 1983ع ڌاري ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي ۽ سوسائٽيءَ وسيلي ڪيترائي پروگرام ڪرائي تعليم لاءِ جاڳرتا مهم هلايائين. هن جي زندگيءَ جو سمورو عرصو جدوجهد ۾ گذريو. هن تعليم جي واڌاري لاءِ ٻه خانگي اسڪول ’عقيل برائٽ اڪيڊمي قاسم آباد‘ ۽ ’برائيٽ ڪڊس اڪيڊمي لطيف آباد‘ جي نالي سان قائم ڪيا، جن جي نگراني پاڻ ڪندي هئي. ڪاليج جي شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا ڪرائي، کين انعام ڏيندي هئي ۽ پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرد کي اسڪالرشپ ڏئي سندس سمورو خرچ ڀريندي هئي. هن تعليم جي ترقيءَ جي حوالي سان ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي اردو، انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا رهيا. هن جون علمي خدمتن سان گڏ سماجي خدمتون به اڻ ڳڻيون آهن، جن ۾: اپوا سنڌ جي سرپرست، پروفيشنل اينڊ بزنس سنڌ جي سرپرست، ٿياسافيڪل سوسائٽي سنڌ جي صدر، سينيئر سٽيزنس جي نائب صدر، سنڌي عورت تنظيم جي صدر ۽ محسن ميموريل ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي سرپرست اعلى رهي. هن ڪيترن ئي ملڪن جا سير پڻ ڪيا، جن ۾ بئنگڪاڪ، پتايا، ملائيشيا، سنگاپور، انگلنڊ، فلپائن، منيلا، ايران، ترڪي، ڀارت، روس، چين، بيلجئيم، برلن، جرمني، آمريڪا، جپان، اٽلي وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ هن ڪيترا ڀيرا عمري جي سعادت پڻ حاصل ڪئي.
آپا شمس عباسي پنهنجي يادگيرين تي مشتمل آتم ڪٿا جو هڪ ڪتاب ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾‘ لکيو، جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي. هن نامور اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي زندگيءَ ۽ ادبي ۽ سياسي خدمتن تي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي، جنهن جو عنوان : ‘حڪيم فتح محمد سيوهاڻي’ هو، جيڪو سندس چاچو ۽ سهرو به هو. آپا کي علمي خدمتن جي اعتراف طور 200 کان وڌيڪ ملڪي ۽ عالمي سطح تي اوارڊ مليا. آپا شمس عبرت اخبار جي باني قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد قاضيءَ ۽ قاضي محمد اعظم وڪيل جي ڀيڻ آهي. قاضي محمد اعظم وڪيل، ايوب خان جي دور ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. آپا شمس 2010ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.01.01  عيسوي

مشهور تعليمدان آپا شمس عباسي01 جنوري 1924ع تي حيدرآباد جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ قاضي عبدالقيوم جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم بن اڌم بلخي
درويش سليمان
ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي
مقبول احمد شيخ
سليمان قاضي ڊاڪٽر
ذاڪر علي خان
چانڊورام سَنت
درويش دائود 1
ميان عبدالرحيم درس
ايبڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون